ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت پي ايس او ۾ 23 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ مفرور ڄاڻايل اڳوڻي ايم ڊي نعيم يحييٰ مير کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي مڪمل ڪري 21 آڪٽوبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته پي ايس او جي اڳوڻي ايم ڊي تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري 23 ارب رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي، پي ايس او آفيسرن بائيڪو ڪمپني جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري قومي ناڻي کي 23 ارب رپين جو نقصان پهچايو.