ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي قومي ايئرلائين پي آءِ اي ڪابل کان شهرين کي ڏيهه آڻڻ وارو آپريشن اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ پي آءِ اي ترجمان چيو آهي ته ڪابل کان پاڪستاني شهرين توڙي مختلف سفارتڪارن کي واپس آڻڻ لاءِ آپريشن شروع ڪندي ڪالهه ٽي جهاز ڪابل لاءِ روانا ٿيڻا هئا پر ڪابل ايئرپورٽ تي وڳوڙين جي رش سبب اڻ ڄاتل مدي تائين اسان جي ڪا به اڏام نه ويندي،