ڪراچي (م ڊ) سال 2021- 2022ع ۾ پي آءِ اي جا 2 اي ٽي آر جهاز حادثا ايئر لائن انتظاميا جي نااهلي سبب پيش آيا. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ 22-2021ع ۾ پي آءِ اي جي ٻن اي ٽي آر جهازن جي حادثن کي ايئر لائن انتظاميا جي نااهلي قرار ڏنو ويو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي 24 نومبر 2018ع تي اي ٽي آر جهاز حادثي سبب هڪ ڪروڙ هڪ لک 39 هزار 80 هزار جڏهن ته 20 جولاءِ تي گلگت ايئرپورٽ تي جهاز حادثي سان به اوتروئي نقصان ٿيو جڏهن ته حادثن سبب گڏيل طور تي ايئرلائن کي 2 ارب 79 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ نقصان ٿيو. رپورٽ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ۾ ناڪامي ۽ ناقص فيصلا ڪرڻ سميت فرسٽ آفيسر جي ڪردار جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، آڊٽ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جي جاچ رپورٽ ۾ حادثن جا مختلف سبب بيان ڪيا ويا آهن. آڊيٽرز، اختيارين کي انڪوائري رپورٽ شيئر ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ذميوارن خلاف ڊسپلنري ايڪشن کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.