پيپلز پارٽي وٽ پي ڊي ايم ۾ واپسي جو چانس موجود آهي: شاھد خاقان عباسي

0
239
وزيراعظم ڌمڪين تي لھي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نون ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي وٽ پي ڊي ايم ۾ واپسي جو چانس موجود آهي، موجوده حڪومت خلاف گڏيل جدوجهد اڻٽر آهي، احسن اقبال چيو ته عمران خان سول ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو، اڄ حالت اِها آهي جو حڪومت کي ماسڪ پارائڻ لاءِ به فوج جي ضرورت پئجي رهي آهي، موجوده حڪومت ۾ ڪوڙن ڪيسز ذريعي آفيسرز کي هراسان ڪيو، سازش تحت سياستدانن جي ڪردار ڪُشي ڪئي پئي وڃي، ڇا هتي رڳو سپريم ڪورٽ جو جج، اڳوڻو وزيراعظم ۽ سياستدان جوابده آهن، هن وقت 2 نه پر 10پاڪستان نظر اچي رهيا آهن، شهباز شريف کي بنا جواز جيل ۾ بند رکيو ويو، شهزاد اڪبر ڪاغذ لهرائي ڏيکاري رهيو هو، اُهي عدالت ۾ پيش ڇو نه ڪيا؟ عمران خان کي چئلينج ڪريان ٿو، منهنجي خلاف 32 پئسن جي به ڪرپشن ثابت ٿي ته قوم جو ڏوهاري هوندس.