اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول سستو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پيٽرول قيمتن ۾ 9 رپيا في لٽر گھٽتائي ڪئي پئي وڃي. تازي گھٽتائي کان پوءِ پيٽرول 253 رپيا في ليٽر ٿي ويندو. نيون قيمتون رات ٻارهين وڳي کان پوءِ لاڳو ٿي ويون. حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾7 رپيا في لٽر لاٿ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي وزير موجب هاڻي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 253 رپيا 50 پيسا هوندي. جڏهن ته پيٽروليم ليوي برقرار رکي وئي، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن کي به برقرار رکيو ويو آهي، نيون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن تائين لاڳو هونديون.