اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اوگرا سڀاڻي کان پيٽروليم شين جون نيون قيمتون مقرر ڪرڻ لاءِ سمري پيٽروليم  وزارت کي اماڻي ڇڏي، جنهن ۾ پهرين سيپٽمبر کان ذريعن موجب حڪومت کي پيٽرول جي في ليٽر تي ساڍا 3 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي  آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 5 رپيا، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 2 رپيا ۽ گاسليٽ جي في ليٽر قيمتن ۾ 3 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي،ناڻي وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان اڄ يعني 31 آگسٽ تي پيٽروليم مصنوعات جي نين قيمتن مقرر ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ۽ نيون قيمتون 15 سيپٽمبر تائين لاڳو تصور ٿينديون.