اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي في لٽر قيمتن تي لاڳو ٽيڪسن جا تفصيل سامهون اچي ويا، دستايز مطابق 16 اپريل کان پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 214 رپيا في لٽر ٿئي ٿي، في ليٽر پيٽرول تي 50 رپيا پيٽروليم ليوي، فريڊ مارجن 2 رپيا 26 پيسا، ڊسٽريبيوشن مارجن 6 رپيا ۽ ڊيلر مارجن 7 رپيا لاڳو آهي، جڏهن ته 16 اپريل کان ڊيزل جي في لٽر جي قيمت 234 رپيا ٿئي ٿي، ڊيزل جي في ليٽر تي 50 رپيا ليوي، ڊسٽريبيوشن مارجن 6 رپيا 32 پيسا ۽ ڊيلر مارجن 7 رپيا في ليٽر لاڳو ٿيل آهي.