پيٽروليم ڊيلرز پاران 5جولاءِ تي پئٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان

0
99
پيٽروليم ڊيلرز پاران 5جولاءِ تي پئٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان
پيٽروليم ڊيلرز پاران 5جولاءِ تي پئٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) پئٽروليم ڊيلرز پاران 5جولاءِ تي پئٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان، پاڪستان پئٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن پاران ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف سڄي ملڪ  ۾ 5جولاءِ تي پئٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ پئٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان پاران  هڙتال جو اعلان ڪيو ويو

عبدالسميع خان جو چوڻ آهي ته اڱاري تي اسلام آباد ۾ ڳالهيون ٿينديون، ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته 5جولاءِ تي پمپس بند ڪيا ويندا

عبدالسميع خان جو چوڻ هو ته هڙتال کي هڪ ڏينهن کان وڌيڪ به وڌائي سگهجي ٿو، هن مطالبو ڪيو ته حڪومت ايڊوانس ٽئڪس تي نظرثاني ڪري فوري طور ختم ڪري