پيرونمل: گهر مان چار ٻڪريون چوري، جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي، ڌرڻو

0
64
پيرونمل: گهر مان چار ٻڪريون چوري، جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي، ڌرڻو
پيرونمل: گهر مان چار ٻڪريون چوري، جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي، ڌرڻو

پيرونمل جي ڳوٺ مريد اڪبر سنگراسي ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن ڀاٽ برادري جون نامعلوم چور ٻه ٻڪريون ڪاهي ويا

جڏهن ڳوٺاڻن پاران ڪتا گهرايا ويا جيڪي پيرن جو پيڇو ڪندي چانڊيه برادري جي اوطاق تي ويهي رهيا، چانڊيه برادري  ڪاوڙ ۾ اچي ڀاٽ ۽ ڀيل برادري جي گهر تي هوائي فائرنگ ڪندي لٺين ڪهاڙين سان حملو ڪري عورت مردن تي تشدد ڪري ٻن عورتن سميت ٽن مردن کي زخمي ڪري وڌو

 واقعي خلاف خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي کپرو سانگهڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن بعد شرپسند ڀيل ۽ ڀاٽ برادري جي گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي

باهه ڏيڻ جي نتيجي ۾ ڀيل برادري جا 4 گهر سڙي رک ٿي ويا پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل داخل ڪرڻ جي خاطري بعد احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو ويو