پيروسڻ (ن پ ا) پيروسڻ ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي تي ٻن مختلف حادثن ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت، لاش گھر پُھچڻ تي  ڪھرام. تفصيل موجب پير وسڻ ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي روڊ تي حيدر شاھ اسٽاپ وٽ سکر کان نوابشاهه ويندڙ ٽرڪ ۽ اڪري کان پير وسڻ طرف ايندڙ موٽرسائيڪل ۾ آمھون سامھون خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ پيروسڻ ڀرسان ڳوٺ حسن محمد جمالي واسي 60 سالن جو عبدالستار جمالي ٿڏي تي فوت ۽ سندس نوجوان پٽ ظهير احمد جمالي شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال نيو پئي ويو ته نوجوان پڻ زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. بعد ۾ پير وسڻ پوليس ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا. پيءُ پٽ جا مڙھ گهر  پُھچڻ تي ڪُھرام مچي ويو. هڪ ئي گهر مان ٻن ڄڻن جا جنازا کڄڻ تي وارثن کي بيھوشيءَ جا دورا پوندا رهيا. ٻئي طرف حادثي جو شڪار ٿيل ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل کي پوليس پنھنجي تحويل ۾ ورتو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻئي طرف پيروسڻ ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي روڊ تي باغ بچراھ اسٽاپ وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ پيروسڻ ويجهو ڳوٺ باقي خان واسي ٽريڪٽر ڊرائيور امام الدين پٽ غلام جعفر جروار فوت ٿي ويو.