پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ پيراڻو ڀنڊ ۾ زمين جي مالڪي تي ڀنڊ ۽ چوهاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. ان ڏس ۾ ڀنڊ برادري جو چوڻ هو ته علي گل چوهاڻ جي ڌر حملو ڪري اسان جي پنج ڄڻن ارشاد، بهادر ، نعيم اظهر ۽ ڀلي ڏنو ڀنڊ کي ڪهاڙين ۽ ڏنڊن جا ڌڪ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻي طرف الزام هيٺ آيل ڌر جو چوڻ هيو ته ڀنڊ برادري اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڊارمو رچائي ڪيس داخل ڪرايو آهي ته جئين اسان پنهنجي زمين تان هٿ کڻو جنهن لاء ايس ايس پي خيرپور جاچ ڪرائي ۽ اسان مٿان داخل ڪرايل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي