پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ ڪارنهن الزام هيٺ مامي هٿان نوجوان ڀاڻيجي انتهائي بيدردي سان گوليون هڻي قتل، ڪيس داخل، رپورٽ موجب ڪوٽ پل واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار مامي فاروق جاگيراڻي پنهنجي ڀاڻيجي 19 سالن جي تھمينا ڌيءُ عباس علي جاگيراڻي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي وڏا ماڇيون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول ناري جي والد جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.