پيارو اسٽيشن (ن پ ا) پيارو اسٽيشن شهر ۾ 13محرم الحرام  جي حوالي  روايت موجب عزادرن پاران ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، شهر جي حسيني امام بارگاهه کان عزادارن جو جلوس برآمد ٿيو جيڪو علي آباد، ابڙا محلا، ڊاڪٽر سليمان چوڪ کان ٿيندو نيو دادو شگر مل جي مين گيٽ آڏو پهتو، شاهنواز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ نڪتل ماتمي جلوس ۾ سوين عزادارن شرڪت ڪئي، شگر مل جي گيٽ اڳيان مجلس عزا برپا ڪئي وئي جنهن کي علامه هُجت اسلام غلام عباس يعقوبي خطاب ڪيو، بعد ۾ مومنن پاران زنجير زني جو ماتم ڪيو ويو، آخر ۾ جلوس حسيني امام بارگاهه ۾ نهر ٿيو، جتي لنگر تقسيم ڪيو ويو، جلوس جي سڪيورٽي لاءِ انتظام غير معمولي رهيا، جلوس جي روٽن تي پوليس مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته انتظامي نااهلي سبب جلوس جي روٽن تي صفائي نه ڪئي وئي هئي.