پيارو اسٽيشن (ن پ ا) پيارو اسٽيشن ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو هوٽل تي ويٺل 45 ورهين جي علي حيدر برهماڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس دير سان پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي سئوٽ عابد برهماڻي ٻڌايو ته علي حيدر برهماڻي نثار برهماڻي جي زمين جو هارپو ڪندو هو، چانڊيا- برهماڻي تڪرار جو رنگ ڏئي کيس قتل ڪيو ويو، هن وڌيڪ چيو ته اسان غريب آهيون، ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ايس ايڇ او رڪڻ گلزار خشڪ صحافين کي ڪوريج روڪيندي بداخلاقي ڪندي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي .