ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا ۾ گهڻين ثقافتن ۾ مري ويل شخص جي وارث لاش ساڙي خاڪ پاڻ وٽ رکندا آهن، هڪ اهڙي واقعي ۾ هڪ عورت ته حد ئي پار ڪري ڇڏي، پنهنجي ناني جي خاڪ پچائي پاڻ به کاڌي ۽ والده ۽ ڀاءُ کي به کارايو، ميڊيا رپورٽس موجب اهو عجيب ۽ غريب واقعو آسٽريليا ۾ پيش آيو جٿي هڪ عورت هڪ ريڊيو شو ۾ ڪال ڪئي ۽ ميزبان کي ان وقت جهٽڪو لڳي جڏهن هن اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي ناني جي خاڪ پچائي کاڌي،شيئين نالي عورت ميلبورن بريڪفاسٽ جي نالي سان هڪ ريڊيو شو ۾ ڪال ڪئي، جتي ان کان پڇيو ويو ته زندگي ۾ ڇا ڪيو ڪا اهڙي ڳالهه آهي ؟ جنهن جو توهان کي اعتراف ڪرڻ چاهيندي، جنهن تي هن چيو ته مان پنهنجي ناني کي کاڌو آهي، شيئن ٻڌايو ته منهنجي ناني گذريل سال آگسٽ ۾ فوت ٿي وئي هئي، سندس لاش ساڙيو ويو هو، منهنجو سمورو خاندان، منهنجي والده تمام گهڻي ڏکاري هئي، اسان هڪ رات ماءُ وٽ وياسين ۽ اسان اهو خيال پيش ڪيو ته ڇو نه ناني جي خاڪ پچائي کائون، هن چيو ته مان خاڪ پچائي والده ۽ ڀاءُ سان گڏ کاڌي، ريڊيو ميزبان سوال ڪيو ته اهڙو ڪم ڪري پنهنجي ناني جي ويجهو پاڻ محسوس ڪري رهي آهي؟ جنهن تي شيئن جواب ڏنو ته هاڻي ناني هميشه انهن جي اندر رهندي.