خانپور: علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن علي حسن جتوئي، صاحب ڏنو جتوئي، بهادر ٻرڙو، عاصم دايو ۽ ٻين چيو آهي ته پوليس جي رٽ ڪمزور ھجڻ سبب واقعو پيش آيو، ھنن جو چوڻ ھو ته اطلاع باوجود حد جي پوليس واقعي واري هنڌ فوري طور نه پهتي، جنهن ڪري رتوڇاڻ ۾ 5 قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون، هنن چيو ته پوليس جي نااهلي سبب قبيلائي جھيڙا سنڌ ۾ ناسور بڻجي ويا آھن ۽ روزانو انساني جانيون ضايع ٿي رھيون آھن، جنهن ڪري تعليم تباهه ٿي وئي آهي. ھنن آرمي چيف، وزير اعظم، سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان گھر ڪئي ته پوليس جي سستي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.