لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي هر صورت ۾ مڪمل عملدرآمد ڪرايو وڃي، قانون کان ڪير به مٿانهون ناهي، سڀني سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو، هتي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن چيو ته 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ جنرل اليڪشن لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي پهتو آهيان، صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن کي هر صورت ۾ صاف شفاف بڻايو ويندو ته جيئن ڪنهن کي به ڪو اعتراض نه هجي، هن چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون وينديون ۽ فنڊس جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشش ڪئي ويندي، هن چيو ته بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ پهچايو ويندو، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان جون واضع هدايتون آهن ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي هر صورت ۾ بنا ڪنهن فرق جي عملدرآمدکي يقيني بڻايو وڃي.

دادو ( رپورٽر ) صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ دادو پهچي اليڪشن تيارين جو جائزو ورتو آهي ، صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور پاران ڊسٽرڪٽ اليڪش ڪمشنر دادو ، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي دادو سان گڏ شهر جي پائيلٽ هاء اسڪول ، گرلس هاء اسڪول ۽ ٻين پولنگ اسٽيشن جو معائنو ڪيو ، صوبائي اليڪشن ڪمشنر پاران ضلع انتظاميا سان ڊي سي آفيس ۾ ميٽنگ به ڪئي وئي ، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ڊي سي دادو ۽ ايس ايس پي دادو کي هدايت ڪئي آهي ته اليڪشن دوران جانبدار هئڻ جي شڪايت نه ملڻ گهرجي