پوئين رات جا لوڻاٺيل لفظ

0
654

گرمي جي شدت ايتري آهي جو ڪمرو ڄڻ آويءَ جيان پچي رهيو آهي، ڀتين تي هٿ رکان ٿو ته ڄڻ باھه جي ڄر هٿ تريءَ کي لڳي ٿي. مڇرن جي وڏي فوج آهي جيڪا ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ پيل ڪتابن ۾ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ مورچو ٺاهي لڪي ويهي ٿي ۽ جيئن ئي رات ٿئي ٿي ته اها فوج گهر ڀاتين تي دشمن فوج سمجهي حملو ڪري ٿي. رات جي هن پوئين پهر ۾ گهر جي گھٽيءَ تي مڪمل ڪاري اوندهه جو قبضو آهي خاموشي جو اهو عالم آهي جو تڏين جا گڏيل آواز به پڙاڏي سان اچي ڪنن سان ٽڪرائجن ٿا. گهٽي سنڀالي ويٺل لوسي ڪتو ڪيڏي ڪيڏي مهل ڏر مان نڪري وڏي اوناڙ ڪري ٿو سامهون جواب ۾ سندس ئي هم نسل ڪتو ٻئي گهٽيءَ تان جواب ۾ ڊگهو ڀونڪي وري گوڏن ۾ منهن هڻي سمهي رهي ٿو. وقفي وقفي سان ڪتن جي ڀونڪڻ جي آواز تي ڳوٺ جو ڌنار ٻڍو خان ننڊ مان جاڳي ، گھر جي کٽ تي ستي ئي هلڪي کنگھار ڪري ڄڻ ڪتن ۽ چورن کي گڏيل طور ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اڃان ٻڍو جاڳي پيو. متان سمجهو ڌراڙ ستل آهي.
لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا جو ڪتاب “وهي کاتي جا پنا” منهنجي هٿن ۾ آهي ۽ مان سمنڊ جي وچ تي ورهاڱي جا وڍ اندر ۾ کڻي ويندڙ مسافرن سان سٿيل اوچتو خراب ٿي ويل بحري جهاز “جل درگا ” جي مسافرن سان گڏ جهاز جي ڊيڪ تي پاڻ کي اڃارو ۽ بکارو محسوس ڪري رهيو آهيان. انگريز شاعر ڪالريج جي سٽ جيان
“water, water every where, not a drop to drink”
پاڻي پاڻي چئني پاسي پاڻي پر پيئڻ جي لاءِ هڪ ڦڙو به نه! واري ڪيفيت ۾ نيري سمنڊ ۾ جهاز سان گڏ بک، اڃ سان گڏ طوفاني لهرن سان مقابلو ڪري رهيو آهيان. ٻارن وٽ کير لپ ناهي هو هاڻي هاڻي روئي بي حال ٿي ستا آهن. مايوسي جي ان ڪيفيت ۾ منهنجي ڳوٺائي ڀڳتن ڀڳت چيٽو رام ۽ ان جي ڀاءُ پريتڻي ڀڳت، شاهه صاحب جو سر سامونڊي ڳائڻ شروع ڪيو آهي. شاھه جو سر سامونڊي وڇوڙي سان گڏ وصال جي اميد جو سر آهي. مانجهند جي درٻار جي سنتن ڇيريون ٻڌي نچڻ شروع ڪيو آهي طبلي، هارميونم ۽ ڇيرن جي گڏيل آواز سان گڏ شاھه جي سر سامونڊي جي بيتن “جل درگا” تي آيل موت کي پوئتي ڀڄائي ڇڏيو آهي. جهاز تي موجوده، لوڀين، ٺوڳين ،شرابين، جوارين جون اکيون هاڻي موت جي انتظار جي ڪيفيت مان ٻاهر نڪري آيون آهن.
مان پاڻ کي اڄ به اوڻيهه سوءُ ستيتاليهه جي دور جو اهو مسافر سمجهان ٿو جنهن جي هٿ جي لڪيرن ۾ ڌرتيءَ تان ڌڪجي وڃڻ جي ڪابه لڪير نه هئي ان هوندي به مان ڌرتيءَ تان بي دخل ٿيڻ جي خوف ۾ ورتل آهيان. ستيتاليهه جي ان ورهاڱي سان سرحدن جي ٻنهي پاسي انسانن جي وچ ۾ هڪ نئين مخلوق جنم ورتو آهي ان مخلوق کي دنيا هاڻي “شدت پسند” جي نئين تعارف سان سڃاڻي ٿي. ٻه قومي نظريي جي سياسي بيانيي هاڻي عقيدي جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ عقيدو شعور ۽ سمجهه کي پٺي ڏيئي بيهي ٿو ان عقيدي ۾ اهڙي ڪا لڪل منفي سگهه آهي جو ماڻهو مارڻ جو ڪم آسان ٿيو پوي عقيدي جي مخالفت ڪرڻ سان هتي اڪثر خونريزي جنم وٺي ٿي. اسان خوش نصيب الائي بدنصيب آهيون جو اسان ان خطي جا رهواسي آهيون جتي مختلف مذهبن جي وچ جي تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ماضيءَ ۾ حڪمرانن به نه صرف ڪوششون ورتيون پر ڪاميابيون ماڻيون. جنهن ڪري هن خطي جي ماڻهن جي نصيب ۾ رواداري ۽ سهپ جا اڻميا گنج آيا.
موريه خاندان جي ٽئين شهنشاهه مهاراجا اشوڪ ۽ مغليه خاندان جي به ٽئين شهنشاهه اڪبر جيڪا مذهبي رواداري ۽ ڀائيچارو پيدا ڪيو هو ان جي جڳهه تي ورهاڱي کان پوءِ شدت پسندي اچي جاءِ والاري آهي. مٿين ٻنهي شهنشاهن جي دورن ۾ مذهبي تفرقو نه هو نه ئي انهن دورن ۾ مذهبي شدت پسندن لاءِ رياست ڪي موقعا فراهم ڪري رهي هئي پر اڳتي هلي شدت پسند ٻه قومي نظريي مان پيدا ڪيا ويا. مسلمان ۽ هندو قوم جي غير منطقي تشريح سڄي خطي ۾ سياسي، معاشي سماجي ۽ اخلاقي ڀڃ ڊاهه جو سبب بڻي، شدت پسند اڳيان وڌي آيا جيڪي اڳتي هلي هندو مسلم اختلافن سبب انسان دوستي واري فلسفي جا انڪاري ٿي سامهون آيا نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا جو وڏو حصو خونريزي جي ور چڙهي ويو سرحدن جي لڪيرن تي رت جا درياءَ وهيا. انساني تاريخ جي وڏي لڏپلاڻ ٿي، خوني لڪيرن سان نه صرف ڌرتي ۽ ملڪيتن جي ورهاست ٿي پر ماڻهن جي خاندانن جي وچ ۾ به سرحدي ڀتيون اڀيون ٿي ويون. ستن ڏهاڪن گذرڻ کان پوءِ به اسان تاريخ مان سبق نه سکيا سين. اسان اڄ به شدت پسندن کي نه صرف رياستي ادارن جي مدد فراهم ڪريون ٿا پر انهن کي اقتدار جي مسند تائين پهچائڻ ۾ ڪسر نٿا ڇڏيون. حد ته اها آهي جو هاڻي شدت پسند وڌيڪ منظم ٿي رياست جي نه صرف رٽ کي چئلينج ڪن ٿا پر جنهن به حڪمران لاءِ چاهين ان تي ڪنهن به قسم جي فتويٰ جي ڪاتي ڦيري سگهن ٿا.
ورهاڱي کانپوءِ تعليمي نظام ۽ نصاب ۾ ڄاڻي واڻي تاريخ جي ڪوڙن قصن کي ورجايو ويو، نصاب ۾ سماج جي تنقيدي حس کي مڪمل نظر انداز ڪندي رڳو افسانوي ڪهاڻيون ٻڌايون ويون جن جو مقصد اهو ئي هو ته ماڻهو وڌيڪ شدت پسند ٿين. نقلي هٿرادو هيرا گھڙي ماڻهن کي انهن جي پوئلڳي لاءِ اتساهيو ويو ايتري قدر جو جمهوري راڄ تي راتاهو هڻندڙ ضياءَ جهڙي آمر کي به مرد مومن جا لقب ڏنا ويا نصاب جي ان غير حقيقي ۽ غير سائنسي پهلوءَ ملڪ ۾ فرقيواراڻي نفسيات ۽ جنگجو ذهانت جوڙي ورتي. قصو رڳو اتي ختم نه ٿيو عام ماڻهن کي سڄي دنيا تي حڪومت ڪرڻ جو خواب ڏيکاريو ويو. عالمگير معاشرن جي گڏيل چڱاين جي مالڪي ڪرڻ بدران بندوق ڪلهي ۾ وجهي دنيا جي ٻن سپر پاورن جي مفادن جي لاءِ عام ماڻهن وچ ۾ شدت پسند ڪردار جي تشڪيل ڪئي وئي. نتيجي ۾ ٻن هاٿين جي وچ جي جنهن لڙائي جا اسان حصيدار ٿياسين ان لڙائي اچي اسان جي گهٽي ۾باهه ڀڙڪائي آهي. اسان پنهنجي نصاب ۾ وڏيرا شاهي راڄ جي خرابين، ڪرپشن، پنهنجا نوازي، هٿيارن جي نقصانن، امن جي اهميت سماجي اخلاقيات بابت پڙهائڻ بدران اسان ماڻهن کي پڙهايو ته اسان کان سواءِ سڀ ڪافر آهن ۽ ڪافر کي مارڻ سان جنت ۾ جاءِ ملندي. اسان عام ماڻهن کي ابهامن جو شڪار بڻايو اسان انهن کي پڙهايو ۽ سمجهايو ته سائنس جي هر اها ايجاد جيڪا اسان نه ڪئي آهي اها ايجاد مسلمانن جي خلاف آهي ان ايجاد جي پويان ڪافرن جا مفاد لڪل آهن. پوليو وائرس ۽ڪورونا وائرس جي بچاءَ لاءِ ويڪسين جا مثال پنهنجي اڳيان آهن اڄ به اڪثريت جو خيال آهي ته مسلمانن کي کدڙو بڻائڻ لاءِ ڪافرن جي هي سازش آهي. جيئن مسلمانن جي آبادي گهٽجي سگهي. ڪافر ڪافر جي ان انسان دشمن بيان سبب هاڻي ملڪ جا شهري پنهنجي ئي ملڪ جي شهرين جي خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن ڪيتري عرصي کان ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ خودڪش بمبار پيدا ٿيندا رهن ٿا. شدت پسندي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملڪ ۾ نيون مذهبي تعويلون گهڙيون ويون آهن. نتيجي ۾ اسان وٽ فتويٰ ڏيندڙ مولوي ته پيدا ٿيا پر معاشي ماهر، سماجي سائنسدان، سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، استاد ۽ وڪيل پيدا نه ٿي سگهيا. ملڪ ۾ جنگجو ماڻهن جي ڳولي جنگي ۽ جهادي تربيت ڪئي وئي. بدقسمتي سان ان وقت اسان وساري ويٺا سين ته جنگجو هر صورت ۾ جنگ ئي چاهيندو ان ڪري هو هر وقت حالت جنگ ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندو. ڪنهن به ماڻهو جي هٿ ۾ بندوق ڏيڻ ته آسان آهي پر ان کان بندوق واپس وٺڻ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي. ايئن ئي شدت پسند کي ٻيهر پرامن بڻائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته تعليمي نظام ۽ نصاب کي بهتر ڪجي. ٻه قومي نظريي يا مسلمان قوم واري بيانيي کي تبديل ڪندي عام خلق جي ذهنن مان ٻين انسانن مٿان قائم فوقيت واري تصور کي هٽائي انساني برابري کي اهميت ڏجي.ملڪ جي خارجه پاليسي کي معاشي ترقي سان جوڙي پيش رفت ڪجي. پر اسان وٽ بدقسمتيءَ سان شدت پسندن جو ايڏو گهيرو آهي جو ماڻهو انهن معاملن تي هاڻي کلي طرح ڳالهائي به نٿا سگھن.
آمريتن جا دور شاهد آهن ته ملڪ جي دانشورن به شدت پسندن کي پنهنجو هيرو ڪري پيش ڪيو آهي.ان ڪري ھاڻي ھن ملڪ جي حالت سمنڊ ۾ خراب ٿي بيٺل بحري جهاز “جل درگا” جهڙي ٿي وئي آهي. جنهن ۾ موت جو خوف آهي مقرر تعداد کان وڌيڪ سٿيل مسافر هاڻي ڪناري جي ڳولا ۾ اکيون وجھيو سمنڊ جي پاڻي کي ڏسي رهيا آهن. ماڻهن جو وڏو تعداد افراتفري مان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رهيو آهي. ڀڄي جان بچائڻ جو ڪو رستو ناهي هر طرف جهاڳ ئي جهاڳ آ. ڪي ماڻهو جهاز جي ڪپتان جو گهيرو ڪري بيٺل آهن ته جهاز ڇو نه ٿو هلي. ڪو سمجهي نٿو ته“ جل درگا ” جا پرزا ايترا خراب ٿي چڪا آهن جو ھاڻي انھن جي مرمت ممڪن ناهي، جهاز جي انجڻ کي اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ نوان پرزا ٿا گهرجن. جيڪي پرزا هن جهاز جي اسٽور روم ۾ موجود ناهن ان لاءِ ٻاهرين دنيا جي ڪارخانن مان نوان پرزا گهرائڻا پوندا. جهاز جي انجنيئرن کي مٿي تي هٿ آهن. هر طرف اڃ ۽ بک آهي، ٻارن جون ڪيهون آهن روڄ ۽ راڙو آهي. مائرن جون اوجاڳيل اکيون آھن“پاڻي پاڻي چئني پاسي پاڻي آهي پر پيئڻ لاءِ ڦڙو ناهي!” مان مڇرن جي ڀونءَ ڀونءَ تي ڪتاب وهي کاتي جا پنا ٺپي ٻاهر گهر جي گهٽي ۾ نڪري اچان ٿو. گهٽي ۾ بيٺل لوسي ڪتو وڏي اوناڙ ڪري ٿو. سامهون گهٽي جي ٻئي ڇيڙي تان به ڀونڪ شروع ٿي وئي آهي.
مان اونداهه جي ڪاري چادر ويڙهي خاموش گهٽيءَ مان مٽيءَ جي چپٽي هٿ ۾ کڻان ٿو. ها هتان ئي پنڌ ڪري رات جي اونداهيءَ ۾ موت جي ڀوَ کان مانجهند جي درٻار جا َسنت ڀڄي نڪتا هئا. ڀڄڻ کان پهرين هنن بوبڪ جي ڀنگ جي ڀريل ڪونڊي کي گڙ گڙ ڪري پيتو هو. ان ويل ڀڳت چيٽو رام ۽ پريتي ڀڳت پنهنجي پيرن ۾ نه ڇير ٻڌي هئي نه گيڙو الفي پاتي هئي نه ئي ڪو سريلي آواز ۾ به ڀڄن ڳاتو هو. جيڪڏهن هو ان وقت طبلي جي ٿاڦ تي پيرن ۾ ٻڌل ڇيرن کي ڇمڪائي لطيف جي ڪنهن سر کي پنهنجي سريلين آواز ۾ ڳائين ها ته شايد سنڌ به ان ئي وقت “جل درگا” جهاز جيان اهي ڪجهه ڏينهن موت سان مقابلو ڪري نيٺ اچي ڪناري لڳي ها . پر رات جي اونداهي شاهد آهي ته شدت پسندن جي خوف ڇيرن کي ڇمڪائڻ نه ڏنو هو نه ئي وري ڀڳتن جي نڙي مان آواز نڪري سگهيا هئا.
ماضي ۾ مسجد منزل گاهه کي ميدان جنگ بڻايو ويو هو اڄ لاهور جو يتيم چوڪ پيٽرول بمن جي باھه سان ٻريل آهي.