پنگريو  (رپورٽ: علي مراد شاهه) پنگريو ڀرسان لاڙ جي لعل سيد سمن سرڪار جي درگاهه تي ناري سان زيادتي جي ڪوشش، ناري جي رڙين تي وارث سجاڳ ٿي پيا، جوابدار پڪڙي پنگريو پوليس حوالي ڪيو ويو، خبر موجب حيدرآباد واسي خاندان درگاهه سيد سمن سرڪار تي گذريل ٽن ڏينھن کان ترسيل هو، رات 2 وڳي اوقاف کاتي جي ملازم آصف ميمڻ جي پٽ واحد پٺاڻ مبينا طور ناري مھناز ماڇي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، ناري جي دانهن تي سندس والد سجاڳ ٿي پيو ۽ درگاه تي مقرر پوليس اهلڪار پھچي ويا جن واحد پٺاڻ کي پڪڙي پنگريو پوليس حوالي ڪيو، متاثر ناري پيءُ ابراھيم ماڇي سميت ٿاڻي تي پهتي، صحافين سان ڳالھائيندي ناري مھناز ۽ سندس پيءُ الزام هنيو ته عبدالواحد پٺاڻ رات جو دير سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون سان انصاف ڪيو وڃي.