سنگاپور (دلچسپ نيوز) نانيانگ يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي (اين ٽي يو) سنگاپور جي انيجينيئرز ڪاغذ استعمال ڪندي هڪ اهڙي سنهڙي بيٽري ايجاد ڪري ورتي آهي جيڪا هڪ ننڍي پکي کي 45 منٽن تائين هلائي سگھي ٿي.ان پروٽوٽائيپ بيٽري جي ٿولهه رڳو 0.4 ملي ميٽر، يعني انسان جي ٻن وارن جي ٿولهه جيتري آهي؛ جڏهن ته اها رڳو 4 سينٽي مينٽرز چورس جي آهي.بيٽري جي تياري ۾ هڪ خاص هائڊروجل واري سيلولوز ڪاغذ استعمال ڪيو ويو آهي جنهن جي ٻنهي پاسن کان زنڪ اليڪٽروڊز پرنٽ ڪيا ويا آهن.زنڪ اليڪٽروڊز مان بجلي گذرڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ان تي سون جو پاڻي به چاڙهيو ويو آهي.لچڪدار هجڻ سبب ان بيٽري کي موڙي سگھجي ٿو ۽ ان وقت به اها پنهنجو ڪم جاري رکي سگھي ٿي ۽ متاثر نٿي ٿئي.