سکر/ پنوعاقل (بيورو/ن پ ا) پنوعاقل سٽي ٿاڻي جي پوليس مقابلو ڄاڻائي ٻن جوابدارن کي ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو. ٻنهي زخمين کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو. پني عاقل جي  سٽي پوليس پاران ٻن ڄڻن کي ھاف فراءِ ڪيو ويو آھي. پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪندي چيو آھي ته ٻه موٽرسائيڪل سوار ڦورو گنڊوڪري ڦاٽڪ وٽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري رھيا ھئا، جن پوليس کي ڏسندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۽ پوليس مٿان فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار زخمي ٿي پيا ، جن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. زخمين جي سڃاڻپ رمضان ۽ جاويد ناپر طور ٿي آھي جن جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي. زخمي جوابدارن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويوآھي. سٽي ٿاڻي جي ايس ايچ او ذوالفقار چاچڙ موجب زخمي جوابدارن وٽان موٽرسائيڪل ۽ ٻه پستول به ھٿ ڪيا ويا آھن.