پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل مان ھڪ ھفتو اڳ گھر اندر ڌاڙي کانپوءِ اغوا ڪيل معصوم ٻالڪ بازياب، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ٻالڪ کي گاڏي ۾ کڻي وارثن وٽ پھتا، پوليس جو چوڻ آهي ته مھر گينگ ٻالڪ کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ھو، وارغثن کي ڀنگ جي فون به آئي هئي، پھري تي بيٺل عورتون گرفتار ڪيون آھن، خبر موجب ھفتو اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ محمد حسين آرائين کي پوليس ڪچي جي رضا ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، مغوي ٻالڪ کي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي امجد شيخ پنھنجي گاڏي ۾ کڻي پنوعاقل پھتا، جتي ٻالڪ کي وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻالڪ جي آزادي جو ٻڌي سڄو شھر مبارڪ ڏيڻ لاءِ سندس گھر پھچي ويو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ٻالڪ جي بازيابي ڏنڊو ڏئي عمل ۾ آندي آھي، رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري ٻالڪ جي پھري لاءِ مقرر ٿيل ٻن عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته عجيب مھر جي ٽولي ٻالڪ کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ھو، ٽولي ۾ جتوئي ڏوھاري به شامل آھن، ٻالڪ جي وارثن کان فون ڪري ٻه ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو، امجد شيخ چيو ته ٽريس ڪيل ڏوھاري گينگ خلاف اثرائتيون ڪارروائيون ڪيون وينديون ته جيئن وري ڪو اغوا جو واقعو پيش نه اچي، ٻئي پاسي چوٻول آھن ته ٻالڪ جي بازيابي راڄوڻي ذريعي عمل ۾ آئي آھي، جنھن ۾ سکر جي ھڪ سياستدان جي فرنٽ مين طور سڃاتو ويندو بااثر جو اهم ڪردار آهي، ٻالڪ جي والد اڪرم آرائين پاران ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سميت سڄي سنڌ جي شعور جا ٿورا مڃيا.