پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل مان اغوا ٿيل صحت کاتي جي ملازم کي پوليس پاران مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ . پنوعاقل مان 2 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل مغوي مختيار ڪلوڙ کي پوليس پاران مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، ايس ايس پي سکر طرفان جاري ڪيل بيان موجب صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ کي گدپور جي ڪچي ۾ مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو آھي. مغوي مختيار ڪلوڙ 2 مهينا اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو هو، جنهن جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪئي وئي هئي. ايس ايس پي سکر عرفان سمون موجب سکر پوليس مسلسل ٻن مهينن کان مغوي جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ لٿل هئي، جنهن کي ڪالھه گدپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي بعد آزاد ڪرايو ويو آھي. هوڏانهن علائقي ۾ مغويءَ کي مبينا ڀنگ عيوض بازياب ڪرائڻ جا چئوٻول پڻ هلندڙ آھن.