پنوعاقل اسپتال جو ملازم پراسرار نموني گم، موٽرسائيڪل ڪمند جي فصل مان هٿ

0
193

پنوعاقل (رپورٽر) پنوعاقل جي مٺو ڳوٺ واسي نوجوان ھيلٿ ڊپارٽمينٽ جو ملازم پراسرار نموني گم ٿي ويو، جڏهن ته سندس موٽرسائيڪل بائجي ٿاڻي جي حد مان ڪمند مان ھٿ آئي،، وارثن اغوا جو شڪ ظاھر ڪي ويو آهي، مختيار ڪلوڙ تعلقي اسپتال پنوعاقل ۾ نوڪري ڪندو آھي، گذريل رات گھر نه پهچڻ تي وارثن ڳولا بعد موٽرسائيڪل ڪمند مان هٿ ڪئي، جڏهن ته وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ويو آهي، بائجي ٿاڻي جي حد مان ھلندڙ مھيني ۾ ميرپورخاص واسي نوجوان ۽ ڳوٺ چونگھا واسي ٽن پورھيتن سميت اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 5ٿي ويو.