شھدادڪوٽ (رپورٽر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد الله آباد محلي ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر ايم اسحاق بوزدار جي گهر مٿان ھٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي، فائر ڪيل گولي ايم اسحاق بوزدار جي گهر جي ڏاڪڻ واري ڀت ۾ اچي لڳي. فائر ڪيل گولي کان الله پاڪ اسحاق بوزدار جي ٻارڙن ۽ فيملي کي محفوظ رکيو آهي. ڪجهه ڏينهن پھريان ٽائيم نيوز جي رپورٽر ايم اسحاق بوزدار کي موبائل تي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون ھيون، فائرنگ ڪري ايم اسحاق بوزدار ۽ سندس فيملي کي هراسان ڪيو ويو. واقعي جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس  پي قمبر کان گهر ڪئي وئي ته ايم اسحاق بوزدار جي گهر مٿان فائرنگ ڪندڙن جو پتو لڳائي جاچ ڪئي وڃي ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر ايم اسحاق بوزدار کي تحفظ فراھم  ڪيو وڃي.