وارهه (ن پ ا) وارهه ۾ پنهنجي اخبار جي خبر جو نوٽيس، شهر جي مختلف پاڙن ۾ ستن مهينن کان ڪٽيل گئس جي سپلاءِ بحال، رهواسين ۾ سرهائي. خبر موجب شهر جي مختلف پاڙن سچل ڪالوني، گل شاھ، ابڙا ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل ستن مهينن کان گئس جي لائين ٽُٽڻ سبب فراهمي بند هئي، جنهن جي خبر پنهنجي اخبار ۾ ڇپجڻ بعد سئي سدرن گئس ڪمپني قمبر شھدادڪوٽ جي زونل مئنيجر احمد بخش پتوجو نوٽيس وٺندي عملي کي لائين ڳنڍڻ جو حڪم ڏنيو، جنهن بعد عملي لائين ڳنڍي سپلاءِ بحال ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ رهواسين پاران پنهنجي اخبار جو شڪريو ادا ڪيو ويو.