مُلا نصير الدين

جي چالاڪي!

ملان نصير الدين شهر جي هڪ درزيءَ کان درزڪو ڪم سکندو هو، هڪ ڏينهن سندس استاد ريشمي رومال سان ڍڪيل هڪ پيالو کڻي آيو، مُلا کي چيائين ته: “هن ۾ زهر آهي، هن کي هٿ نه لائجانءِ” ايئن چئي استاد ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر هليو ويو، مُلا هڪ دم رومان پري ڪيو، ڏٺائين ته ان ۾ ماکي هئي، هو هڪدم نانوائيءَ وٽان ٻه مانيون وٺي آيو ۽ سموري ماکي مانين سان کائي ڇڏيائين. سندس استاد واپس آيو ته مُلان کان پڇيائين ته: “ رومال ڪاڏي ويو؟” مُلان ويچارو ٿي کيس جواب ڏنو ته: “معاف ڪجو، اڄ منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي، توهان خير سان ويئو ته مون کي ننڊ اچي وئي، ڪو چور رومان چورائي ويو، جڏهن جاڳيس ته رومال نظر نه آيو، ڏاڍو ڊپ ٿيو ته استاد ان جي ڪري ماريندو. سوچيم ته مار کائڻ کان مرڻ بهتر آهي، تنهن جي ڪري سمورو زهر کائي ڇڏيم. خبر ناهي ته ڪهڙو زهر هو، جو اڃا تائين جيئرو ويٺو آهيان.”

نواز علي شوق/ڪراچي

سنڌ جا ماحولياتي مسئلا!‎

سنڌ، جيڪا پنھنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي ڪري مشھور آهي، اڄ ڪلهه ڪيترن ئي ماحولياتي مسئلن جو شڪار آهي، انھن مسئلن ۾ مٺي ۽ زرعي پاڻيءَ جي کوٽ، زمين جي خراب حالت ۽ آلودگي شامل آهن. اهي مسئلا نه رڳو قدرتي وسيلن کي نقصان پھچائي رهيا آهن پر انھن جو اثر انساني صحت ۽ معيشت تي به پئجي رهيو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، سنڌو درياهه جو پاڻي گھٽجڻ ۽ ان جي غير منصفاڻي ورهاست سبب سنڌ جي زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي تي تمام گڻا خراب اثر پئجي رهيا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ سبب فصلن جي پيداوار گھٽجي وئي آهي ۽ ڪيترائي علائقا خشڪ ٿي ويا آهن. ان سان گڏ سامونڊي پاڻي جي سطح وڌڻ جي ڪري زمين ۾ لوڻياٺ وڌي ويو آهي، جنھن جي ڪري زرعي زمين غير آباد ٿي رهي آهي. آلودگي به سنڌ جي وڏن مسئلن مان ھڪ آهي، صنعتي آلودگي ۽ گھريلو فضلو پاڻيءَ جو مناسب طريقي سان نيڪال نه ٿيڻ ڪري پاڻي، هوا ۽ زمين کي آلودگي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. خاص ڪري ڪراچي جيڪو ملڪ جو وڏو شھر آهي، اتي هوا جي آلودگي جي شرح تمام گھڻي آهي. اهو نه رڳو ماحولياتي پر انساني صحت لاءِ به تمام خطرناڪ آهي. آلودگيءَ سبب بيمارين جھڙوڪ دم، ساهه جي بيمارين ۽ دل جي بيمارين جو خطرو وڌي رهيو آهي. سنڌ ۾ ان جي ذميوار پاڪستان پيپلز پارٽي آھي جيڪا ڪيتري وقت کان اقتدار ۾ آھي. زمين جي خراب حالت به سنڌ ۾ ھڪ اهم مسئلو آهي. غير قانوني ٻيلن جي واڍي، غير مناسب زرعي طريقا ۽ شھري ايراضين جي ڦهلاءَ جي ڪري زمين جي زرخيزي گھٽجي وئي آهي. انھن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پائيدار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ، ٻيلن کي محفوظ ڪرڻ ۽ آلودگي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌ جي ماحولياتي مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ حڪومت غير سرڪاري تنظيمن ۽ عوام کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پاڻيءَ جي ذخيرن جي بھتر انتظام، آلودگيءَ جي ڪنٽرول ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ سان سنڌ کي ھڪ بھتر مستقبل ڏئي سگھجي ٿو. ماحولياتي شعور پيدا ڪرڻ ۽ تعليمي آگاهين ذريعي عوام کي پنھنجي ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ به اهم آهي، جيئن سنڌ جي قدرتي حسن ۽ وسيلن کي مستقبل جي نسلن لاءِ محفوظ رکي سگھجي.

محمد جعفر صادق/ٺري ميرواهه خيرپور

حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

صبح ساڻ ملاقات جو سڏ ٿئي ٿو، شي شي جي هُن پار پنهنجي وڪيل دوست فضل الرحمٰن چنڊ کي ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي. هُن کي چيم ته ماڙيءَ ۾ اچ ته روبرو ويهي ڪچهري ڪريون ۽ صلاح مشورو ڪيون! ماڙيءَ ۾ ايندي ايندي فضل کي ڏهه منٽ لڳي ويا. اصل ۾ طالب ۽ منير جھڙا عملدار مون کان ۽ منهنجي وڪيل کان ڊٺي رهيا هئا جنهن کي مون ٻڌايو ته اهو ته مڃيل اصول آهي ته وڪيل پنهنجي اصيل سان ڳجھي طور تي صلاح مشورا ڪري سگھي ٿو ۽ سموري دنيا اهو حق مڃي ٿي ۽ اهڙو موقعو فراهم ڪري ٿي پر هتي اسان اهڙن ظالمن جي هٿ چڙهي ويا آهيون جيڪي دني اجي ڪنهن به قانوني يا انساني قاعدي جا پابند نه آهن، ماڙيءَ ۾ آئون ۽ فضل هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا هئاسين، هُن چيو ته ڪاش تون جيل وارن جي خلاف اخبارن ۾ ايترو نه لکين ها ته اڄ تو گھر هجي ها. مُرڪي چيومانس ته بي سبب مون کي فيڊل ڪاسترو بڻائي رهيا آهن، هُن چيو ته هاڻ پارٽي ايس ايس پي کي ٺاهڻو آهي يا جيلر کي؟ چيومانس ته ايس ايس پي سٺو ماڻهو آهي، باقي اڳواڻ وري به ته اهو ئي آهي نه؟ اسان اڃا اُتي ئي ويٺا هئاسين ته نئون آيل ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مولا بخش سهتو اچي اسان سان مليو، هو فضل جو ڪلاس فيلو هيو، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي آفيس ۾ وٺي ويو، ڪچهري ڪچهريءَ ۾ خبر پئي ته هُو هالي روڊ حيدرآباد جو رهائشي آهي، ڊپٽي منهنجو رڪارڊ گھرايو، جيڪو چيڪ ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته اڃا منهنجي 6 مهينا سزا باقي آهي ۽ 6 مهينا وري ڏنڊ جا، ڪجھه دير ۾ جيلر شڪيل به اچي ويو، هُن چيو ته Exam جي معافي لڳڻ کان پوءِ آصف گھر هليو ويندو. فضل جڏهن هن سان بحث ڪيو ته هُن چيو ته خراب رڪارڊ جي ڪري قيدي ان معافيءَ جو حقدار ناهي رهندو. هن هڪ حوالو به اسان کي ڏيکاريو، هن چيو ته آصف هاڻ تون رڳو گھر وڃڻ جي تياري ڪري ۽ اسان کي پنهنجي ڪم ڪرڻ ڏي. هُن ماسٽر دانش کي به گھرائي فضل سان ملايو. خير ڊپٽي اسان کي تمام گھڻي عزت ڏني، فضل کي چيائين ته آصف جو آءِ جي آفيس ۾ به نالو تمام مشهور آهي. فضل مون کي ڪَن ۾ سمجھائيندي چيو ته ڊپٽيءَ سان ديوستن جيان آئون بلڪل به پيش نه اچان، هُن مون کي چيو ته تو واري وڪيل نورين به وڏي تعريف ڪري رهي هئي، فضل کي جيل وارن تمام گھڻو سمجھايو پر پوءِ به هو وڪالت نامي تي مون کان صحيح وٺي پوءِ ئي روانو ٿيو، اُهو ويندي ويندي مون کي چئي ويو ته آئون شام جو واٽس ايپ واري کي ڪال ڪري تمام صورتحال ٻڌائي ڇڏيندس. اڄ خبر پئي ته سلامت لاکي کي سينٽرل جيل سکر بدلي ڪيو ويو آهي، سائين لياقت سان ملاقات ٿي جنهن کي به تمام صورتحال کان آگاهه ڪيم. شهزاد سميجي سان به ڪچهري ٿي، جنهن جي لاءِ آءِ جي ڪال ڪري رهيو آهي پر طالب گھوڙو هن کي ڪاري چڪر ۾ کولي خالي نٿو ڪري ڏئي. هينئر عبدالرشيد ڏيٿو ۽ مشقتي حسين عثمان ڊرامون ڏسي رهيا آهن ۽ آئون حضرت عليءَ جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان ڇو جو عبدالرحمٰن بن ملجم اڄوڪي ئي ڏينهن تي مولا کي ضرب هڻي زخمي ڪيو هو. (پهرين اپريل 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

اسڪول ويندي آئون پنهنجي هانڊيوال دوست مقيم يوسفزئي کي اُها ذميواري ڏئي ويو هئس ته منهنجي اسڪول وڃڻ کان پوءِ پنهنجي کوليءَ جي سامهون واري جيڪا پاڻيءَ واري ٽانڪي مڇين سان ڀري پئي آهي، تن مڇين کي کائڻ جي لاءِ داڻو ڏجانءِ، ان تي مقيم مون کي چئي ٿو ته انهن مڇين کي آئون ڇا ٿو کارائي سگھان، مون مقيم کي چيو ته ٻيو ڪجھه به نه سامهون پارڪ مان مُٺ کن گاهه پٽي تِن کي ڏجانءِ. اهو چئي آئون اسڪول شاگردن کي پڙهائڻ هليو ويس، اسڪول پڙهائي جڏهن واپس پنهنجي کوليءَ تي آيس ته مقيم مون کي ڊڄي ڊڄي چوڻ لڳو ته سردار معاف ڪجانءِ آئون اوهان واري ذميواري وساري ويٺس. مون کان مڇين کي داڻون کارائڻ وسري ويو، مون سندس منهن ۾ ڪاوڙ منجھان ڏسي جوابدار معشوق نوحاڻي کي سڏ ڪري پنهنجي کوليءَ جو دروازو کولرائي کوليءَ جي سامهون پارڪ تان مٺ کن گاهه جي پٽي انهن مڇين کي کارائي. اڃا آئون مڇين کي گاهه ڏئي رهيو هئس ته ايتري ۾ صدام مگسي ٽانڪي وٽ پهتو ۽ چيو ته هل ته هلي مون وٽ چانهه پيئون، مڇين کي ڇڏي آئون صدام مگسيءَ جي چانهه پيئڻ لاءِ سندس کولي نمبر 22 جي ٻاهران ويٺاسون، اڃا آئون ۽ صدام مگسي چانهه پي رهيا هئاسين ته سائين منور لغاري اچي مون کي چيو ته مٺا ملاقات آئي اٿئي. ملاقات جو سڏ ٻڌي  جلدي ملاقات روم ۾ پهتس، ملاقات روم ۾ پهچڻ شرط غلام نبي بروهي مون کي چيو ته سامهون وڪيلن واري روم ڏانهن وڃ. ڪجھه وڪيل اوهان سان ملڻ آيا آهن. غلام نبيءَ جي چوڻ تي وڪيلن واري بوٿ ڏانهن هليو ويس، بوٿ ٻاهران منهنجو پيارو ڪندن وڪيل ذوالفقار بروهي پنهنجي وڪيل دوستن سان گڏ بوٿ ٻاهران بيٺو هو، ذوالفقار ۽ سندس اهي سڀ دوست ڪجھه ڏينهن پهرين به ماڙيءَ ۾ ملاقات ڪري ويا هئا، جن سان آئون ماڙيءَ اندر نجيب جاگيراڻي صاحب جي آفيس ۾ مليو هئس. ڪافي دير ذوالفقار سان ڪچهريون ڪيم، وڪيلن دوستن سان ملي جڏهن واپس پنهنجي کوليءَ تي آيس ته کوليءَ اندر مقيم يوسفزئي مڇين واري ڳالهه تي اڃا پريشان پريشان ويٺو هو.

سردار محمد ايوب بروهي/ سينٽرل جيل حيدرآباد