مُلا نصير الدين جي سياسي اڳواڻ کي سهڻي صلاح!

ملا نصير جا کل ڀوڳ وارا ٽوٽڪا جڳ مشهور آهن، سندس ڏاهپ جون ڳالهيون دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. هڪ ڀيري هڪ جاهل سياسي اڳواڻ جلسي ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي چڙهي آيو ته ماڻهن جي ميڙ جو مٿس ايڏو اثر ٿيو جو کانئسن تقرير ئي وسري وئي. پارٽيءَ جا ورڪر جوش مان “زنده آباد، زنده آباد” جا نعرا لڳائي رهيا هئا ته جيئن هُو ڪا جوشيلي تقرير ڪري پر هُو ماٺ ڪيو وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن نِهاري رهيو هو. نيٺ هيٺان کان ڪنهن رڙ ڪئي ته: “سائين ڪجھه ته ڳالهايو، اسان اوهان جي تقرير ٻڌڻ جي لاءِ آيا آهيون.” سياسي اڳواڻ جواب ڏنو ته: “ڇا ڳالهايان؟ مان ته ڪجھه سوچي به نٿو سگھان، مون کي ڪجھه سمجھه ۾ ئي نٿو اچي!” اهو ڏسي مُلا نصير الدين اسٽيج جي آڏو اچي کيس چيو ته: “جيڪڏهن ڪجھه سمجھه ۾ نٿو اچئي ۽ ڪجھه سوچي به نٿو سگھين ته پوءِ اسان جو وقت نه وڃاءِ، مهرباني ڪري هيٺ لهي اچ، اسان توکي ڪجھه به نه چونداسون.” اسان جا اڪثر اڳواڻ به ايئن ئي آهن، کين ڪجھه سمجھه ۾ نٿو اچي، هڪ ڳالهه سوچين ٿا ته پئسو ڪيئن ڪمائجي!

نواز علي شوق/ڪراچي

ھڪ چٺي ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي نان!‎

محترم رفيق احمد جمالي اميد ته خوش ھوندئو آباد ھوندو. سائين ڳوٺ پريو جمالي جا رھواسي اوھان جي بابا سائين جا پراڻا ووٽر آھن ۽ وفاداريءَ جو اھو ثبوت ڪافي آھي ته توھان ھن وقت تائين ڳوٺ پريو جمالي جو پولنگ تان کٽيندا پيا اچو. بدلي ۾ اوھان ھن ڳوٺ کي اجتماعي طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي، چند ماڻھن کي راضي رکڻ اوھان جي عادت آھي يا مجبوري پر بهرحال ڳوٺ پريو جمالي جي مسڪين، خاص ڪري ملاڻي بکراڻي پاڙو ھميشه اوھان جي نظرن کان اوجھل رھيو آھي. نوڪريون ھجن يا ڪي خاص اسڪيمون پر اوھان فقط چند ماڻھن کي ئي سڀ ڪجھ سمجھيو آھي. بدلي ۾ اوھان جي طرفان مليل ھر سھولت ھر رليف ناڪاره بڻجي ڳوٺاڻن جي اھنجن ۾ تڪليف جو سبب بڻي آھي. خدا واسطي ھڪ ڀيرو ئي سھي اوھان اڻ ڌري جاچ ڪرايو ته اوھان طرفان مليل اسڪولن، اسپتالن، واٽر سپلاءِ اسڪيمن يا عيد گاھ جي اسڪيمن سان ڪھڙي تعدي ڪئي وئي آهي. مھرباني ڪري ھن ڳوٺ تي رحم ڪيو، اميد ته سدا خوش ھوندو.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ملڪي سياست جا پيرا!

(حصو پهريون)

تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ پي ٽي آءِ جي سياسي عهدي سيڪريٽري جنرل تان استعيفي ڏئي ڇڏي آھي، سندس شوشل ميڊيا تي ڇڏيل ٽوئيٽ تي موقف آھي ته جيڪو پي ٽي آءِ باني جي نالي سان منسوب آھي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته مئي 2023ع کان پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري طور خدمتون هڪ اعزاز هو، مون تي اعتماد ڪرڻ واري عمل تي مان ٿورائتو آھيان، هن وڌيڪ لکيو ته مون کي لڳي ٿو ته مان هاڻي عهدي سان انصاف ناهيان ڪري سگهيو. پارٽي جو حصو آھيان، قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر ليڊر واري عهدي تي ڪم ڪندو رهندس. اهڙي نموني نواز ليگ جي خاص عهديدار ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آھي ته پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون ناڪام ٿي چڪيون آھن. ملڪ جا اهم عوامي ۽ ملڪي مسئلا تمام گهڻا آھن جن کي سياسي پارٽيون حل نٿيون ڪن  اهي مٿيان بيان ۽ سياسي صوتحال کي جڏهن پڙھي جائزي طور سامهون رکون ٿا ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ مسلم ليگ واحد سياسي پارٽي هئي جيڪا مسلمانن جي ترجمان پارٽي هئي، ان ۾ ڪو بگاڙ نه آيو ۽ هو يڪجهتيءَ سان گڏ هليا، ايئن هنن پاڪستان حاصل ڪيو. اهڙي طرح هندستان ۾ ڪانگريس جيئن هئي تيئن آھي هن وقت به خود مودي واري پارٽي ڏسو تنهن ۾ به ڌڙابندي ناهي. ڏٺو اهو ويو آھي ته هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي سياسي تربيت پڻ ناهي ٿي رهي. اهو سلسلو اسان وٽ ئي ناهي پر پاڙيسري ملڪ سريلنڪا ۽ بنگلاديش سميت کوڙ سارن ملڪن ۾ پڻ آھي. دنيا جي ڪامياب جهموريت پسند ڌرين ۾ ايئن ناهي، لازمي آھي ته اتي سياسي ورڪرز جي تربيت ٿئي ٿي، ان ڪري اتي سياسي ورڪر يا پارٽي ذميوار روز روز سياسي وفاداريون ناهن مٽائيندا. ان ڪري جيڪڏهن مٿين صورتحال جيڪا ملڪ ۾ پيدا ٿيندي رهي آھي ۽ اڳتي به عمر ايوب جي استعيفيٰ ۽ خاقان عباسيءَ پاران نواز ليگ مان نڪري نئين پارٽي جو اعلان ڪرڻ سان پڻ سياسي پارٽيون بجاءِ مضبوط ٿيڻ جي وڌيڪ ڪمزور رهنديون، جنهن سان لازمي آھي غير سياسي حلقن کي مدد ملندي رهندي. ان عمل سان سياسي پارٽين جي رٽ قائم نه رهندي ته پوءِ سياسي پارٽيون ڪيئن قائم ۽ دائم رهي سگهنديون. اهو هڪ جذباتي رجحان آھي جيڪو سياسي قوتن لاءِ بهتر ڪونهي. هاڻ ڏٺو وڃي ته هي جيڪو سياسي پارٽين جو ٽٽڻ وارو ڪلچر آھي سو سياسي ڌرين لاءِ جمهوريت لاءِ ۽ ملڪي سياست لاءِ بهتر ڪونه آھي. (جاري)

رحمت الله ٻڙو/ڪراچي

هڪ چٺي ايس ايس پي نوشهروفيروز ڏانهن!‎

سنڌ پوليس قابل احترام آهي جنهن ۾ بالا آفيسر ته پنهنجي ڊيوٽي پابندي ۽ سچائي سان نڀائي رهيا آهن جنهن ۾ سنڌ اندر تازي سندن ڪارڪردگي قابل تعريف آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سندس ماتحت پوليس اهلڪار پنهنجي ساک پت وڃائي ويٺا آهن جنهن ۾ اسٽيشنن جا منڇي، جمعدار ۽ ننڍا منڇي ۽ خاص طور تي ٽريفڪ پوليس وارا پنهنجي ڊيوٽي ان حساب سان نه نڀائي رهيا آهن جيئن کين نڀائڻ کپي ها! اسان جي پوليس ڇا ڪري رھي آھي نوشھروفيروز کان مورو تائين 400 جو گاڏي ۾ تيل ڀرايون رستي ۾ ٣ ڀيرا پوليس روڪي، وري ٽريفڪ پوليس وارن جو ڳالھايڻ ته قابل تعريف آھي، اڙي بيھ بيھ، اڳتي وڃين بيٺو ويچارو وراڻي، “جي سر حڪم ڪيو” “اڙي ڪاڏي ٿو وڃين ايڏي اسپيڊ ۾” “سر شھر ۾ نوڪري ڪندو آھيان اوڏانهن پيو وڃان.” ڪاغذ ڏيکار، جي سر حاضر، سر ھي وٺو ڪاغذ” “صحيح آ چانھ پيار تڪڙ ۾” “سر مان مسڪين 20 ھزار پگھار آ، سر مان ڪيئن ٿو گذارو ڪيان مون کي خبر آهي وري اوھان کي چانھ پياريان؟” ڳالھ کٽائڻي ته اسان جي پوليس روڊ تي اچي صرف  اٻوجھ ماڻھن کان پئسا وٺڻ جي چڪر ۾ رڌل آھي، باقي چورن سان پوليس ڇا جو وڃي؟ خميس جي ڏينهن 27 جون تي اسان جي ڳوٺ صاحب خان کوسو يوسي نورپور جي رهاڪو قائد عوام يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ انتهائي غريب شاگرد غلام باقر کوسو جي 2018ع ماڊل ايڪسپريس موٽر سائيڪل NRSP برانچ  مورو مان ڪاھجي وئي جنهن جي اين سي پڻ مورو ٿاڻو تي درج ڪرائي وئي آهي پر اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه مليو آهي. ايس ايس پي نوشھروفيروز کي عرض آھي ته خدارا اسان جو ضلعو ڪشمور وارو ڏيک ڏئي رھيو آھي، ڪير به پاڻ کي محفوظ نٿو سمجھي، ان جي سار سنڀال لهي وڃي ۽ ماڻهن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي جيئن امير پنهنجي پئسي ۽ ڌن دولت جي ڏاڍ تي باحفاظت گهمي ڦري رهيا آهن تيئن غريب پنهنجي عزت واري زندگي سڪون ۽ تحفظ سان گذاري سگهن ۽ تازو مورو ٿاڻي جي حد ۾ چوري ٿيل گاڏي چورن کي سخت سزا ڏئي قانون جي پت شانائتي بڻائي وڃي.

مومن محبتي/ڦل، شهر

علامه اقبال، لياقت اشرف ڪالونيءَ ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گھٽايو!

KESC طرفان ٿيندڙ 14 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب لياقت اشرف ڪالوني، علامه اقبال ڪالوني، محمود آباد، محمود آباد گيٽ ۽ آسپاس جي رهواسين کي سخت تڪليفن مان گذرڻو ٿو پوي. ڏينهن هجي يا رات بجليءَ جي اک ٻوٽ خاص طور تي معصوم ٻارڙن ۽ گھرن جي عورتن جي لاءِ مسئلو ۽ مصيبت بڻيل آهي، ڏينهن رات هن سخت قهر جھڙيءَ گرميءَ ۾ بجليءَ جي اک ٻوٽ جي ڪري هتان جي عوام جو آرام ئي حرام ٿي ويو آهي. ڊگھي لوڊشيڊنگ جي ڪري علائقي واسين ۾ مختلف بيمارين پڻ جنم وٺڻ شروع ڪيو آهي. انهن ڄاڻايل علائقن جي رهواسين هميشه بجليءَ جا بل وقت تي پي ادا ڪيا آهن ۽ انهن علائقن ۾ بجلي ڪجھه وقت پهرين بلڪل به نه ويندي هئي پر هاڻي اُتي 14 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ بجليءَ جا بل به انتهائي ڳرا اچي رهيا آهن. سخت گرميءَ ۾ لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائيءَ جي ستايل ماڻهن جي واسطيدار عملدارن کي گذارش آهي ته هن ايڏي وڏي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو وقت گھٽائي 2 يا 3 ڪلاڪ ڪيو وڃي جيئن محمودن آباد گيٽ ۽ هڪ نمبر ۾ آهي ۽ رات جو 11 وڳي کان پوءِ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ بلڪل به نه ڪئي وڃي، جيئن گھر ڀاتي ۽ سڄو سڄو ڏينهن آفيسن ۽ اُسن ۾ سڙندڙ عوام رات جو ته سک جو آرام ڪري سگھي.

بشير احمد/محمود آباد، ڪراچي

حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

(حصو ٻيون)

آچر جو ڪارو ڏينهن گذارڻ لاءِ ڪاري چڪر تي سائين لياقت علي لغاريءَ جي کوليءَ جو رُخ ڪيان ٿو، ڪاري چڪر تائين ذيشان صواتي مون سان گڏ هلي ٿو، ڪجھه ڪلاڪ بابا سائينءَ جي دوست ۽ هُن جي ڀائرن سان گذاري تمام گھڻو سُٺو محسوس ٿيو، علي غلام سان گڏجي بائسپس جي ورزش ڪيم ۽ رشيد سان گڏجي عار جو ڪم ڪيم. شام جو دير تائين وزير آغا جا غزل کليل آڪاش جي هيٺ ويٺي پڙهيم. جوابدار ڪريم جو چوڻ آهي ته جيل جو ڪو به سپاهي يا آفيسر مون جھڙي باغي قيديءَ سان دلي طور راضي ناهي. اهي سڀ روبرو جا مصالحه آهن. مُرڪي چوانس ٿو ته آئون نٿو چاهيان ته ڪو حرامخور مون سان راضي هجي، آئون بسم الله جي ئي رضا ۾ راضي ٿو رهڻ چاهيان. هينئر رشيد ۽ چا حسين عثمان ڊار ڊرامون ڏسي رهيا آهن ۽ آئون “چهڪ اٽهي هي لفظون ڪي ڇاگل” ڪتاب جي غزلن ۾ پاڻ کي ڳوهي رهيو آهيان، هر طرف کان رڳو عثمان سيريل جا ساز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، جيڪي دل کي ڌڙڪائي رهيا آهن. (پهرين اپريل 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

زندان ڇا آهي؟ زندان منجھه قيدين سان ڇا ڇا ٿيندو آهي، اها فقط هڪ قيديءَ کي ئي خبر آهي، چيو ويندو اهي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا انسان رهندا آهن، ايئن ئي قيد ۾ به ٻن قسم جا قيدي رهندا آهن، هڪڙا اُهي قيدي رهندا آهن جيڪي گناهن جا انبار پنهنجن ڪلهن تي کڻي آيل هوندا آهن، جن ڪڏهن انسانن کي انسان ئي نه سمجھيو هجي، ٻيا قيدي اُهي جن کي پنجهنجي ڪِن گناهن جي خبر ئي ناهي هوندي، جيڪي بيگناهه جيلن ۾ واڙيل هوندا آهن، جيڪي دشمنين جي تحت اچي جيلن ڀيڙا ٿيندا آهن، اهڙن بيگناهه قيدين جو جيل ۾ هڪ ڏينهن به گذارڻ قيامت جھڙو هوندو آهي، سندن ذهنن ۾ هزارين سوچون گھر ڪري ويهي رهنديون آهن، هُو زندان منجھ هتي هُتي ويهي پنهنجي ذهن مان سوچن کي ڪڍڻ جي ڪوشش پيا ڪندا آهن. باقي گناهه ڪري اچڻ وارو قيدي سدائين پنهنجي ڪيل گناهه جي گُڻ پيو ڳائيندو آهي. سماج دشمن هر سماج ۾ هوندا آهن، چاهي اُهو قيد ۾ رهندڙ قيدي هجي يا هتان جو عملو ڇو نه هجي! آئون به انهن بيگناهن جيان دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پنهنجي هڪ غريب قيدي دوست راجيش ميگھواڙ سان وڃي ويهي رهندو آهيان. راجيش غريب قيدي هئڻ سان گڏ هڪ بهترين انسان به آهي، سندس ڪچهريءَ ۾ مون کي ڏاڍو مزو پيو ايندو آهي، جڏهن به منهنجي ذهن ۾ سوچون اينديون آهن ته آئون پنهنجي کوليءَ مان نڪري سندس دڪان تي هليو ويندو آهيان، زندان منجھه راجيش جو هڪ ننڍڙو دڪان آهي جتي هو موچڪو ڪمڪار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندو آهي، راجيش کي اُهو دڪان زندان ۾ ڀائو بدر جي محنت ۽ اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ ضياءَ صاحب جي مهربانيءَ سان مليو آهي. راجيش اڄ انهن جي مهربانين سان پنهنجي گھر جو گاڏو زندان مان هلائي رهيو آهي، فقط انهيءَ لاءِ ته ڪجھه سٺا انسان دنيا ۾ اڄ به موجود آهن.

سردار محمد ايوب بروهي/ سينٽرل جيل حيدرآباد