مُلا نصير الدين جي ڏاهپ!

سنڌ جي وتائي فقير جيان مُلا نصير الدين ترڪيءَ جو هڪ ڏاهو انسان هو، هڪ رات چور سندس گھر ۾ گھڙي آيا، هن پيرن جو کڙڪو ٻڌو ته سمجھي ويو ته چور اچي رهيا آهن، هو يڪدم گھر جي الماريءَ ۾ لڪي ويهي رهيو، چور به سڌو اچي الماري کولي ته مال خزانون پڪ ان الماريءَ ۾ هوندو، ڏٺائون ته اتي هڪ ماڻهو ويٺو هو، هڪ چور چيس ته: “ڊڄ نه ٻاهر اچ، اسان پوڙهن کي نه ماريندا آهيون.” مُلان جواب ڏنو ته: “مان مرڻ جي خوف کان هتي ڪونه لِڪو آهيان، دراصل مان اوهان کي منهن ڏيکارڻ جي لائق نه آهيان، توهان جھڙا شريف ماڻهو گھر اچن ۽ هتي مسڪيني حال جي ڪري کين ڪجھه به نه ملي تنهن جي ڪري مون کي شرم ٿو اچي. شرم کان هتي اچي لِڪي ويهي رهيو آهيان.” “ملا نصير جو بادشاهه جي وزيرن کان سوال پڇڻ.” مُلا نصير هڪ ڀيري بادشاهه کي چيو ته “سائين! توهان جا مشير ۽ وزير سڀ بيوقوف آهن.” باڊشاهه چيس ته: “تون غلط ٿو چئين، هو وڏا ڏاها آهن.” ملا چيس ته: “چڱو، ڪنهن ڏينهن کين درٻار ۾ گھرايو، مون سان مقابلو ڪن ته سندن وزن جي خبر پئجي ويندي ته هُو ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهن.” نيٺ بادشاهه هڪ ڏينهن پنهنجا خاص مشير ۽ وزير گھرايا، مُلا کي به گھرايائين، ملا نصر الدين چيو ته: “ بادشاهه سلامت، مان پهريان ئي هنن کان هڪ تمام سولو سوال پڇان ٿو، هر هڪ کي چئو ته هو ان جو مختصر جواب ڪاغذ تي لکي ڏين.” بادشاهه چيس ته: “ ٺيڪ آهي، توهان انهن کان سوال پڇو.” ملا نصر چيو ته: “ٻڌايو ته ماني ڇا آهي؟” هر ڪنهن پنهنجي سوچ سمجھه آهر جواب لکي بادشاهه کي ڏنو، ملا بادشاهه کي عرض ڪيو ته هاڻي اوهان سڀني جا جواب پڙهي ٻڌايو.” بادشاهه جواب ٻڌائڻ شروع ڪيا. هڪ چيو ته: ماني خوراڪ آهي. ٻئي چيو ته: ماني اٽو ڳوهي پچائي ويندي آهي. ٽئين لکيو ته: ماني جوئر، ٻاجھر، ڪڻڪ يا چانورن جي اٽي مان پچائي ويندي آهي. چوٿين چيو ته : اها باهه تي پچائي ويندي آهي. پنجين لکيو ته: ماني بُک لاهيندي آهي. ڇهين چيو ته: ماني مکڻ سان مزو ڏيندي آهي. تنهن تي ملان چيو ته: “بادشاهه سلامت جڏهن توهان جا ڏاها “ماني” جھڙي عام شيءِ تي به متفق ناهن ته پوءِ هي ڏاها ته ڪونه چئبا! اوهان کي ڪهڙي صلاح ڏيندا هوندا؟ هنن جڏهن هڪ تمام سولي سوال جو جواب يڪراءِ ٿي ڪونه ڏنو آهي ته پوءِ ههڙن جاهلن سان بحث ڪرڻ بيڪار آهي.”

نواز علي شوق/ڪراچي

سنڌ جو

تعليمي نظام!‎

سنڌ، پاڪستان جو ھڪ اهم صوبو آھي، تعليم جي حوالي سان ھڪ ڊگھي تاريخ رکي ٿو. سنڌي تعليمي نظام ۾ ڪيترائي اهم موڙ آهن جيڪي ان جي ترقيءَ ۽ ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌ جي تعليم جو بنياد موئن جي دڙي جي تھذيب ۾ ملي ٿو، جتي قديم اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جا نشان مليا آهن. وقت جي وھڪري سان، عربن جي اچڻ بعد اسلامي تعليم جا ادارا قائم ٿيا جن ۾ مدرسن ۽ مسجدن جو وڏو ڪردار رهيو. سنڌ ۾ موجوده تعليمي نظام ٽن مکيه مرحلن تي ٻڌل آهي: 1. پرائمري تعليم: سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جو ڄار ڪافي وسيع آهي پر اڃا تائين ٻارن جي ھڪ وڏي تعداد کي بنيادي تعليم تائين رسائي ۾ ڏکيائيون پيش آهن. 2. ثانوي تعليم: هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار پڻ ڪافي وسيع آهي جتي شاگرد مختلف علمن ۽ فنن ۾ تعليم حاصل ڪري سگھن ٿا پر انھن تائين اڃان تائين ڪا خاص ڊولپمينٽ نه ٿي سگھي آھي 3. اعليٰ تعليم: سنڌ ۾ ڪيتريون ئي مشھور يونيورسٽيون آهن، جھڙوڪ ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جيڪي اعليٰ تعليم جي حوالي سان بھترين ڪارڪردگي ڏيکارين ٿيون. ٻئي طرف تعليمي چئلينجز پڻ نظر اچن ٿا. سنڌ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي جن ۾ وسيلن جي کوٽ، ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج بنيادي سھولتن کان محروم هجڻ، جنھن سبب تعليمي معيار متاثر ٿئي ٿو. ڪافي وقت کان استاد جي کوٽ: ڪافي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آهي، جيڪا تعليم جي فراھمي ۾ رنڊڪ بڻجي ٿي. صحت ۽ صفائي جا مسئلا: ڪيترا ئي اسڪول صفائي ۽ صحت جي بنيادي سھولتن کان محروم آهن، جنھن سبب شاگردن جي حاضري تي وڏو اثر پوي ٿو. موقعا ۽ امڪان: سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪجهه اهم موقعا پڻ آهن جن ۾ سرڪاري پاليسيون: حڪومت تعليمي نظام کي بھتر ڪرڻ لاءِ مختلف پاليسيون ۽ منصوبا پيش ڪري رهي آهي پر ڪا خاص ڪامياب پاليسي يا نظام ۾ بدلاءُ نه پيو نظر اچي پر ڪيترائي غير سرڪاري ادارا تعليم جي بھتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي تعليمي نظام جي بھتري لاءِ ضروري آهي ته حڪومت سنڌ جي تعليم لاءِ فنڊن ۾ اضافو ڪري ۽ انهن فنڊن جو درست استعمال ڪن، ادارا ۽ سماج گڏجي ڪم ڪن جيئن هر ٻار کي معيار واري تعليم ملي سگھي ۽ سنڌ جي تعليمي سطح ۾ بھتري اچي.

محمد جعفر صادق/ٺري ميرواهه، خيرپور

فصلن جي اگھه

۾ اضافو ڪيو!

جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سنڌ اھا سرسبز وستي ھئي جتي تي کير، مکڻ، ماکيءَ سميت ڪيتريون ئي ناياب شيون موجود ھيون، وڏڙا چوندا ھئا ته کيرجون نديون وھنديون ھيون، مکڻ کي ڪوڏرن سان ڪٽيو ويندو ھو ۽ ماکي سان ناشتو ڪرڻ تقريبن ھر شخص جي روزاني جي شيڊول ۾ شامل ھوندو ھو ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ وري ماڻھو چوڻ لڳا ته کير وڪرو ڪرڻ جي ڪري برڪتون ختم ٿيون ۽ کير، مکڻ ۽ ماکي سنڌ مان موڪلاڻي ڪئي، مڃون ٿا اڳ ۾ جڏھن کير جو وڪرو ڪونه ھوندو ھو ان وقت اسان جي امر سنڌ جي ڌرتي اناج بھتر ڏيندي ھئي، فصل ناياب ٿيندا ھئا ھر طرف بھتر ماحول ھو. ان سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ مرچ، ڦٽي، ڪڻڪ، توريون، بصر، گجرون، ڊالڊا، برسنيگ، گوار، ٻاجھر، مختلف قسمن جي فروٽن سميت ڪيترائي فصل ٿيندا ھئا جيڪي منهنجي  خيال ۾ ھن وقت جي نئين نسل ويچاري ڏسڻ ته ڇا پر نالا به ڏکيائيءَ سان ٻڌا ھوندا اھي آخر ڪھڙن سببن جي ڪري انھن فصلن جو خاتمو ٿيو؟ ھڪ ته اسان جي حڪمراني منصب تي ويٺلن وجودن جي نيتن ۾ کوٽ اچڻ ڪري، ھنن پاڻيءَ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ۽ سنڌ جي زمين کي بنجر بنائڻ جي جيڪا سازش سٽايون، ھي آيل ان وقت جو نتيجو آھي ۽ انھن فصلن کي آباد ڪرڻ لاءِ زميندارن کان ڀاڻ، دوا ۽ پاڻي تي وڏي رقم ورتي وڃي پئي ان ڪري زميندارن سان گڏ اھو پورھيو ڪندڙ ھاري به ويچارو ھر ايندڙ وقت تي قرضي ٿيندو پيو وڃي ۽ فصل جي آمدني انھن ڳرين دوائن ۽ ڀاڻ تي لڳائي پريشاني ۾ وٺجي پريشاني مان پنهنجي وڏي ڪٽنب جا خرچ پورا نه ٿيڻ ڪري يا ته وڃي ڪئمپ وسائي ٿو يا ته زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجھائي ٿو ڇڏي، ان جو زميوار زميندار ھرگز ناھي ان جا زميوار وقت جا حڪمران آھن، مارڪيٽ جي اگھه کي ڏينھون ڏينهن ڪيرائي ۽ فصل جي خرچن ۾ اضافعو ڪن ٿا. سنڌ جي سرزمين اڄ به سون برابر آھي، اڄ به اسان کان موڪلائي ويل اھي پکي واپس سنڌ ڏانهن لاڙو ڪري سگھن ٿا جيڪر اسان کي پاڻي ملي، اسان فروٽن جا باغ لڳايون، اسان جي سنڌ اڄ سمورا فصل ڏئي سگھي ٿي جيڪي اسان جي مسقبل جي معمارن انھن جا نالا به ناھن ٻڌا. ڀٽائي جي سنڌ ۾ جيڪي ھاري پنهنجي نياڻي جي ڏاج لاءِ خرچ انھن فصلن مان ڪڍي ان کي خوشي سان رخصت ڪندو ھو اھو اڄ آپگھات جو نه سوچي ھا، وقت جي حاڪمن کي نماڻي گذارش آھي ته فصلن جا جائز اگھه وڌائي سنڌ واسين کي پنھنجا حق ڏنا وڃن.

عبدالغني“عبد” آريسر/ عمرڪوٽ

درياهن جي ڪناري تي اڏيل شهر!

سنڌ جي شهرن ۽ واھڻن منجهان خيرپور به هڪ بهترين شهر ۽ سنڌ جو اهو ضلعو آهي جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، هن مالا مال ۽ خوشحال ضلعي جا انيڪ سڃاڻپ جا سبب آهن، اتي هي شهر درياهن جي ڪنڌيءَ تي به اڏيل آهي، سکر بئراج به ڪو خيرپور کان گهڻو پري ڪونه اٿس پر بدقسمتيءَ سان هن شهر جا رهواسي گذريل ڪجھ ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ کي منهن ڏئي رهيا آهن، هن سخت گرميءَ جي موسم ۾ جتي انسان سان گڏ هر جاندار کي پاڻيءَ جي اشد ضرورت هجي ٿي، اتي ميونسپل خيرپور پاران شهرين کي پاڻي نه ڏيڻ نااهلي ته آهي ئي آهي پر ان سان گڏوگڏ ميونسپل خيرپور جي ڪارڪردگي اڻ وڻندڙ ۽ شهرين جي دل ۾ شڪ يقين ۾ بدلجي وڃي ته ڪروڙن جي بجيٽ خبر ناهي ڪٿي ڪاغذي ڪارروائي ۾ کاڄي ٿي وڃي؟ جڏهن ميونسپل جي اعليٰ اختيارين ساڻ رابطو ڪجي ٿو ته مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ دلجاءِ ڏيندي چون ٿا ته اوهان جو مسئلو ترت حل ٿي ويندو يا ته روايتي ڪن لاٽار ڪن ٿا يا آسرن جي ڌٻڻ ۾ هي اهم ۽ نهايت سنجيده مسئلو نهايت غفلت ۽ سستيءَ جي ور چاڙهي چڪا آهن. درياهن جي ڪنڌيءَ تي اڏيل شهر کي پاڻي نه ڏيڻ سو به خيرپور جتي کجيءَ جي موسم ۾ ماڻھو به کجيءَ جيان پچن ۽ پڄرن ٿا، هاڻي ڪو وڏو ڪم به ميونسپل کي ڪرڻو ڪونهي صرف پاڻيءَ پهچائڻ وارا موٽر درست ڪري ڪجھ ذميندارن تي اها ذميواري رکي پاڻيءَ جي پهچ کي هر صورت ۾ يقيني بنائڻو آهي. گذريل ڪيترن ڏينهن کان هن اهم مسئلي تي رهواسين جون دانهون ۽ ڪوڪون ٿيون پر ميونسپل اختياريون روايتي سستي برقرار رکندي اگهور ننڊ ستل آهن هونئن به صفائي سٿرائيءَ واري پاسي به ميونسپل جو ڪو خاص ڌيان ناهي، سڄو شهر گندگيءَ جي ور چڙهيل ۽ تلائن جو ڏيک ڏئي ٿو پيو، اهو عذاب ته شهري برداشت ڪري ڪري ڄڻ عادي ٿي ويا آهن پر پاڻيءَ کان سواءِ ته  شھرين جو چپ ڪري وڃڻ ڄڻ ناممڪن آهي، سو اعليٰ اختيارين کي عرض ته هن اهم مسئلي کي حل ڪري خيرپور جي شهرين کي پاڻي پهچائي سندن بيچيني واري لهر ختم ڪئي وڃي ۽ پاڻيءَ جي سپلاءِ کي يقيني بڻايو وڃي جيئن هن سخت گرميءَ ۾ پاڻي استعمال ڪري هيٽ اسٽروڪ جهڙين ڏکين بيمارين کان بچي سگهجي !

عابد سومرو/ خيرپورميرس

سکر بئراج جو مسئلو سنڌ جي جياپي جي جنگ آ!

(حصو چوٿون ۽ آخري)

جيڪڏهن ايئن آھي ۽ اهي خدشا حقيقتن جي ويجهو آھن ته پوءِ آبپاشي کاتي جي نااهل ڪرپٽ اختيارين کان ويندي سنڌ توڙي وفاقي حڪومت جي بيڌياني جي نتيجي ۾ سڀاڻي بئراج ته پاڻي وهڪري جي زد جو شڪار ٿي ويندي، اهڙي نموني گڊو بئراج جي صورتحال ڪا چڱي ناهي ۽ اهڙي خطرناڪ صورتحال جو گذريل سالن ۾ پاڻي جي تيز وهڪري ڪري بندن کي ڏار پئجي ويا هئا. اها صورتحال سکر بئراج کان هيٺ ڪيترن ئي علائقن ۾ بندن جي صورتحال انتهائي خطرن جي زد ۾ آھي. ان سموري ڳڻتيءَ ۽ خطري واري صورتحال ۾ هڪ الڳ ڪميشن ٺاهڻ ضروري آھي جنهن ۾ فقط ايريگيشن کاتي جا ٽيڪنوڪاگھه نه پر رٽائرڊ انجنيئر ۽ آبپاشي ماهر شامل هجن جنهن ۾ ادريس راجپوت ۽ ٻين کي کڻڻ جي ضروري آھي. ضررت پوڻ تي ملڪ جي ٻين صوبن يا ٻاهرين ملڪن مان ڪنسلٽنٽ طور آبپاشي ماهر گهرائي سگهجن ٿا، ڇو ته سنڌ ايريگيشن جون اختياريون پنهنجي ساک وڃائي چڪيون آھن جيڪڏهن هو ايترا سچا، بهتر ۽ ماهر هجن ها ته هن موجوده سکر بئراج جي صورتحال کان واقف حال هجن ها ۽ هو ان کي ظاهر ڪن هان. ان ڪري اهو اشد ضروري ٿي پيو آھي ته فوري طور آبپاشي ماهر تي ٻڌل ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا ٽنهي بئراجن جو جائزو وٺي اتي موجود خرابين کي سامهون آڻي ۽ ان جو حل ڳولي، جڏهن ته ان کان سواءِ به مرڪزي حڪومت، سنڌ حڪومت کي کپي ته فوري طور تي سنڌ ۾ ٽنهي بئراجن جو حل ڪڍي ان جو متبادل تي فوري ڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي. جيڪڏهن وقت سر ايئن نه ٿيو ته پوءِ سنڌ تباھ ٿي ويندي، سنڌ جي زراعت جي تباهيءَ جو وڏو ڪارڻ ايريگيشن جي نظام جي تباھ آھي. ان سان هڪ وڏو انساني الميو پيدا ٿي سگهي ٿو، ان ڪري فوري ڪميشن جيئن ٺھي ٿي ته ان ڪميشن کي موجوده سکر بئراج يا ٻين بئراجن تي ٿيندڙ ڪمن جو جائزو وٺي ته ڪم ڪيترو سٺو يا خراب ٿيو آھي، ڇو ته آبپاشي نظام کان ويندي زراعت جي شعبي يا نظام کي هروڀرو رد نٿو ڪري سگهجي. ڇو جو هي مسئلو زندگي ۽ موت جي مسئلي برابر آھي. سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ ۽ چيف سيڪاگھهري سنڌ توڙي سيڪاگھهري ايريگيشن کي خاص ڌيان سان ھنگامي بنيادن تي ڏينھن رات ڌيان ڏئي ڪم ڪرڻ گھرجي، ٻي صورت ۾ ھي مستقبل لاءِ جياپي جي جنگ کان گھٽ وارو مسئلو ڪونھي. سو ضرورت ان ڳالھ  جي آھي ته فوري طور تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ جي فرض ۾ شامل ٿو تئي ته سکر بئراج واري بحران کي اسيمبليءَ ۾ ھنگامي بنيادن تي آڻي زير بحث هيٺ آڻي وفاق کان ھنگامي بنيادن تي مدد ورتي وڃي.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

(حصو ٻيون)

مون سپرنٽينڊنٽ صاحب کي چيو ته توهان وڏا آهيو منهنجا پر مون جيل عملي کان تمام گھڻا ڌوڪا کاڌا آهن. ايس ايس پي صاحب چيو ته وقت تمام ٿورو آهي، تون ٻه اکر لکي ڏي ۽ مون کي ڪم ڪرڻ ڏي، ايس ايس پي صاحب کي ڀاڪر پائي جڏهن ٻاهر نڪتس ته جيلر شڪيل کي آءِ جي آفيس واري چيو ته ٻه قيدي شاهد به ان ٺاهه ۾ شامل ڪجانءِ! اسان شڪيل جي آفيس اچي وياسين، جيلر مون کي هڪ پيج ڏئي نماز پڙهڻ هليو ويو، مون سپرنٽينڊنٽ جي نالي هڪ درخواست لکي، جنهن ۾ مون لکيو ته آئون توهان مان ۽ توهان جي عملي مان مطمئن آهيان، جڏهن کان توهان مون کي يقين ڏياريو آهي ته توهان مون کي Exam جي معافي ڏياري مون کي آزادي ڏياريندا. J.B براچ ۾ ۾ويٺل فرقان چوڻ لڳو ته آصف ڀاءُ تون هڪ خانداني ماڻهو آهين ۽ جيل ۾ توسان تمام گھڻيون ناانصافيون ٿيون آهن، مون هن کان پڇيو ته ڇا هيءَ درخواست لکڻ منهنجي حق ۾ بهتر آهي يا نه؟ هن ڪنڌ جھڪائيندي چيو ته ڀائو آئون نه ها ڪندس ۽ نه وري نه ڪندس. جيلر شڪيل نماز پڙهي اچي ويو، هُن چيو ته آئون نماز پڙهي آيو آهيان ۽ روزي سان به آهيان، منهنجي دل ۾ هاڻ تنهنجي لاءِ ڪجھ به ناهي ۽ تون هاڻ رڳو پنهنجي آزاديءَ جي تياري ڪر. آئون اڃا اُتي ئي ويٺو هئس ته سپاهي اياز کوسو مون کي وٺڻ اچي ٿو، رستي ۾ هن کي سڄي حقيقت ٻڌائڻ کان پوءِ هُن کي چيم ته فضل الرحمٰن کي پٽيشن داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏجانءِ! اڄ مون ڪيبل واري کي چئي عثمان ڊرامون شروع کان هلرايو آهي، ڪيبل وڃڻ کان پوءِ فضل لاءِ هڪ خط لکيم جيڪو هن کي سڀاڻي واٽس ايپ ٿي ويندو: ڊيئر فضل الرحمٰن! اميد ته ادا سائين خيريت سان هوندا، مٺا! پٽيشن جو خبر ناهي ڇا ڪيئي؟ پر ڪجھه ڏينهن پهرين مون MIT II کي هڪ شڪايتي خط لکيو هو جنهن جو جواب ايس ايس پي کان 7 ڏينهن ۾ گھرايو ويو آهي، ڪالهه ايس ايس پي مون کي پنهنجي آفيس ۾ گھرائي يقين ڏياريو آهي ته هو مون کي Exam جي معافي لڳرائي عيد کان به اڳ آزاد ڪندو پر بدلي ۾ آئون سپرنٽينڊنٽ جي نالي هڪ درخواست لکان جنهن ۾ آئون اهو ڄاڻايان ته هاڻ آئون جيل جي عملي مان مطمئن ۽ خوش آهيان، جيئن ته ايس ايس پي صاحب مون کي يقين ڏياريو آهي ته هو مون کي معافي لڳرائي ڏيندو ۽ هاڻ آئون جيلر شڪيل مان به مطمئن آهيان، مون پهريان ان درخواست لکڻ کان انڪار ڪيو ۽ کين چيو ته پهريان آئون پنهنجي وڪيل سان صلاح ڪيان پوءِ درخواست لکندس پر ايس ايس پي ۽ ڪجھه ٻين دوستن زور ڀري اها درخواست مون کان لکرائي. جي تون هفتو پهريان پٽيشن هڻي ڇڏين ها ته شايد اڄ اها درخواست مون کان ايس ايس پي نه لکرائي ها. مون کي ڪجھه به سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڇا پيو ٿئي؟ ڇا ٿيڻ وارو آهي! آئون چاهيان ٿو ته تون جلد کان جلد پٽيشن داخل ڪر، تون پئسن جي بلڪل به پرواهه نه ڪر ڇو جو هاڻ زندگي ۽ عزت جو سوال آهي! آئون ۽ منهنجا گھر ڀاتي تمام گھڻو پريشان آهيون، تون ئي ٻڌاءِ ته هڪ قيدي جي سزا ختم ٿي وئي هجي پر ان کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي ته ذاتي انا ۽ پراڻي دشمنيءَ جي ڪري ته پوءِ هن کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ تنهنجو ڀاءُ!

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

حيدرآباد سينٽرل جيل جو شمار ملڪ جي وڏن ۽ سيڪيورٽي جي لحاظ کان خطرناڪ ۽ محفوظ جيلن ۾ ٿئي ٿو، ننڍي کنڊ جي وڏن، پراڻن جيلن جھڙوڪر ڪاري پاڻيءَ واري جيل، ڪلڪتي واري سينٽرل جيل، دهلي واري سينٽرل جيل جيان حيدرآباد سينٽرل جيل به ڪيترن ئي حوالن جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. ننڍي کنڊ جا تمام وڏا سياسي اڳواڻ جن ۾ شهيد سورهيه بادشاهه، سائين جي ايم سيد، ناليوارا حُر ۽ ٻين ڪيترن ئي سياسي قيدين کي هن جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو، جن ۾ شهيد سورهيه بادشاهه ذڪر جوڳو آهي، جنهن کي هتي هن جيل ۾ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو هو، جيل جو اُن وارڊ جنهن کي ماضيءَ ۾ سيل وارڊ ۽ هاڻي چار نمبر سيڪيورٽي سڏيو وڃي ٿو چون ٿا ته ان وارڊ ۾ سورهيه بادشاهه پنهنجي آخري ڏينهن گذاريا هئا ۽ قيدين جي هڪ ڪهاڻيءَ موجب ان وارڊ جي ڪنهن کوليءَ ۾ سائين سورهيه بادشاهه کي انگريزن ڳجھي طريقي سان دفن ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ ورهاڱي کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ جا مشهور اڳواڻ به هن جيل ۾ قيد ڪيا ويا هئا، جن ۾ فيض احمد فيض، ڄام ساقيءَ سميت مشهور زمانه بغاوت ڪيس ۾ جيل ڪاٽيندڙ فوجي آفيسر به شامل هئا، ان کان سواءِ ون يونٽ خلاف تحريڪ چار مارچ جا اسير، مارشلا واري زماني ۾ ايم آر ڊيءَ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن، جيئي سنڌ جا اڳواڻ، شهيد ڀٽو پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي به هن جيل ۾ رکيو ويو هو، اڄ ڪلهه جيڪا سيڪيورٽي 9 ۽ 10 آهي ان کي هن وقت کان اڳ اي ڪلاس ۽ ان کان اڳي ڄام ساقي، وارڊ چيو ويندو هو، مطلب ته هي جيل شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سياسي قيدين کي قابو ۾ رکڻ جي حوالي سان اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي پرفيڪٽ جڳهه سمجھيو وڃي ٿو. هن وقت به جيل ۾ ڪيترائي سياسي قيدي بند آهن جن ۾ شهيد ڀٽو سان تعلق رکندڙ مون سميت راهب ٿيٻو، ڀائو منظور ڪانڌڙو، جيئي سنڌ سان تعلق رکندڙ حيدر کوسو، مصطفيٰ پنهور، عزيز شاهه، بلاول شر، سجاد ملاح، سني ڀٽي، منير ابڙو، وڪي پنهور، درياءُ خان برهماڻي، هالار چانگ ۽ ارباب ڀيل سميت ٻين تظيمن جا ڪيترائي ڪارڪن شامل آهن.

سردار محمد ايوب بروهي/ سينٽرل جيل حيدرآباد