آسماني بجلي

 

چاچو خدن ويچارو پنج وقت نيڪ نمازي، نه ڪنھن جي اچر نه پچر، پنھنجي ڪم سان ڪم پنھنجون سئو کن ٻڪريون آھن سي چاري پيو گذارو ڪندو آھي. چوندو آهي ته آخري نبي سائين به ٻڪريون چاريون ھيون ھي مال ڀٽارو برڪت وارو مال آھي پيو وڌندو. چاچي خدن  کي وڏي عمر ۾ ھڪ ڇوڪري جو اولاد ٿيو ھو. چاچو خدن ايمان جو اھڙو ته پڪو آھي جو سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ نقصانن کي قدرت جو ڪرشمو پيو چوندو آهي. سڀني گھر ڀاتين کي ٻڌائيندو آھي ته سورھين جي سال جو ڏڪار به پنھنجي نصيب ۾ ھو ائين جو ائين ھي جيڪي نقصان ٿين ٿا سي به نصيبن جو ڦيرو آھن.

ھاڻ اسان جي گھر ۾ برساتن جي موسم ايندي ئي جھڙوڪ جنگي حالات ٿيندا آھن. جنگ انھيءَ ڳالھہ تي ھوندي آھي ته چاچي خدن جو ضد ته ھي جيڪا سنڌ ۾ ٻوڏ پئي ٿي اھا ناري وارن جو ايمان وڃي بچيو آهي تنھن ڪري نصيب ويچارو ضرور پاسو ڏيو ٿو وڃي ۽ ٿر وارن جو ته ٻيڙو تري مئن نه ميرن پيرن کي ووٽ ڏنا  تنھن ڪري ٿر وارن تي آسماني بجلي جا ٺڪاءَ آھن. اسين گھر وارا اھڙيءَ حالت ۾ ھر روز ڳالهيون ٻڌي سمھي پئون. ٻي ڏينهن اٿون ته خبر پئي پاسي واري ڳوٺ ۾ آسماني بجلي ڪري ٻہ چار ماڻھو مئا آھن، 50 کن ٻڪريون ميون آھن. اخبار ۾ خبر لڳي ته ولڻ اخبار کڻي شام جو گھر پھتو. گھر جي صورتحال وري جنگ جھڙي ھئي. چاچي خدن جو ضد ته پاڻ سڌريا ڪونه آھيون ڏوھ پنھنجو آھي. نصيب ۽ نيتون کوٽيون آھن اسين آھيون جو انھن جون ڳالهيون ٻڌي ھاڻ ته ڪن به پچي پيا آھن. پر چاچو خدن ۽ ولڻ ڪٿي ٿا ماٺ ٿين. وري برسات جي موسم آئي آھي ۽ ٽي ڏينهن کان گھر ۾ وري جھڙو جنگ جي صورتحال پيدا ٿي پئي آهي. ھن سال ٿورو چاچو خدن به پريشان آهي ڇو جو چاچي خدن جي سئوٽ رحيم جي مال جي واڙي تي آسماني بجلي ڪرڻ سبب سڀئي ٻڪريون مري ويون آھن. چاچي خدن جي سئوٽ جي ڪل ملڪيت اھي 15 ٻڪريون ھيون. چاچي خدن جي خيال ۾ ڳالھ کپ ٿي ويھي رھي ته ھاڻ رحيم کي لولو لپ ڏيڻ جو سانڀو ڪرڻو پوندو نه ته ڪٿي آھي حال ويچاري ھيڻي جو.

ھوڏانھن چاچي خدن جي گھر واري کي ڦڦڙن جي ڪينسر ٿي وئي آھي. چاچي خدن جي مال ۾ الله برڪت وڌي آھي جو پيو ويچارو علاج ڪرائي نه ته مال کان سواء اھڙو مهانگو علاج ڪنھن جو وس جي ڳالھ ڪونھي.

چاچو خدن پنھنجي اڪيلي سر پنھنجو ۽ پنھنجي سئوٽ جي گھر جو ٽيڪو آھي سو ھاڻ اچي ويچارو ڪينسر جھڙي ڪني بيماري ۾ ڦاٿو آهي. ھاڻ ته چاچي پنھنجي پٽ رمضان کي پڙھائڻ به ڇڏي ڏنو آهي. چاچي جو خيال آھي ته رمضان پنھنجي ماءُ کي سنڀالي ته آئون مال کي گاھ پاڻي ڏيان جيئن سٺا پئسا ڪن ته سٺو علاج ڪرايان. چاچي سليمت ويچاري کي ڦڦڙن جي ڪينسر کائيندي پئي وڃي. ھڪڙي ڏينهن آئون به وڃي چاچي جي عيادت ڪرڻ پھتس ته ويچاري حال احوال ڪندي چيائين ته “ابا جڏھن اتر جي ھوا لڳندي آھي ته ڪجھ ساھي ٿي پٽيان نه ته ڏکڻ جي ھوا ته جھڙو ساھ ٿي ڪڍي” چاچي سليمت جي طبيعت ڏينھان ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. ھوڏانھن ولڻ به ھاڻ چاچي خدن کي گھٽ ٿو وقت ڏي، ھو به پنھنجي مال ۾ وڃي قابو ٿيو آهي. چاچي خدن ھڪ ڏينھن نياپو موڪليو ته ولڻ کي چئجو ته مون سان ملي وڃي. شام جو ولڻ واڙي کان واپس آيو ته وري رمضان تڪڙو تڪڙو ڊوڙندو گھر پھتو ته ولڻ امان جي طبيعت گھڻي خراب ٿي آھي. ولڻ ڀڄي ڀڄي وڃي پھتو. چاچي سليمت جي طبيعت گھڻي خراب ھئڻ ڪري ڪار واري کي فون ڪيائين. ڪار واري ٺپ جواب ڏنو ته “ماڻھو مري ته ڀلي مري آئون رستي بنا نه اچان ڇڪڙي ٻڪڙي کي گھرائي رستي تي پھچايو. مون آسماني بجلي کان ڊڄندي مال وڪڻي گاڏي ورتي سا به ڪيان اھڙي رستي ۾ خراب”.

چاچي خدن ويچاري وٽ ڪٿان آيو وري ڇڪڙي لاءِ ڀاڙو. پنھنجي اٺ گاڏي تي چاچي سليمت کي سمھاري وڃي رستي پھتو ته وڃي ڪار ذريعي اسپتال ڀيڙو ٿيو. ٻہ ڏينھن ٿيا آھن برسات به اتر کان سنڀري پئي. چاچو خدن، رمضان ۽ ولڻ اسپتال ۾ آھن. چاچي سليمت جي طبيعت ڪجھ سڌري آھي سڀاڻي تائين اچي ويندا آئون ۽ چاچي خدن جو سئوٽ رحيم الڻ جون ۽ چاچي خدن جي ٻڪرين جي سارسنڀال پيا ڪيون.

رات ھلڪي برسات به وٺي آھي. مون کي به ھاڻ ڊپ ٿيڻ لڳو آھي ته ڪٿي منھنجي مٿان آسماني بجلي نه ڪري. برسات جا ڪڪر آسمان تي جيئن وڌن ٿا تيئن مون کي خوف ٿئي پيو. ڇو نه ٿئي ڪلھ برسات به ڪونه وٺي صرف ڪڪر ھئا ۽ ڳوٺ جي ڇيڙي واري ٻني ۾ بجلي ڪري آھي. بهرحال اڄ ته چاچو خدن ۽ الڻ به اچي ويا آھن ۽ ھاڻ چاچي سليمت کي به ڪجھ آرام آھي. اڄ گرمي ۽ گھٽ گھڻي آھي لڳي ٿو سٺي برسات وسندي. شام ٿي ته برسات اچي وٺي. برسات اھڙي وٺي جو واري ۾ چر ڪڍي ڇڏيا. برسات وقفو ڏئي رات جو وري شروع ٿي ته ھڪڙو زور دار روشني جو شعاءُ ٿيو ۽ گڏوگڏ زمين لوڏيندڙ ٺڪاءَ ٿيو ته چاچي خدن جي سئوٽ جي روئڻ جو آواز آيو ته اسين ڳوٺاڻا ڀڄندي ڀڄندي پھتاسين خبر پئي ته چاچو خدن رمضان ۽ انھي جون سڀئي ٻڪريون الله کي پياريون ٿي ويون آھن. چاچي سليمت ۽ رحيم زور سان روئي رهيا ھئا ته وچ ۾ وڏي رڙ ڪندي ولڻ جو ڏکايل آواز آيو ھائي ڏکڻ جي ھوا ۽ ڪوئلا.

 

رسول بخش راھمون

 

سنڌ ۾ ماحولياتي مسئلا ۽ سنڌ جو تعليمي نظام

 

سنڌ، جيڪا پنھنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي ڪري مشھور آهي، اڄڪلھـ ڪيترن ئي ماحولياتي مسئلن جو شڪار آهي. انھن مسئلن ۾ پاڻي جي کوٽ، زمين جي خراب حالت ۽ آلودگي شامل آهن. اهي مسئلا نه رڳو قدرتي وسيلن کي نقصان پھچائي رهيا آهن، پر انھن جو اثر انساني صحت ۽ معيشت تي به پئجي رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي. سنڌو درياهه جو پاڻي گھٽجڻ ۽ غير منصفاڻي ورهاست سبب سنڌ جي زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي تي شديد اثر پئجي رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ سبب فصلن جي پيداوار گھٽجي وئي آهي ۽ ڪيترائي علائقا خشڪ ٿي ويا آهن. ان سان گڏ، سامونڊي پاڻي جي سطح وڌڻ ڪري زمين جي لوڻياٺ وڌي وئي آهي، جنھن سبب زرعي زمين غيرآباد ٿي رهي آهي. آلودگي به سنڌ جي وڏن مسئلن مان ھڪ آهي. صنعتي ۽ گھريلو گدلي پاڻي جو مناسب طريقي سان نيڪال نه ٿيڻ ڪري پاڻي، هوا ۽ زمين کي آلودگي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. خاص ڪري ڪراچي، جيڪو ملڪ جو وڏو شھر آهي، اتي هوا جي آلودگي جي شرح تمام گھڻي آهي. اهو نه رڳو ماحولياتي پر انساني صحت لاءِ به تمام خطرناڪ آهي. آلودگي سبب بيمارين جھڙوڪ دم، ساهه ۽ دل جي بيمارين جو خطرو وڌي رهيو آهي، سنڌ ۾ ان جا ذميوار پاڪستان پيپلز پارٽي آھي جيڪي ڪيتري ٽائيم کان اقتدار ۾ آھي.

سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪيترائي اهم موڙ آهن جيڪي ان جي ترقيءَ ۽ ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌ جي تعليم جو بنياد موئن جي دڙي جي تھذيب ۾ ملي ٿو، جتي قديم اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جا نشان مليا آهن. وقت جي وھڪري سان، عربن جي اچڻ بعد اسلامي تعليم جا ادارا قائم ٿيا جن ۾ مدرسن ۽ مسجد جو وڏو ڪردار رهيو. سنڌ ۾ موجوده تعليمي نظام ٽن مکيه مرحلن تي مشتمل آهي: 1. پرائمري تعليم: سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جو ڄار ڪافي وسيع آهي. پر اڃا تائين ٻارن جي ھڪ وڏي تعداد کي بنيادي تعليم تائين رسائي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. 2. ثانوي تعليم: هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار پڻ ڪافي وسيع آهي، جتي شاگرد مختلف علمن ۽ فنن ۾ تعليم حاصل ڪري سگھن ٿا، پر انھن تائين اڃان تائين ڪا خاص ڊولپمينٽ نه ٿئي سگھي آھي 3. اعليٰ تعليم: سنڌ ۾ ڪيتريون ئي مشھور يونيورسٽيون آهن، جھڙوڪ ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جيڪي اعليٰ تعليم جي حوالي سان بھترين ڪارڪردگي ڏيکارين ٿيون. ٻئي طرف تعليمي چئلينجز پڻ نظر اچن پيا. جن ۾ وسيلن جي کوٽ، ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج بنيادي سھولتن کان محروم آهن، جنھن سبب تعليمي معيار متاثر ٿئي ٿو. سنڌ جي تعليمي نظام جي بھتري لاءِ حڪومت کي گھرجي سنڌ جي تعليم لاء فنڊن ۾ اضافو ڪن ۽ انهن فنڊن جو صحي استعمال ڪن ادارا ۽ سماج گڏجي ڪم ڪن ته جيئن هر ٻار کي معيار واري تعليم ملي سگھي ۽ سنڌ جي تعليمي سطح ۾ بھتري اچي.

 

محمد جعفر صادق/ ٺري مير واھ

 

عورت ۽ احساس ڪتاب جو جائزو

 

معاشري اندر الائي ڇو ايئن چيو ويندو آھي ھي مردن جو معاشرو آھي مردن جو سماج آھي پر حقيقت ۾ ھي صرف مردن جو نہ پر ھر ان عورت جو معاشرو آھي جيڪا ھن دنيا جي تختي تي رھي پئي. عورت ذات جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آھي. جيڪڏهن گَھڙي پل لاءِ موجوده معاشري مان عورت کي پاسيرو ڪيو وڃي تہ ھي معاشرو اڻپورو ۽ بيڪار ڪجھ بہ نہ آھي. مطلب تہ عورت جي ھجڻ سان گڏ ھي معاشرو گھر توڙي مرد جي زندگي مڪمل بڻجي ٿي. ھلندڙ ھفتي “عورت ۽ احساس” ڪتاب پڙھڻ لاءِ مليو جيڪو عورتن جي باري ۾ ڪھاڻين جو مجموعو آھي جنھن جي ليکڪہ سنڌ جي بھترين ڏاھي سگھڙ ۽ پي ايچ ڊي هولڊر ڊاڪٽر آمنہ سومرو لاڙڪاڻو آھي. ڪتاب مڪمل پڙھڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪہ ھِن سماج ۾ مرد طرفان عورت سان ٿيندڙ اڍنگي ورتاءُ جي خلاف آھي جنھن جا ڪتاب اندر ڪافي مثال پڻ ڏنا ويا آھن سندس لکيل ڪتاب موجوده معاشري جي مڪمل عڪاسي ڪرڻ سان گڏوگڏ فضول رسمن رواجن کي نروار ڪري ٿو. خاص ڪري “حاصلات” ڪھاڻي جو ڊائلاگ ڏاڍو سوچائيندڙ ۽ حقيقت تي مبني آھي “عورت شايد شادي تائين خوبصورت ھجي ٿي شادي کان پوءِ عورت لاش ۽ ٻار ڄڻڻ کان پوءِ گھمندڙ ڦرندڙ لاش بڻجي ويندي آھي.”

نہ وسرندڙ سار ڪھاڻي اندر ٻن سھيلين پِرھ ۽ سونھن جي ھڪ ڊگھي پيار جو ذڪر ٿيل آھي. ننڍپڻ کان وٺي پرائمري ھاء اسڪول کان وٺي ڪالج تائين ھڪ ٻئي سان وڏي پيار محبت سان گڏ مضبوط تعلق رکڻ جو قصو بيان ڪيل آھي. سُگھڙ ڪھاڻي ۾ ھڪ ماسترياڻي جو ذڪر آھي جنھن کي سگھڙ عورت جي نالي سان سڏيو ويندو آھي. سندس ڌيءَ فضيلا جيڪا چار ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ پيءُ ماءُ جي سڪيلڌي نياڻي ھئي جنھن کي مائٽن لاڏ ڪوڏ ناز نخرن سان سنواري سينگاري پالي وڏو ڪيو. سندن نياڻي جو رشتو پنھنجي برادري ۾ زوري ڪيو ويو تہ جيئن ڌارين سان رشتو نہ ٿي سگھي جيڪا ھڪ پراڻي دؤر جي عڪاسي ڪري ٿي.

 

مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ

 

سنڌ ۾ قهر جي گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي پ پ قيادت کي ايوانن ۾ آواز اٿارڻ گهرجي

 

سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ هن وقت گرميءَ جي لهر عروج تي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي ڪراچي ۾ جيڪا تازو گرميءَ جي لهر رهي آهي جنهن لاءِ ايڌي سرد خانن ۾ پيل گرميءَ سٽيل ماڻهن جا لاش ۽ حيدرآباد ۾ پڻ گرميءَ عوام جا لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا آهن. جو پنهنجي حيدرآباد شهر جي اندر به ڪيترائي ماڻهو گرمي جي سٽ نه سهندي وفات ڪري ويا آهن. اهڙي طرح لاڙڪاڻو، سکر، شڪار پور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ، قمبر شهدادڪوٽ، دادو سميت ٻين شهرن ۾ گرميءَ ته گرميءَ پر واپڊا جي نااهلي ۽ لاپرواهي هڪڙن ماڻهن کي اسپتالن تائين پهچايو ته ٻين کي وري موت جي منهن ۾ آندو آهي. اهڙي سخت ترين جهولن جهڙي گرميءَ ۽ ساهه ٻوساٽيل گرمي ۾ به جڏهن بجليءَ جي لوڊشيڊنگ هجي ته پوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي عوام لاءِ ڪهڙو واپڊا خلاف ڪڏهن کڻندي؟ جيڪڏهن اهڙين حالتن م به پ پ قيادت آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام جو آواز نه بڻبا ته پوءِ ڪڏهن بڻبا؟ پ پ جي قيادت رڳو اليڪشن ۾ ظاهر ٿيڻ روايت کان هٽي ڪري سنڌ جي عوام جي سخت گرميءَ جي موسم ۾ واهر ڪرڻ لاءِ واپڊا سيپڪو جي داداگيري کي وائکو ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ اچي حقيقي معنيٰ ۾ اسان سانواپڊا خلاف احتجاج ۾ گڏ هجڻ کپي ها پر جيڪڏهن اهو نه ته پوءِ پ پ قيادت بلاول ڀٽو زرداري کي قومي اسيمبلي ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪندي واضح ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ڪو نو گو ایریا يا ڪو بين الاقوامي پناهه گاهه ناهي جو سنڌ جي عوام جي نڌڻڪو ۽ لاوارث بڻجي 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند ڪري لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

سنڌ جي گرميءَ ۾ هڪ پاسي معصوم ٻارڙا تڙپي رهيا آهن ۽ فوتگيون ٿي رهيون آهن ۽ ٻئي پاسي وري اسان جي شهرن لاڙڪاڻو، دادو، شڪار پور، سکر، حيدر آباد، ڪراچي ۽ ٻين جي بجلي بند ڪري لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هيٽ اسٽروڪ سبب قهر جهڙي گرمي ۾ ٻارڙن کي الٽيون، دست ۽ ٻين بيمارين به وڪوڙي ڇڏيو آهي. ھيٽ اسٽروڪ سبب ضلع انتظاميا کي گهرجي ته هو به پنهنجي طرفان هنگامي بنيادن تي شهرن جي روڊن رستن، چوڪن چوراهن تي ٿڌي پاڻيءَ جون سبيل لڳائڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪري ۽ تعلقه ۽ ڊسٽرڪٽ ليول تي اسپتالن ۾ گرميءَ جي بچاء لاءِ او آر ايس سميت ٻيون مختلف شيون اپاءَ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. سڀ کان اهم ترين ڳالھ ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت وفاقي شهباز شريف جي حڪومت آڏو اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي ته سنڌ صوبي ۾ غيرقانوني غيراعلانيل لوڊشيڊنگ کي بند ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ صوبي کي پنهنجي حصي 7 ڪروڙ آباديءَ، سنڌ صوبي مان وفاق کي ملندڙ 77 سيڪڙو ٽيڪس، گيس 75، ڪوئلو سئو سيڪڙو، 100 سيڪڙو معدني وسيلن مطابق سنڌ صوبي کي بجليءَ جي فراهمي ڪرائي غيرقانوني غيراعلانيل لوڊشيڊنگ بند ڪئي وڃي. سنڌ جي سمورن ايم پي ايز،ايم اين ايز، سينيٽرز، وزيرن ، مشيرن، صلاحڪارن کي گهرجي ته اهي سنڌ جي عوام کي اهڙي قهر جهڙي گرمي ۾ جڙتو بي بنياد لوڊشيڊنگ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي ايوانن ۾ آواز بلند ڪن. سنڌ ۾ سج سوا نيزي تي هجي ڄڻ ته، سج آسمان تي نه پر ڄڻ اسان جي مٿان اصل بيٺو هجي تتل نٽهڻ اس گرميءَ جي شدت تپيل ڌرتيءَ گرم هوائون ٻوساٽيل ماحول ڏينهن ته ڏينهن پر صبح رات هر پل هر وقت اصل گرميءَ جا اولا شعلا ٻرندڙ مچ جيان حاوي آهن، گرمي جي شدت ايتري آهي جيتري ديڳ دوران بورچي مٿان ڄر هجي تپش گرمائش هجي.

سنڌ جي ٻرندڙ گرميءَ ۽ شدت کان بچاء لاءِ سڀ کان اڳ ۾ واپڊا جي عملدارن کي سختي سان پابند بڻايو وڃي ته ڪنهن به صورت ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪريو، ڪنهن به صورت ۾ بجليءَ فالٽ جي نالي يا نام نهاد جهٽڪن جي نالي ۾ لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ بجلي بند ڪرڻ سراسر ظلم زيادتي آهي. بجليءَ صارفين کي تنگ ڪرڻ لاءِ اهو بهانو نه بڻايو وڃي ته ڪنڊا سسٽم جي آزار سبب بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ بجلي صارفين ڪهڙو ڏوهه گناهه ڪيو جو اها سزا انهن کي ڏني پئي وڃي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي جيالي سعيد غني اها ڳالهه پڻ ورجائي ته بجلي صارفين بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيو ڪجهه به نه ڪن صرف واپڊا جي عملدارن کي انهن جي آفيسن ۾ بجليءَ کي بند ڪري اتي آفيسن ۾ 10 ڪلاڪ ويهاريو وڃي ته انهن کي خبر پئجي ويندي ته گرمي جي شدت ڇا ٿيندي آهي ۽ هروڀرو نام نهاد غيرقانوني غيراعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام ڪيڏو ذهني پريشاني جي ور چڙهيل آهي. وري جيڪڏهن واپڊا جي تباهه ڪارين جي ڳالھ ڪجي ته انهن جي ڀيانڪ تاريخ آهي. واپڊا وارا به سنڌ جا ڄاوا آهن اهي هي نٿا سوچين ته سنڌ ڪهڙي قھري گرميءَ جي ور چڙهيل آهي. جيڪڏهن توهان واپڊا وارن جي ڪري غلط ريڊنگ، اوور بلنگ، ڳرا بل اماڻڻ، بجليءَ جون زبون تارون، مدي خارج بجليءَ جا ٽرانسفارمر، ڏينهن جا ڏينهن، مهينن جا مهينا بجليءَ جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ ۾ سستي ڪاهلي، هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ، ٻي کان ٽين جڳهه تي بجليءَ جا ميٽر لڳائڻ، فرمائشي بجليءَ جا ميٽر ساڙڻ، بار بار جهٽڪا بجليءَ جا لڳائڻ، وولٽيج گهٽ وڌ، ڊم فل ڪرڻ، جيڪو ڪجهه ڪلاڪ بجلي اچي ٿي اها به هر ڏهه منٽ بعد بند ڪري چڙ ڏيارڻ يعني فرج، موٽر مشين وغيره قيمتي سامان سڙي وڃڻ جا ذميوار واپڊا وارا آهن. شهرن ۾ مقرر ٽائيم کان علاوه بار بار هر ٻئي ڏينهن بجلي بند ڪري ڪنڊا تارون ڪٽڻ جي بهاني سڄو ڏينهن بجلي صارفين جي بجلي بند ڪرڻ، مزاحيه لطيفو پوءِ آخر سنڌ جي مجبور مظلوم بجليءَ جي صارفين چيو ته ڪير ٿو چوي ته سنڌ ۾ بجلي وڃي ٿي، ادا سنڌ ۾ ته بجلي ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿي. سنڌ ڪو نڌڻڪو لاوارث خطو ناهي جو وفاقي شهباز شريف حڪومت سنڌ جي لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاهه، ميرپور خاص، حيدرآباد، ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي بنا ڪنهن شيڊول، ترتيب، ٽائيم ٽيبل جي غيرقانوني غيراعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا چونڊيل نمائندا ايوانن ۾ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجي پون ته مجال آهي واپڊا جي ڪرپٽ کاتي کي جو نمونو ڪري سگهي. جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ واپڊا کاتي کي نجي کاتي ۾ آندو وڃي ته پوءِ هي جيڪي بار بار هر پاسي سنڌ صوبي کي اوندهه ۾ ڪيو ويٺا آهن انهن کي خبر پئجي ويندي. واپڊا کي نجي اداري ۾ آڻڻ سان گهٽ ۾ گهٽ غيرقانوني غيراعلانيل لوڊشيڊنگ مان ته مڪمل طور تي نجات حاصل ٿي سگهندي. گرميءَ جي شدت سبب ماڻهن جون متيون منجهي ويون آهن. باقي نه ته سنڌ قھر جهڙي گرمي ۽ ساهه ٻوساٽيل گرميءَ ۾ تڙپي رهي آهي ڪيترن سنڌ جي گرم علائقن ۾ گرمي پد شديد هجڻ سبب بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جي مري وڃڻ جا واقعا سامهون اچي چڪا آهن. خدارا سنڌ جي عوام کي لوڊشيڊنگ جي وباء مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا پنهنجو ڪردار ادا ڪندي واپڊا خلاف آواز اٿارين. هڪ ته لاڙڪاڻو شهر کي لوڊشيڊنگ فري شهر قرار ڏنو وڃي ۽ سنڌ جي شهرن ۾ لوڊشيڊنگ ڪرڻي آهي ته باقاعده هڪ باضابطا شيڊول ترتيب ڏنو وڃي ته ڪيترا 4 يا 6 ڪلاڪ بجليءَ جي سڄي ڏينهن ۾ ڪرڻي اٿو باقي ڏينهن رات هر وقت بجليءَ جي غيراعلانيل غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. ڪو جواب ڏيندو ته سخت گرمي سبب ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو ذميوار ڪير آهي؟ يقين واپڊا جو وزير ۽ حڪومت وقت آهن. سنڌ جي عوام کي واپڊا جي معاملي ۾ وڌيڪ نه آزمايو وڃي. جيڪڏهن پ پ جي قيادت انهيءَ واپڊا جي ظلم زيادتي تي خاموشي اختيار ڪئي ته سنڌ جو عوام سمجهندو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت به وفاقي شهباز شريف حڪومت جي ونگار پئي وهي ۽ ڄاڻي واڻي سنڌ جي عوام کي لوڊشيڊنگ جي بهاني مرڻ ڪنڌي پهچايو پيو وڃي.

 

توقير احمد سرهندي