حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

 

(حصو پهريون)

 

نيرن ڪرڻ کان پوءِ رشيد چانهه گرم ڪرڻ لاءِ ويو پر ڪجھه ئي دير کانپوءِ هڪ سئو پيري ڏيکاريندي چيائين ته ڀائو هيءَ ڪن کجورو چانهه مان نڪتو آهي، هاڻ ڇا ڪريون چانهه جو؟ هڪ ڪئي مانس ته اُڇل! ڇا تون پاڻ سان گڏ مون کي به بنا ليٽر جي گھر روانون ڪشاخن؟ لائبريريءَ ۾ اڄ خبر پئي ته مون لاءِ جيل سپرنٽينڊنٽ صاحب ڪم ڪري رهيو آهي، يعني منهنجي آزادي ويجھي ترين آهي، علي غلام سان گڏجي ٽرائسپس جي ورزش ڪيم. شام جو ڦاسي گھاٽ تي ويهي عار جو ڪم ڪري رهيو هئس ته طالب گھوڙي اچي چيو ته توهان کي ايس ايس پي صاحب سڏي رهيو آهي. آئون تمام خراب حالت ۾ يعني ورزش وارن ڪپڙن ۾ ايس ايس پي صاحب جي آفيس ۾ گھڙيس ته مون کي اشفاق ڪلوڙ صاحب چيو ته آءِ جي آفيس ۾ موڪل هوندي به هڪ همراهه اصغر لغاري صاحب گھرايو اٿم، ڇو جو تنهنجي آزادي عمل ۾ اچي سگھي، توکي رڳو ٻه اکر اهڙا لکي ڏيڻا آهن جي اسان ايم آءِ ٽي ٽو ۽ هاءِ ڪورٽ کي موڪلي سگھون جنهن ستن ڏينهن ۾ مون کان تنهنجي هڪ درخواست جو جواب گھريو آهي. ايس ايس پي صاحب جڏهن مون کي هڪ ليٽر ڏنو ته مون کيس چيو ته پر آئون ته پنهنجي وڪيل سان صلاح ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه به لکي ڏئي نٿو سگھان! ايس ايس پي صاحب چيو ته پوءِ ٺيڪ آهي، مون کي تنهنجي خلاف ئي رمارڪس ڏيڻا پوندا ۽ پوءِ آئون تنهنجي آزاديءَ لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگھندس. مون چيو ته پوءِ ٺيڪ آهي آئون به توهان جي خلاف پٽيشن ۾ ويندس، مون غور ڪيو ته ايس ايس پي صاحب جي ٽيبل تي پيل موبائيل فون جو رخ مون ڏانهن ئي هو، هُن چيو ڇا مون ڪي توکان پئسا گھريا آهن؟ مون کي ياد آيو ته ماضيءَ ۾ ايئن ئي منهنجي رڪارڊنگ ٿي چڪي آهي، مون هوش کان ڪم وٺندي جيلر شڪيل جا ظلم ڳائڻ شروع ڪري ڏنا. ايس ايس پي صاحب چيو ته شڪيل کي گھرايو ۽ انهن جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرايو. آءِ جي آفيس مان آيل جيلر به ڪجھه ايئن ئي چيو ۽ جيلر شڪيل نازل ٿيندي ئي اچي مون کي ڀاڪر پاتو. (جاري)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

ايران جو مشهور نقاش!

 

بهزاد جي جنم جي تاريخ صحيح طور معلوم نه آهي، مورخن جو خيال آهي ته هُو 15 هين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري پيدا ٿيو يعني (1450ع جي لڳ ڀڳ) اهو خيال ان ڪري ڪيو وڃي ٿو جو سندس جيڪي ابتدائي نقش ملي سگھيا آهن، تن تي سنه 1479ع لکيل آهي، اندازو آهي ته 30 ورهين جي عمر ۾ هُو اُن لائق ٿيو هوندو جو ان قسم جي نقاشي پيش ڪري سگھي پر اهو رڳو اندازو آهي. ٿي سگھي ٿو ته هن ان کان ننڍي ڄمار ۾ ئي ايتري مهارت حاصل ڪئي هجي يا وڏي عمر ۾ ان مقام تي پهتو هجي. ايراني مورخن کيس هرات جي مشهور نقاش امير روح الله جو شاگرد ڄاڻايو آهي. هڪ تُرڪ مورخ کيس پير سيد احمد تبريزيءَ جو شاگرد ڄاڻايو آهي. ترڪ جهانگيري ۾ جهانگير لکيو آهي ته هُو “خليل مرزا” جي نقاشيءَ کان گھڻو متاثر هو، بهزاد جو سڀ کان پهريون سرپرست مشهور شاعر مهر علي شير نوائي هو، ان جي ئي ذريعي هو هرات جي والي حسين بيقره جي درٻار ۾ پهتو، جتي ان وقت نوائي، جامي ۽ خوند مير وغيره صاحبان ڪمال موجود هئا، جڏهن ان خاندان کي محمد خان شيباني معزول ڪيو ته بهزاد هرات کان لڏي اچي تبريز ۾ رهيو، جيڪو صفوي خاندان جي حڪومت جو گاديءَ وارو هنڌ هو. هُو بهزاد جي فن کان تمام گھڻو متاثر ٿيو، سندس قدرداني ڪندي پنهنجي شاهي ڪتب خاني جو آفيسر بڻايو ۽ سمورا ڪاتب ۽ نقاش سندس ماتحت ڪيا. شاهه طهماسپ جي زماني ۾ به سندس گھڻي عزت هوندي هئي، سلطان محمد ۽ آقا ميرڪ ٻئي نقاش سندس درٻار سان وابسته هئا. بهزاد جي وفات 942 هه ۾ ٿي، کيس مشهور شاعر ڪمال خنجندي جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. ان زماني جي تاريخن ۾ سندس فن بابت تفصيل سان نه لکيو ويو آهي پر سڀني مورخن لکيو آهي ته هو تمام وڏو نقاش هو، زوند مير لکيو آهي ته شڪل يا تصوير کي هوبهو بڻائڻ ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي. حيدر مرزا لکيو آهي ته هُو استاد آقا ميرڪ کان گھٽ نه هو ۽ ٻنهن ۾ اهو فرق هو ته آقا ميرڪ جي فن ۾ فني پختگي گھڻي هوندي هئي، جڏهن ته بهزاد جي فن ۾ نفاست ۽ نزاڪت گھڻي هوندي هئي. شاهه مظفر به ان دور جو وڏو نقاش هو پر حيدر مرزا جو چوڻ آهي ته بهزاد مُوقلم (تصوير ۾ رنگ ڀرڻ وارن جو قلم) ۽ خطوط جي توازن ۾ کانئس بهتر هو. بابر لکيو آهي ته بهزاد تمام نازڪ نقاشي ڪندو هو، خاص طور ڏاڙهي رکيل منهن تمام سهڻو ٺاهيندو هو. بابر جا جانشين پڻ بهزاد جي فن جا وڏا قدردان هئا، هنن وڏي رقم ڏئي سندس فنپاره گڏ ڪيا. جهانگير لکيو آهي ته بهزاد جنگ جا منظر ڏيکارڻ جو وڏو ماهر هو. اولهه وارن ايران جا قديم نقش گڏ ڪري بهزاد جي فني ڪمال جو تعين ڪيو آهي ۽ ڪافي حد تائين اهي ان ۾ ڪامياب به ويا آهن، سندن خيال آهي ته هو تيموري طرز جو نقاش هو ۽ هن ان ۾ ڪا نواڻ پيدا نه ڪئي آهي پر ان هوندي به ننڍيون تصويرون ٺاهڻ ۾ کيس ڪمال حاصل هو، ان ڪري هُن ڪتابن کي مصور ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

 

نواز علي شوق/ڪراچي

 

سکر بئراج جو مسئلو سنڌ جي جياپي جي جنگ آ!

 

(حصو ٽيون)

 

سکر بئراج جي رپيئرنگ جو ڪم ڊسڪون ڪمپني جيڪا پڻ دائود ڪمپني وارن جي آھي ڪم ڪيو هو پر هن وقت هي موجوده صورتحال ۾ پيدا ٿيل ڪم انتهائي حساس نوعيت جو آھي ان لاءِ هاڻي حڪومت کي کپي ته جنهن ڪمپنيءَ ان بئراج کي ٺاهيو هو ان سان رابطي ۾ اچڻ ضروري ٿي پيو آھي ڇو ته ڪجھ عرصو اڳ ان ڪمپني کي لنڊن کان سروي لاءِ گهرايو ويو هو. هاڻ ڪم جي جيڪا حساسيت آھي ان کي معمولي قسم جو ڌيان نه پر باقاعدگيءَ سان جنگي ۽ هنگامي بنيادن تي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي ڌيان ڏئي ڪم ڪرڻو پوندو. وقت ۽ حالتن سان گڏ سکر بئراج واري حساس نوعيت واري صورتحال ٻڌائي ٿي ته فوري طور تي هڪ الڳ ڪميشن ٺاهي وڃي جيڪا ڪميشن فقط سکر بئراج نه پر سنڌ جي ٽنهي بئراجن جو گهرائيءَ سان جائزو وٺي. ان بابت جائزي دوران جيڪي به خدوخال يا اوڻايون سامهون اچن تن کي هٽائي ان تي ڪم ڪيو وڃي جيئن سکر بئراج واري گيٽ 47 ۽ گيٽ 44 واري صورتحال پيدا نه ٿئي. هڪ مشاهدي دوران اها ڳالھ سامهون آئي ته سکر بئراج واري پيدا ٿيل اڻٽر صورتحال جو سبب به اهو ئي آهي ته اتي پيدا ٿيل خرابين يا نقصان تي ڌيان ڏئي وقت سر ڪم نه ڪرڻ ان جو وڏو سبب آھي. ان ڪري هاڻ جيڪو پاڻي سنڌ جي موجوده سيزن ۾ فصلن جي پوکائيءَ لاءِ ضروري هو سو پڻ زيان پيو ٿئي ۽ ان سان اسان جي زراعت متاثر ٿيڻ جا وڏا ۽ واضح امڪان آھن. ان ڪري وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ ارسا کي کپي ته هڪ (مستقل ڪميشن) جوڙين جيڪا هر وقت جائزو وٺندي رهي، مختلف بئراجن جو ته اتي ڪهڙي صورتحال آھي ڇو ته موجوده صورتحال ٻڌائي ٿي ته آبپاشي کاتي ۾ مجموعي طور ڄڻ ته نااهل ۽ ڪرپٽ ۽ ڪم چور آفيسرز ويٺا آھن نتيجي ۾ سکر بئراج واري حساس نوعيت سامهون آئي آھي. هن غلطيءَ سان جتي سنڌ جي زراعت متاثر ٿيندي اتي انساني جياپي جو ۽ وڏي الميئي جو سوال پيدا ٿئي ٿو. موجوده سکر بئراج پراجيڪٽ ڊائريڪٽر زاهد مغل ڪيترن ئي ڪرپشن ڪيسز ۾ ملوث رهيو آھي جڏهن ته سندس مٿان 1.4 بلين رپين جي ڪرپشن الزام پڻ آھي! اهڙي نموني غير معياري سامان جي خريداريءَ جهڙن ڪيسن ۽ منپسند ڪمپنين کي ٺيڪا ڏيڻ جا ڪيس داخل ٿيل اٿس. هن وقت به ملڪي سلامتيءَ وارن ۽ سيڪيورٽي ادارن کان ويندي موسمياتي ۽ آبپاشي اختيارين جا خدشا آھن ته هن سال تيز برساتن سب وڏي ٻوڏ اچڻ جا امڪان آھن جنهن سان پاڻيءَ جو وهڪرو 9 لک ڪيوسڪ کان 10 لک ڪيوسڪ تائين اچي سگهي ٿو. (جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

هڪڙي چٽي آءِ جي سنڌ ڪراچي ڏانهن!‎

 

آءِ جي سنڌ ڪراچي، سڀ کان پهريان اسلام عليڪم، اميد آهي ته آءِ جي سنڌ ڪراچي صاحب خوش هوندئو! جيئن ته ڪجهه ڏينهن اڳ واهي پانڌي لڳ ڪجهه دهشتگردن مظلوم ڪشمير فقير ملوکاڻي کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن دهشتگردن ڪشمير فقير ملوکاڻي تي حملو ڪيو آهي جنهن حملي ۾ ڪشمير فقير ملوکاڻي سخت زخمي ٿي پيو آهي، هن وقت تائين سول اسپتال ۾ ڪشمير فقير ملوکاڻيءَ جو علاج هلندڙ آهي، اسين سڀ آءِ جي سنڌ ڪراچي کي اپيل عرض ڪريون ٿا ته واهي پانڌي ۾ زخمي ٿيل ڪشمير فقير ملوکاڻي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ڪشمير فقير ملوکاڻيءَ تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، مظلوم ڪشمير فقير ملوکاڻيءَ سان انصاف ڪيو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

ڪامريڊ!

 

هن جهان ۾ هر شيءِ ڪنهن نه ڪنهن کي فائدو پھچائيندي رهندي آهي، ڪا به قدرتي شيءِ اجائي يا بنا مقصد جي ناهي هوندي. اهڙي ئي طرح مالڪ جي طرفان پيدا ڪيل ذات اشرف المخلوقات مان ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون پيدا ٿيون جن پنهنجون زندگيون ٻين لاءِ وقف ڪيون. هي ڪهاڻي به هڪ اهڙي شخص جي آهي جنهن پنهنجي زندگي ٻين لاءِ ارپي ڇڏي. ڪامريڊ هڪ نيڪ دل ۽ پرامن انسان هو جنهن هر ڏکئي سکئي گهڙي ۾ سڀني جو ساٿ ڏنو. اها سيک کيس سندس والد صاحب کان ملي هئي جيڪو نيڪيءَ ۾ پنهنجو مٽال پاڻ هو. شروعاتي ڏينھن ۾ جڏهن ڪامريڊ ننڍن ٻارن سان ڀوڳ ڪندي چوندو هو (توهان جي ناني مري مان سيرو کاوان) سندس ٻه پٽ هئا هڪ ننڍو هو ۽ ٻئي پٽ جي شادي کي اڃان 6 مھينا ٿيا هئا ته ڪامريڊ جي زال ڪينسر ۾ وٺجي زندگيءَ جي جنگ هاري وئي. زال جي صدمي ڪامريڊ کي جھوري ڇڏيو هو پر پنهنجي ننڍي پٽ جي پرورش لاءِ مضبوط ٿي سڀ ڪجهه سنڀاليائين. سندي گهرواريءَ جي مرڻ بعد ھن جي طبيعت ۾ تبديلي اچي وئي، ڄڻ اهو ساڳيو ڪامريڊ نه رھيو هجي جيڪو پهرئين چيڙاڪ مزاج هو. هن جي شخصيت جهڙي ٻئي ڪنهن جي شخصيت اجاگر نه ٿي ان ڳوٺ ۾، پنهنجي پاڙي سان گڏوگڏ پوري ڳوٺ وارن جو خيال رکندو هو. گرمين يا برساتن ۾ جڏهن پوري ڳوٺ جي لائيٽ خراب ٿيندي هئي ته ڏينهن رات جي پرواهه بنا پاڙي جي ڪنهن ڇوڪر کي گڏ کڻندو هو جيڪو موٽر سائيڪل هلائي سگهي،

ان ساڻ روانون ٿي هر علائقي ۾ وڃي ٿنڀن تان لائيٽ صحيح ڪرڻ ۾ مشغول رهندو هو. تيستائين گهر نه موٽي ايندو هو جيستائين لائيٽ صحيح نه ٿيندي هئي. انهن سڀني جي هلندي جڏهن پنهنجي ننڍي پٽ ڏانهن ڌيان ويو ته سُڌ پيس ڳوٺ ۾ پڙهائيءَ جو ماحول سٺو ناهي، تنهن ڪري ننڍڙي پٽ کي شھر چاچي وٽ موڪليائين جنهن ماءُ جيان سندس پرورش ڪئي، ڪامريڊ پٽ کي موڪلڻ بعد  اڪيلو ٿي ويو، وڏو پٽ پنهنجي ڪاروبار کان واندو ٿي زال کي وقت ڏيندو هو. زال به ٻاراڻِي دماغ واري هيس، بس پنهنجي من تي هلندي هئي، ڪڏهن به پنهنجي سهري کي پيءُ سمجهي ان جي خاطرداري نه ڪيائين، ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪامريڊ جي وڏي پٽ جي زال به شهر ۾ رهڻ لاءِ وئي، جنهن پنهنجي ڏير کي پاڻ وٽ رهايو پر ڪڏهن به ڏير کي پنهنجو نه سمجھيائين. چوندا آهن ته پٽ ۽ پاسي واري ۾ ڏينهن رات جو فرق هوندو آهي. هن ڳالھ  جي ڪامريڊ کي گهڻي ڳڻتي هوندي هئي. منهنجو ٻچو بنا ماءُ جي دربدر ٿي رهيو آهي شايد مالڪ طرفان اهي ستم سور سھڻ لاءِ مليل آهن. ايئن ڏينهنڙا ۽ راتيون پنهنجي روزاني واري معمول موجب جيئندو هو، صبح سوير اٿي دڪان کولڻ بعد ڪم ڪار لاھي ماني ياد ايندي هئس ته ڪڏهن ڊبل روٽي پڪوڙا ته ڪڏهن ڦروٽ، ڪڏهن چانھ بسڪوٽ، ته ڪڏهن خالي پيٽ گذارو ڪندو هو. اهو سلسلو زال جي مرڻ بعد ئي شروع ٿي ويو هو ڇو جو ڪامريڊ جي پٽ جي زال ته ميڪروني سپيگيٽي وغيره ٺاهيندي هئي، ماني ۾ جيڪا ڪامريڊ نه کائيندو هو نه ئي ٺاهڻ کان انڪار ڪندو هو بس پنهنجي کاڌي جي غذا کان محروم ٿي رھڻ لڳو. سندس زندگيءَ ۾ هڪ جي خواهش هئي ته مان پنهنجي پٽ کي ٻاهر پڙهڻ لاءِ موڪليندس، بس چار سال واري ڊگري مڪمل ٿي وڃي. شايد رب کي ٻيو ئي ڪجهه منظور هو. هڪ صبح ڪامريڊ گهر جو دروازو کويو ۽ چوڪيدار کي اشارو ڏئي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو چوڪيدار ڪامريڊ ڏانهن ويو ئي پئي، تنهن وقت ڪامريڊ گهر جي در تي ڪري پيو، چوڪيدار پاڙي وارن ۽ ڊاڪٽر کي گهرايو، ڊاڪٽر چڪاس ڪري چيو ته سندس ساھ ان وقت ئي نڪري ويو جنهن وقت سندس جسم هيٺ ڪريو ڇو جو ڪامريڊ کي ميجر دل جو دورو آيو هو. سندس پاڙي ۾ رهڻ وارن چيو ته ڪامريڊ جي رات سڄي کنگهڻ جو آواز آيو پئي، اسان کي لڳو ته شايد موسم جي ڪري طبيعت خراب ٿي اٿس. جي سندس پٽ گڏ هجي ها ته رات ئي ٿوري طبيعت خراب ٿيڻ تي ڊاڪٽر کان چڪاس ڪرائي اچي ها پر نه پٽ گڏ هو نه ئي اهي پاڙي وارا جنهن لاءِ ڪامريڊ هر وقت حاضر رهندو هو. اڄ نه فقط اهي پٽ پنهنجي پيءُ کان محروم ٿيا ويا پر پورو ڳوٺ هڪ اهڙي هستي کان محروم ٿي ويو جنهن هر ڪنهن جو ڏکن سکن ۾ ساٿ ڏنو. ڪامريڊ هر  ڪنهن جي زندگيءَ ۾ هوندو، جيڪو بنا مطلب هميشه مدد ڪندو آهي پر هي ڪامريڊ پوري ڳوٺ وارن لاءِ خاص هستي هو، سڀني ڏکن سورن کي پنهنجي پاڻ سان گڏ کڻي ويو. ڪڏهن به ڪنهن کان شڪايت نه ڪيائين ته منهنجي زندگي  ڏکي آهي پر پاڻ ڏکن ۾ ھوندي به ٻين جو سهارو بڻيو. هن دنيا جو دستور آهي، ره رشتا توهان ساڻ هميشه لاءِ گڏ ناهن هوندا پوءِ ڇو نه توهان اڪيلا ئي رهجي وڃو. ان اڪيلائيءَ ۾ زندگي گذارڻ بعد توهان جو ڪردار ئي توهان کي زندهه رکندو.

 

پريا گوسوامي/ عمرڪوٽ

پاڪستان ۾ وڌندڙ آپگھاتن جا ڪارڻ!‎

 

پاڪستان جي ھلچل واري منظرنامي ۾ نوجوان آبادي قوم جي مستقبل جي ڪرنگھي جي حيثيت رکي ٿي. اڃان تائين امڪاني ۽ واعدي جي منهن جي هيٺان هڪ واضح حقيقت آهي. نوجوانن جي آپگھات ۾ هڪ واڌ جيڪو سمورن اسٽيڪ هولڊرز جو فوري ڌيان ۽ گڏيل ڪوششن جو مطالبو ڪري ٿو. نوجوان، خوابن ۽ اميدن سان ڀريل، اڪثر پاڻ کي پنهنجي نسل لاءِ بيشمار چئلينجن سان وڙهندا نظر ايندا آهن. پاڪستان ۾ جتي سماجي ۽ اقتصادي فرق موجود آهن ۽ ترقيءَ جا موقعا اڪثر محدود آهن، اتي ڪيترائي نوجوان نااميدي ۽ نااميديءَ جي احساسن ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿا. پاڪستان ۾ نوجوانن جي آپگھات ۾ ڪردار ادا ڪندڙ بنيادي سببن مان هڪ سماج ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ تمام گهڻو دٻاءُ آهي جتي ڪاميابي اڪثر ڪري علمي ڪاميابين ۽ ڪيريئر جي ترقيءَ جي برابر هوندي آهي. تعليمي فضيلت جي لاڳيتي جاکوڙ، ناڪاميءَ جي خوف سان گڏ، نوجوان شاگردن جي ڪلهن تي هڪ وڏو بار رکي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ناقص ۽ خود شڪ جا جذبا پيدا ٿين ٿا. ان کان سواءِ سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي وسيع اثر ان مسئلي کي وڌيڪ وڌايو آهي، نوجوان ماڻهن سان لاڳيتو خوبصورتي، ڪاميابي ۽ خوشي جي غير حقيقي معيارن جي بمباري سان، انهن ناقابل قبول آدرشن جي تعميل لاءِ دٻاءُ انهن جي ذهني تندرستي تي سخت اثر وجهي سگهي ٿو، جنهن جي ڪري اڪيلائي ۽ اجنبيت جا احساس وڌي سگهن ٿا. ان کان سواءِ صنفي ڪردار ۽ سڃاڻپ جي ڀرسان سماجي اميدون پڻ نوجوان فردن، خاص طور تي LGBTQ+ نوجوانن جي ڪمزوري ۾ حصو وٺن ٿيون، جيڪي شايد انهن جي خاندانن ۽ برادرين پاران ڌڪارڻ ۽ رد ڪرڻ کي منهن ڏئي سگھن ٿا. قبوليت ۽ حمايت جي کوٽ انهن ماڻهن کي نااميديءَ جي احساسن ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي، اڪثر ڪري ڏکوئيندڙ نتيجا نڪرندا آهن. اضافي طور تي ذهني صحت جي خدمتن ۽ وسيلن تائين رسائي جي کوٽ مسئلي کي وڌائي ٿي. ڪيترن ئي نوجوان خاموشيءَ سان جدوجهد ڪري رهيا آهن جن جي مدد يا رهنمائي لاءِ ڪو رستو ناهي. ذهني بيماريءَ جي چوڌاري اسٽيگما انهن کي مدد طلب ڪرڻ کان روڪي ٿو، وڌيڪ مصيبت ۽ اڪيلائي جي چڪر کي جاري رکي ٿو، پاڪستان ۾ نوجوانن جي آپگھات جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ گهڻ رخي روشني ضروري آهي. سڀ کان پهرين اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ ذهني صحت جي تعليم جي جامع پروگرامن جي تڪڙي ضرورت آهي ته جيئن ذهني صحت جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي ۽ ذهني صحت جي مسئلن لاءِ مدد طلب ڪرڻ کي عام ڪيو وڃي. ان کان سواءِ حڪومت کي ذهني صحت جي خدمتن ۽ سهولتن کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ وسيلا مختص ڪرڻ گهرجن، خاص طور تي غير محفوظ ڳوٺاڻن علائقن ۾ جتي اهڙين خدمتن تائين رسائي محدود آهي. اضافي طور ڪميونٽين جي بنياد تي نوڪريون، جهڙوڪ پير سپورٽ گروپ ۽ مشوري جون خدمتون، نوجوانن کي پريشانيءَ ۾ تمام ضروري جذباتي مدد ۽ هدايت فراهم ڪري سگھن ٿيون.

 

ارسلان جاويد شر/ ٺري ميرواھ

 

زرداري جي سکر آمد ۽ بئراج جي دروازي ڪرڻ جو معاملو!

 

20 جون تي سکر بئراج جو گيٽ نمبر 47 مرمتي ڪم دوران ڌماڪي سان ڪري پيو جيڪا خبر عام ٿيڻ بعد سرڪار ٿرٿلي ۾ اچي وئي ۽ سموري حڪومتي مشينري وڏو وزير، آبپاشي وزير، بئراج انجنيئر، آبي ماهر اچي سکر پهتا، جنهن لاءِ ان معاملي تي آبپاشي وزير ڄام خان شورو پنج رڪني ڪاميٽي جاچ لاءِ جوڙي ڇڏي جيڪو صرف دروازي جو معاملو نه هو پر سنڌ جي اڍائي لک کان وڌيڪ زميندارن ۽ هارين جي معاشي مستقبل سان ٻڌل مسئلو هو، جنهن سبب حڪومت مخالفن جا بيان سرڪار ۾ ويٺل حڪمرانن کي پريشان ڪري ويٺا جنهن لاءِ حڪومت ۾ ويٺل حڪمران ۽ عملدار بروقت سکر بئراج جو معائنو ڪرڻ پهچي ويا هئا، جنهن لاءِ صورتحال اها رهي ته آبپاشي وزير جاچ لاءِ ڪاميٽي ويهاري جنهن ۾ ٽيڪنيڪل انڪوائري ڪاميٽي جي سربراهي غلام محي الدين مغل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پنهنجي ميمبرن سان گڏ ڪندو جنهن ۾ پريتم داس ايم ڊي سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينج اٿارٽي، منصور ميمڻ چيف انجنيئر حيدرآباد ريجن، مختيار ابڙو چيف انجيئر سکر رينج شامل آهن. بئراج جي متاثر دروازي جي مرمت ڪرڻ سبب 07 وڏين شاخن کي پاڻي فراهمي بند هجڻ سان گهڻن ضلعن ۾ زرعي پاڻي سان چانور، ڪپهه ۽ ڪمند جي فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿيو، سکر بئراج 1932ع ۾ صوبي ۾ آبپاشي ۽ ٻوڏ کان بچاءِ لاءِ تعمير ڪيو ويو هو ۽ جنهن مان نڪرڻ وارين ست شاخن مان سنڌ جي زرعي زمينن جو 70 سيڪڙو آباد ٿيندو آهي، بئراج جي مرمت ٿيندڙ 66 دروازن مان 56 دروازن جي مرمتي ڪم دوران دروازي 47 ۽ 43 جي پلرن کي نقصان پهتو جنهن سان شاخن کي پاڻي فراهمي معطل ٿي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاخن ۾ پاڻي فراهمي جلد ممڪن بڻائي فصلن کي نقصان کان بچايو وڃي، تحقيقاتي ڪاميٽي کي کپي ته اصل حقيقتون معلوم ڪري غفلت جي نشاندهي تي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري. هوڏانهن صدر پاڪستان آصف زرداري سکر پهتو جنهن پنهنجي طرفان هدايتون جاري ڪيون جنهن سکر ڪمشنر آفيس ۾ امن امان حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته رياست سامهون هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ آمادهه ڪچي جي ڏوهي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي جيئن ڪچي جي علائقي ۾ رستن، صحت، تعليم جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائي سگهجي، جنهن لاءِ ان پنهنجي پاران انتظاميه کي خاص هدايتون جاري ڪيون ۽ ڪچي جي علائقي جي سردارن تي ٻڌل هڪ قومي جرڳو گهرائڻ جي صلاح ڏني ته قومي جرڳو ڏوهن جي خاتمي ۽ ڪچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڏيکاري.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل