حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

رات ۽ صبح جي وچ واري پهر ۾ بار بار سحريءَ وارا ننڊ ٿا ڦٽائين، جيڪا ڳالهه تمام گھڻي خراب ٿي لڳي، رشيد سان گڏجي صبح جو نيرن ڪرڻ کان پوءِ لائبريري هليو ٿو وڃان. ماسٽر دانش مون کي گذريل ڏينهن جيان اڄ به چيو ته آئون پنهنجي سنڌي ادب جي پاسي سرٽيفڪيٽ جي ويريفڪيشن ڪرائي وٺان. مون جڏهن ڪالهه جيان اڄ به هُن کي ساڳيو جواب ڏنو ته منهنجو ڪم ڪونه ٿيندو، ته چيائين ته تنهنجي فائيل تي ايس ايس پي صاحب جي حڪم تي ڪم شروع ٿي ويو آهي پر اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪجان، ڇو جو اندر جي ڳالهه آهي. شام جو پيارو دوست ذيشان صواتي ملڻ آيو، هُن کي به طالب موڪليو هو، جنهن کي چيم ته في الحال ڪجھه ٿيڻ ته ڏي پوءِ ٺاهه ڪبو گھوڙي سان، هُن چيو ته آئون وڏيون ڊاڙون هڻي آيو آهيان ته ڀاءُ آصف منهنجي عزت رکندو ۽ هُو منهنجي پاڙي جو ۽ منهنجو ويجھو دوست آهي. رشيد واري چا حسين يعني چاچا حسين جو ٽوٽل پنهنجي کوليءَ ۾ ڪرايم، رشيد ۽ مون ونگز جي ورزش ڪئي، هينئر رشيد ڪتاب پڙهي رهيو آهي ۽ هُن وارو چا حسين سُتو پيو آهي، پکن جي گڙ گڙ جو آواز ڪنهن جي ياد ڏياري رهيو آهي. (29 مارچ 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سٿ کي عيد واڌايون!

منهنجي ۽ جيل جي ٻين قيدين پاران سڀني مسلمان ڀائرن کي عيد جون لک لک واڌايون هجن، خاص ڪري پنهنجي اخبار جي سڄي ٽيم کي عيد جون لک لک واڌايون ۽ کوڙ ساريون مبارڪون هجن، مان جيل مان پنهنجي اخبار جي اداري جي چيئرمين محترم علي قاضي صاحب کي خاص طور تي عيد جون لک لک مبارڪون پيش ڪيان ٿو. پنهنجي اخبار هڪ بهترين اخبار آهي جيڪا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسُر ويل اچي اسان قيدين سان رهاڻيون ڪري ٿي. مان پنهنجي اخبار ۾ سينٽرل جيل جي قيدين ۽ پنهنجي شهر ڄامشورو لاءِ جڏهن به ڪجھه لکيو آهي ته پنهنجي اخبار هميشه جيان پنهنجو فرض سمجھي منهنجي هر لکڻيءَ کي شايع ڪندي مانُ ڏنو آهي. پنهنجي اخبار اسان قيدين کي ايتري ته وڻي ٿي جو ان کي اسان دل سان پڙهندا آهيون. خاص ڪري منهنجون چٺيون جيڪي آئون قيدين لاءِ لکندو آهيان، انهن چٺين جي ڪري مون کي هر جيل مان خط ايندا رهندا آهن، هر روز مان پنهنجي اخبار ۾ قيدين لاءِ ڪجھه نه ڪجھه لکي موڪليندو آهيان، تنهن لاءِ پنهنجي اخبار جيلن ۾ رهندڙ قيدين جي پسنديده اخبار آهي. اسان قيدين جي هميشه دعا آهي ته پنهنجي اخبار اڃا به گھڻي ترقي ڪري ۽ بيشمار ڪاميابيون ۽ خوشيون ماڻي. مان پنهنجي اخبار جي سموري سٿ کي دل جي گھراين سان عيد جون واڌايون پيش ڪريان ٿو، ان سان گڏ سنڌ جي جيلن ۾ رهندڙ سڀني قيدين کي به لکين عيد جون واڌايون پيش ڪريان ٿو. ڄامشورو شهر ۾ رهندڙ پنهنجي پياري ڀاءُ سورج چانڊيو کي به عيد جون واڌايون پيش ڪريان ٿو.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

*-*-*

بغداد جي عروج جي هڪ جھلڪ!

اسان پنهنجي ڳالهه المقتدر بالله جي وقت واري بغداد جي تعريف تي ختم ڪريون ٿا ته ان وقت هو ڪيڏي عروج تي پهتل هو. جڏهن روم جي شهنشاهه جو ايلچي درٻارِ خلاف ۾ حاضر ٿيو هو، بغداد ۾ صرف دارالخلافت (Khalifa House) پنهنجي وسعت ۾ وڏي آباديءَ جي لحاظ سان موجود شام جي وڏي کان وڏي شهر کان به وڏو هو. هتي خدمت طور يارنهن هزار خواجه سرا (کدڙا) هوندا هئا، ان کان سواءِ هزارين نوڪر چاڪر، ٻانها ۽ غلام هوندا هئا، هڪ شفٽ ۾ چار هزار نوڪر چاڪر ڪم ڪندا هئا. جڏهن روم جي شهنشاهه جو ايلچي اتي آيو ته کيس دارالضيافت (مهمان خاني) ۾ وٺي آيا، دارالضيافت کان دارا الخليفه تائين فوجي قطار ۾ بيٺل هئا، جن فوجين ان مظاهري ۾ حصو ورتو تن جو تعداد هڪ لک سٺ هزار هو، هن ۾ سوار ۽ پيادي فوج شامل هئي، هُو انهن جي وچان لنگھي اچي دارالخلافت تائين پتهو، هن خليفي کي سلام ڪيو، خليفي حڪم ڪيو ته مهمان کي دارالخليفه جو سير ڪرايو وڃي، خليفي جي رهڻ وارو گھر خالي ڪرايو ويو هو، اتي ست هزار خادم، سئو چوڪيدار ۽ چار هزار شيدي غلامن کان سواءِ ڪو به نه هو، ان موقعي تي اتي شاهي خزاني ۽ جنگي هٿيارن جي اهڙي ريت نمائش ڪئي وئي هئي جيئن شاديءَ جي موقعي تي عورتون ڪنوار جو ڏاج ڏيکارينديون آهن. جڏهن اهو ايلچي دارالشجره (وڻڪار) ۾ آيو ته اتان جو نظارو ڏسي دنگ رهجي ويو. اتي هڪ وڻ چانديءَ جو ٺهيل هو، جنهن جو وزن پنج لک درهم (چاندي عربي سڪو) هو، ان وڻ جون ارڙنهن وڏيون لامون هيون ۽ هر لام ۾ ننڍڙيون لامون نڪتل هيون، انهن ننڍڙين لامن تي مختلف قسم جون جھرڪيون ۽ ٻيا پکي ويٺل هئا، جن مان ڪي چانديءَ جا ته ڪي سون جا ٺاهيل هئا. ان وڻ جا پن به مختلف قسم جا هئا ۽ انهن جا مختلف رنگ هئا، اهي اهڙي ريت لڏندا هئا ڄڻ هلڪي هلڪي هوا گھُلي رهي آهي. اهي سڀ سونهري ۽ چانديءَ جي رنگ وارا پکي هوائن جي مختلف رخ تي اهڙي ريت چهنب کليل ويهاريا ويا هئا جو هوا جي لهرن سان پکين جون لاتيون ٻڌڻ ۾ ٿي آيون. دارالشجره وٽ پندرنهن گھوڙي سوارن جا مجسما لڳل هئا جيڪي خوبصورت ريشمي پوشاڪ پهريل گھوڙي تي سوار هئا، سندن هٿن ۾ ننڍا ننڍا نيزا هئا، اهي هڪ ٻئي جي پويان ڀڄندي ڏيکاريل هئا. ڄڻ هڪ ٻئي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندا هجن، ان کان پوءِ اهو (رومي سفير) الفردوست محل ۾ ويو، جتي بيشمار جنگي هٿيار رکيل هئا، ان کان پوءِ کيس خلافتِ هارون جي هڪ محل کان ٻئي محل نيندا رهيا، هن 33 محلاتن جون معائنو ڪيو، وچ ۾ هن ست ڀيرا ساهي کنئي. ان کان پوءِ هو المقتدر بالله جي مجلس ۾ موٽي آيو، مورخن لکيو آهي ته ان موقعي تي خلافت هائوس ۾ 22 هزار قيمتي قالين وڇايا ويا هئا، مختلف محلن ۾ ان موقعي تي 38 هزار ريشمي سونهري پردا لڳايا ويا هئا. دارالخلافت ۾ روم جي شهنشاهه جي سفير کي جيڪي شيون ڏيکاريون ويون تن ۾ جانورن جو پارڪ به شامل هو، جتي مختلف قسم جا وحشي ۽ اڻ ڏٺل جانور موجود هئا، اتي هڪ هاٿي گھر به هو، جنهن ۾ چار هاٿڻيون هيون، هر هڪ جي خدمت چاڪريءَ لاءِ 08 هندستاني ملازم مقرر هئا. وحشي جانورن لاءِ سئون جايون ٺهيل هيون، جن ۾ مختلف قسم جا سئو گھر هئا، وحشي جانورن جا اهي گھر جانورن واري باغ کان ساڄي پاسي 50 ۽ کاٻي پاسي 50 هئا، هر شينهن ۽ هر وحشي جانور کي هڪ هڪ ماڻهو جھليو بيٺو هو، انهن جانورن جي ڳچين ۾ لوهي زنجير ٻڌل هئا. خلاف هائوس جي معائني کان پوءِ روم جي شهنشاهه جو سفير دنگ رهجي ويو ڇاڪاڻ ته ان وقت روءِ زمين تي اهڙو محل موجود نه هو.

نواز علي شوق/ڪراچي

سکر بئراج جو مسئلو سنڌ جي جياپي جي جنگ آ!

(حصو ٻيون)

ڪوٽڙي بئراج جو هنڌ سنڌو درياهه سنڌ، پاڪستان (حيدرآباد کان اٽڪل 60 ڪلوميٽر مٿي). هن بئراج جو  مقصد آبپاشي جي نظام ۽ ٻوڏ کي ڪنٽرول سميت ۽ پاڻيءَ جي فراهمي آھي. سنڌ جي هن آخري بئراج جي پاڻيءَ جي نيڪال جي گنجائش 1.1 ملين ڪيوسڪ آھي. ڪوٽڙي بئراج جي تعمير 1955-1962 ٿي، جنهن تي لاڳت 350 ملين رپيا  ٿي. ان وقت جي صدر ايوب خان ان جو افتتاح  ڪيو، جنهن جو ٽيڪنيڪل تفصيل هن ريت آھي، گيٽ تي ڪنٽرول ٿيل وير ٽائيپ بئراج، 44 بيز سان، هڪ نيويگيشن لاڪ ۽ وڌ ۾ وڌ ٻوڏ جي سطح جي اوچائي 24 فوٽ آھي. هي بئراج ڪراچي کي آبپاشي ۽ پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو آھي. سنڌو درياهه جي ڊيلٽا ۾ ٻوڏ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. مرمت جي تاريخ 1983-85  آهي، بحاليءَ جو ڪم، بشمول دروازن جي بدلي ۽ بئراج جي ڍانچي جي مرمت 2004-06: نيويگيشن لاڪ تي مرمت جو ڪم ۽ دروازن جي متبادل تي ڪم ٿي چڪو آھي2012-14:  بئراج جي بحالي، بشمول 22 دروازن جي بدلي ۽ بئراج جي ڍانچي جي مرمت به ٿي چڪي آھي. جڏهن ته 2020ع ٻوڏ سبب ٿيل نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي مرمت به ٿي چڪي اٿس. ھتي جيڪا کوٽ محسوس ٿئي ٿي ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ڊگهي پلاننگ سان long Term اشوز تي ڪم ڪونه پئي ڪري، اهو ڪم فقط سنڌ ۾ ئي نه پر ڪٿي به ڪونه پيو ٿئي جنهنجا نتيجا سامهون اچي رهيا آھن، جيڪي ڪي بهتر ناھن. اهڙي نموني سنڌ حڪومت به ڪنهن به اهم يا عام مسئلي تي ڊگهي پلاننگ نه پئي ڪري جنهن کي ڊگھي منصوبابندي چئي سگهجي. تازو سکر بئراج جي گيٽن وارو نقصان جتي بئراج ۽ آبپاشي کاتي جو ۽ زراعت جو نقصان ٿيو آھي اتي اهو نقصان انساني الميئي جو سبب به بنجي سگهي ٿو. اهو شرط هو ته جڏهن بئراجن جي لائيف ٽائيم ختم ٿي ته انهن جي رپيئرنگ ۽ ريپليسمنٽ ڪرڻ ضروري هو پر افسوس جو اهو ڪم وقت سر نه ٿيو اهو حال سنڌ ۾ ٽنهي بئراجن جو آھي. هن وقت اسان جي نهري نظام تي بيٺل گڊو بئراج، سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج جو مقرر مدو پورو ٿي چڪو آھي ۽ هي سنڌ جا 3 بئراج ڌيان سان گڏ وڏو ڪم گهرن ٿا ڇو ته هن ننڍي هڪ ٻن گيٽن جي متاثر ٿيڻ سان اسان جا فصل جنهن جي هن وقت تازي پوکائي ٿي چڪي آھي ۽ ڪجھ ٿي رهي آھي وڏا متاثر ٿيا آهن جيڪو پڻ اربين نه پر کربين رپين جو زرعي قومي نقصان ٿيندو.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

سنڌ جا مڪاني ادارا

ڪم ڪڏهن ڪندا؟

مڪاني ادارا جن کي گهڻو عرصو گذريو ويو آھي يونين ڪائونسل چيئرمين کي جن جي بجيٽ به جاري ٿي وئي پر اھو سمورو پئسو ڪٿي خرچ ٿي رھيو آھي؟ ان جو پتو ڪونهي، صرف عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ڪجهه فوٽو سيشن وارو ڪم عروج تي آھي. ھيٺين سطح تي اختيار ڏيڻ جو مقصد اھو ھو ته ڳوٺاڻي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي عوام جي ترت داد رسي ٿئي، انهن کي ھر ننڍي مسئلي جي حل لاءِ وڏا پنڌ نه ڪرڻا پون پر ٿيو ان جو ابتڙ، ھڪ ته ھر يوسي ۾ ملازن جي گهڻائي آهي ۽ ٻيو حصو پتي واري لاڙي ۾ سمورو پئسو ڪرپشن جي ور چاڙھيو پيو وڃي. يونين ڪائونسل ھيرار جنهن جي ڪل بجيٽ تقريبا 50 لک رپيا جاري ٿي، جنهن ۾ سٺن منصوبن تي گهڻي اثرائتي انداز سان خرچ ٿي سگهي ٿو پر ان بجاءِ پوري يوسي کي چند کوھن تي ڪجهه پليٽون لڳائي سمورو پئسو ڪاغذي ڪارروائيءَ ۾ پورو ڪيو ويو. ٿرپارڪر جيڪو پاڻي، صحت ۽ تعليم جهڙن اھم مسئلن جي ور چڙھيل آھي، اتي پاڻي ڏيڻ وارو منصوبو بهتر ڪم ھو پر ان جي شفافيت ۽ لاڳت اھم آھي. کوھن تي سولر پمپ ھڪ ته اتي ڏنا ويا جتي اڳ ئي لڳل هئا ٻيو جيڪو پنهنجو کاتيدار ۽ ويجها ھئا ۽ فوٽو سيشن ۾ غريبن جي ھمدردي واري عنصر کي ڏاڍو اڀاريو ويو آھي، غريبن کي صرف آسرا ۽ رسوائي نصيب ٿي. اسان رھواسي يوسي چيئرمين ھيرار کي اھو عرض ٿا رکون ته ھر ميمبر کي ڪيتريون اسڪيمون ڏنيون ويون آھن ۽ ڪل پئسو ڪٿي خرچ ڪيو ويو ان جا تفصيل ڏنا وڃن، يوسي چيئرمين ۽ ميمبر صاحبان رھنمائي ڪن ته سموري بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي؟

ساجد حبيب ٻهپار/ ڪانڪيو، ڇاڇرو

برساتون ۽ اسان جو ننڍپڻ!

ننڍپڻ به ڪيڏو نه عجيب ۽ وڻندڙ ھوندو آھي، ننڍا ھوندا ھئاسين ته آسمان تي ڪڪر ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا ھئاسين، دل باغ  بھار ٿي ويندي ھئي، پاڻ ۾ ھڪ ڪٽنب جا ٻار گڏ ٿي جھمريون پائيندا ھئاسين ۽ پوءِ ريليءَ جي صورت ۾ ٻاھر نڪري خوشيون ملهائيندا ھئاسين ۽ اوڙي پاڙي جي ھڪ جيترن ٻارن کي گڏ ڪري نچندا ڪڏندا ھئاسين، بس اسان سڀني جي زبان تي ھڪ ئي نعرو ھوندو ھو ته ڄاڻ مينھن آيو، ڄاڻ مينھن آيو. پنھنجا لٽڙا پسائينداسين، وغيره وغيره پر جيئن جيئن وڏا ٿيندا وياسين ته زماني جي دردن، ملڪ ۾ وڌندڙ هٿرادو مهانگائين اسان کان جيئڻ جو مزو ئي کسي ڇڏيو ۽ اسان کان خوشيون ايئن رُسي ويون جھڙوڪ اڄ ڪلھ پيءُ، پٽ ۽ ڀائر ڀينرون ھڪ ٻئي سان ملڪيتن تان رسيو وڃن. برسات خدا پاڪ جي رحمتن منجھان ھڪ رحمت آھي پر اڄ جڏھن آسمان تي ڪڪر ڏسون ٿا ته ڄڻ ساھ مٺ ۾ اچيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ملڪي حڪمران گذريل ڪيترن ئي سالن کان سم نالن، واھن، شاخن جي صفائي نه ڪرائڻ سبب ڪيترائي نقصان پيا ٿين جنھن جو مثال گذريل سالن جون برساتون آھن انھن برساتن ۾ غريبن توڙي وچين طبقي جي ماڻھن جو تمام گھڻو نقصان ٿيو، سندن گھر ڊھي پٽ ٿي ويا، فصل تباھ ٿي ويا برسات ۽ ڪٿي وري کنوڻ ڪرڻ جي سبب ڪيترائي ماڻھو ۽ ڍور مري ويا، ماڻھو ويچارا دربدر ٿي ويا، ملڪ ۾ ھر شيءِ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي ۽ استعمال ۾ ايندڙ شين کي ڄاڻي واڻي مھانگو ڪيو ويو، مطلب ته ڪھڙا سور لکي ڪھڙا لکان؟ ايڏي وڏي نقصان ٿيڻ بعد به وقت جي بيرحم حڪمرانن تي ان جو ڪو به اثر نه پيو، ملڪ ۾ ٿيندڙ برساتي نقصان جي ڪري جن ملڪن اسان جي مالي مدد ڪئي ھئي اھي به پئسا حڪمران پاڻ کائي ويا، عوام کي مليا ته صرف ۽ صرف ڪوڙا دلاسا. عوام ساڳيو سورن ۾ آھي، ھاڻي جڏھن موسميات کاتي وارا ۽ مختلف چينلن ۽ سوشل ميڊيا تان سانوڻ جي برساتن بابت ٻڌون پيا ته ڄڻ ساھ مٺ ۾ اچيو ويو آهي جڏھن ته ھن وقت سنڌ ۾ برسات جي ضرورت به محسوس ٿي رھي آھي، ڇاڪاڻ ته سکر بئراج جي ڪجھ در ڪري پوڻ سبب سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن، واھن ۽ شاخن ۾ پاڻيءَ جي فراهمي بند آھي جتي پاڻيءَ جي کوٽ سبب انسان ۽ قدرتي نباتات ڏکائين کي منھن پيا ڏين اتي سنڌ جي زراعت جو پڻ تمام گھڻو نقصان ٿي رهيو آهي. خدا نه ڪري جيڪڏھن ماضيءَ جيان ھي سانوڻ جون برساتون به رحمت بجاءِ زحمت بڻجي وڃن ته ان جي بچاءَ لاءِ ھن وقت تائين حڪومتي سطح تي ڪي خاص جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آھن جنھن ڪري ھر چھرو ماضيءَ کي ياد ڪري پريشان نظر پيو اچي ۽ ھر ڪنھن جي وات تي اھا ئي وائي آھي يا رب پاڪستان ۽ خاص طور سونھاري سنڌ ۾ پنھنجي رحمت واري برسات ايتري وسائجان جيتري اسان ۾ سھپ ھجي، اسان جي ڪچن گھرن، غريب مارن، مزدورن ۽ ھارين جي توکي پارت ھجي، باقي بيرحم حڪمرانن مان چڱائي جي ڪا اميد ناھي.

ستار سنڌي/ ڪنب

ڪينجهر کي بهتر بنائڻ جي فوري ضرورت!‎

ضلعي ٺٽي ۾ تازي پاڻيءَ جون ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ وڏيون ڍنڍون آهن، جن ۾ سڀ کان وڏي ڪينجهر ڍنڍ آهي. هيءَ ڍنڍ مقامي آبادي ۽ خاص ڪري ڪراچي جي شهرين لاءِ گرم موسم ۾ سياحتي مقام جي حيثيت رکي ٿي. سنڌ جي ٻين سياحتي ماڳن جيان ڪينجهر به حڪومت جي غفلت جو شڪار آهي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ عملدارن ۽ ادارن لاءِ الڳ الڳ رزارٽس موجود آهن. سهولتون جيڪڏهن نه آهن ته صرف عوام لاءِ نه آهن. دنيا جي بهترين ساحلن جيان هتي به شاندار ڪم ٿي سگهي ٿو پر حڪومت ايئن ڪرڻ کان قاصر آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ خبر پڙهيم ته ڪينجهر ۽ گورک هل اسٽيشن کي هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ حوالي ڪيو پيو وڃي، جيڪا ٻنهي ماڳن تي سياحن لاءِ بھترين انفراسٽرڪچر جوڙيندي ۽ منافعو به حاصل ڪندي. اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۾ سنڌ جي طاقتور حڪومت اربين رپيا خرچ ڪري پوءِ به سنڌ جي تاريخي ماڳن کي اھو مقام نه ڏياري سگھي آھي جيڪو ٻين صوبن جي سياحتي ماڳن کي حاصل آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪينجهر تي وڃڻ ٿيو ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڍنڍ سان ھڪ بند نما پيچرو جتان اڪثر ماڻهو پنهنجون گاڏيون هلائي ڍنڍ واري پاسي ھيٺ لاھي ايندا آھن، اھو ٽٽل ۽ ڪچو آھي. مخروطي ۽ چھنبدار پٿرن واري پيچري ته جي ڊامبر جو ھڪ اڌ تھ ڏنو ويندو ته گاڏيون آرام سان ھلي پارڪنگ واري جڳھ تي لھي اينديون. ان کان سواءِ، مون ڏٺو ته ڍنڍ ۾ وھنجڻ وقت ماڻھو پلاسٽڪ ۽ جوسز جون بوتلون پاڻيءَ ۾ اڇلائين پيا، ٿڪون ۽ پنهنجو نڪ به ات پيا صاف ڪن، ڪو شڪ ناهي ته ماڻهو ۽ ٻار غسل ڪرڻ دوران پاڻي ۾ پيشاب به ڪندا ھوندا! ضلعي حڪومت کي گهرجي ته ماڻهن کي ڍنڍ جي ماحول کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ پمفليٽن وسيلي آگاهي ڏئي ته جيئن اهڙي رويي کان ماڻھو بچي سگھن. مان سنڌ حڪومت کي گذارش ٿو ڪريان ته ڪينجهر ڍنڍ کي هڪ اهم سياحتي مقام ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي، جنهن سان حڪومت کي ڪافي آمدني به ٿيندي ۽ عوام کي سهولتون به ملنديون.

علي رضا/ ڪراچي