حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

اڄ ماسٽر دانش کان رشيد جي اسڪول پڙهڻ جي لاءِ پرچيءَ تي صحيح ڪرايم، جنهن جي ڪجھه دير کان پوءِ طالب هنڱوري ۽ ماما منير (ٽاور انچارج) دانش کي سڏ ڪرايو ۽ جڏهن ماسٽر دانش واپس موٽيو ته هُن جو منهن لٿل هو ۽ هُو چوڻ لڳو ته منهنجي صحيح جيل ۾ ڪا حيثيت نٿي رکي ۽ ڪنهن به قيديءَ کي پڙهڻ جي اجازت ايئن ناهي ان لاءِ رشيد به جيل ۾ ڪونه پڙهندو! مون جڏهن دانش کي غور سان ڏٺو ته هُو چوڻ لڳو ته اهو طالب گھوڙي چيو آهي ۽ تون ڪجھه صبر کان ڪم وٺ. آئون لائبريري مان سڌو بدر ڀائو واري آفيس ۾ هليو آيس جتي مفرور طالب گھوڙو ڀائو بدر واري ڪُرسيءَ تي ويٺو هو ۽ ڀرواري ڪرسيءَ تي منير، ڪجھه ٻيا قيدي به ڪمري ۾ موجود هئا، مون هُن کي چيو ته ڪر خبر! تو اسان جي پرچي روڪي آهي؟ چيائين ان جي اجازت ناهي، چيومانس ته تون 5،5 سئو رپيا وٺي جيل جا ٻه نمبر قيدي کولي ۽ عزت وارن کي سيل موڪلي رهيو آهين ڇا ايئن جيل هلندا آهن؟ تو جنهن ڇوڪري کي اسڪول کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪورٽن ۾ شنوائين تي ويندو آهي، ان لاءِ، اُن جي ئي هٿان توتي اهڙيون درخواستون لڳرائيندس جو تون مردود ٿي ويندين. هن چيو ته پر سپرنٽينڊنٽ جو منع ٿيل آهي! مون چيو نااهل حوالدار تون ۽ منير بس هڪ ٻه ڏينهن ڏسو، پوءِ آئون توهان کي ڏسان ٿو. آئون اهو ڳالهائي اتان سڌو لائبريري ۾ آيس، ڪجھه دير بعد مون کي جوابدار اچي چيو ته توهان کي ايس ايس پي صاحب سڏي رهيو آهي. آئون ماڙيءَ مان سڌو ايس ايس پي صاحب جي آفيس ۾ ويس، مون سان گڏ اندر طالب گھوڙو به هليو آيو جنهن کي جناب اشفاق ڪلوڙ صاحب پنهنجي آفيس مان ٻاهر ڪڍيو. ايس ايس پي صاحب مون کي سلام جو جواب ڏيڻ کان پوءِ چيو وري آصف…؟ تو ڪالهه مون سان واعدو ڪيو هو ته تون 20 ڏينهن تائين ماٺ ڪري ويهندين ۽ ڪنهن سان به ڪو ڦڏو ڪونه ڪندين. ڇا تون پنهنجي واعدي جو پاس رکي رهيو آهين؟ چيومانس پر مون ته اهڙو ڪو به عمل ناهي ڪيو! ها هڪ دوست کي اسڪول موڪلڻ جي رڳو ڳالهه هئي، ايس ايس پي صاحب چيو ته ڇڏ دوستن کي، جي تنهنجو ذاتي ڪو مسئلو هجي ته چئو! مون چيومانس ته ذاتي ته ڪو مسئلو ناهي، پوءِ هاڻ ماٺ ڪري وڃي لائبريري ۾ پڙهائي ڪر! آئون هاڻ وري اها ڳالهه نه ٻڌان، هتي سئو آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي جا چمچا آهن، آئون ٿو چاهيان ته تنهنجي ڪا هاڻ ناڪاري رپورٽ نه ٺهي، مون چيو ته ٺيڪ آ سر! لائبريريءَ مان ٻاهر نڪتس ته طالب پڇيو ته ڇا چيو صاحب توهان کي؟ مون هُن کي ڪو به جواب نه ڏنو ۽ هُو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو منهنجي پويان آيو ۽ چوڻ لڳو ته هڪ منٽ رڳو مون کي ڏيو، مون هن کي ڪاوڙ مان ڏٺو ته چيائين ڀلا اچو ته گڏجي چانهه پئيون، مون چيومانس ته جان ڇڏ! آئون لائبريري ۾ آيس جتي ڪجھه دير کان پوءِ صوبيدار منير آيو، هن چيو آصف ڀاءُ تون اسان جو پنهنجو آهين، اڄ به بدر تولاءِ مون کي ڪال ڪري پارت ڪئي هئي، طالب کي ان جي ڪا خبر ناهي، بس ايئن ئي ان کي ايس ايس پي جيل انچارج ڪري ڇڏيو آهي. منير چيو ته آئون قرآن ٿو کڻان ته منهنجي دل تو لاءِ صاف آهي. مون مُرڪي هن کي چيو ته ايئن منهنجي به، هن آخر ۾ چيو ته هاڻ ٻه منٽ هلي طالب سان مل، هُن مون تي اهو بار وڌو آهي، چيومانس ته ان جي مون سان ڳالهه ئي نه ڪر! ڪجھه دير کان پوءِ علي شير کوسو لائبريري آيو، هُن چيو ته طالب مون کي موڪليو آهي ٺاهه ڪرڻ جي لاءِ، ان کي به موٽائي ڇڏيم. شام جو علي غلام ۽ جنيد ڀر واري کوليءَ ۾ شفٽ ٿيا، اڄ آئون ۽ رشيد کوليءَ ۾ اڪيلا آهيون. (28 مارچ 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

اڄ پنهنجي وڇوڙي کي 11 سال ٿيڻ وارا آهن، توکي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مون وٽ لڙڪن کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناهي، ان لاءِ زندان مان ٻيو ڪجھه ڏيڻ بدران مان توکي پنهنجي اکين مان وهندڙ لُڙڪن سان ڀيٽا ڏئي موڪلي رهيو آهيان، هي يارنهن سال قيد جا توکان پري مون ڪيئن گذاريا آهن، هر عيد تو کان سواءِ ڪيئن ملهائي آهي، اها شاهدي توکي آسمان جا ٻرندڙ تارا ڏيندا ۽ پڻ چوڏهين جو چنڊ شاهدي ڏيندو، جنهن سان مون زندان منجھه اوهان جا حال احوال بيان ڪيا آهن. ڪڏهن وري اڪيلو ويهي پنهنجي مُنهن تارن کان تنهنجو پڇندو آهيان، ڪڏهن ته وري چنڊ منهنجون راهون روڪي مون کان تنهنجون پڇائون ڪندو آهي. منهنجو چنڊ کي هڪ ئي جواب هوندو آهي ته تون منهنجي دل ۾ آهين. توکان پري جيل ۾ هر رات مون تو بن روئيندي، تڙپندي ۽ لڇندي گذاري آهي. زندان ۾ مون کي تو بنا نه ڏينهن جو سڪون مليو آهي نه راتين جو قرار نصيب ٿيو آهي. توکان سواءِ اي پرين! آئون ته زندهه لاش بڻجي ويو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن مون کي افسوس به ٿيندو آهي ته هِن يارنهن سالن ۾ مون کان اچي اهو به نه پڇيئي ته آئون جيئرو به آهيان يا نه! مون زندان ۾ قيد هوندي به هرروز هوائن کان فقط تنهنجو ڏسُ پتو پڇندو رهندو آهيان. هن يارنهن سالن ۾ تون ايڏو مغرور ۽ پٿردل ٿي پوندي مون ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته هڪ ڏينهن آئون توکان پري ٿي ويندس ۽ تون منهنجي سار به نه لهندين. تنهنجي هن بيوفائيءَ کي ڪهڙو نانءُ ڏيان؟ اهو مون کي تون ئي ٻڌاءِ! تنهنجي محبتن جو ماريل.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

بغداد!

(حصو ٻيون)

مناسب آهي ته بغداد جي باري ۾ ابوبڪر الخطيب جو هڪ اقتباس سندس مشهور ڪتاب “تاريخ بغداد” مان ڏنو وڃي. لکي ٿو ته: “اسان بغداد جي ذڪر ۾ ان جون ڪيتريون خصوصيتون ڇڏي ڏنيون آهن، جيڪي سڄي مشرق ۽ مغربي دنيا جي ڀيٽ ۾ صرف بغداد کي ڏنيون ويون آهن، انهن ۾ هتان جي رهاڪن جي خوش اخلاقي، سهڻيون عادتون، اتان جو وڻندڙ مٺو پاڻي، تمام گھڻا ميوا، خوشحالي، هر صنعت ۾ مهارت، هر ضرورت سولائيءَ سان پوري ٿيڻ، بدعتن جي پکڙجڻ کان محفوظ رهڻ، وڏا وڏا عالم، فقيهه، شاگردن جي گھڻائي، حسابن ۽ گرامر جا ماهر، بلند پايه شاعر، تاريخ ۽ نصاب جا ماهر، فنون ۽ ادب جا ماهر، هرطرف کان هن شهر ۾ ايندا رهيا. هتي سڀني موسمن جا ميوا هر وقت موجود هوندا هئا، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جيڪو ميوو پيدا ٿيندو هو سو هتي موجود هوندو هو. خاص طور تي خريف ۾ هتان جي ڪنهن رهواسيءَ کي پنهنجو گھر سوڙهو محوس ٿيندو هوته کيس سولائيءَ سان ٻيو وڏو گھر ملي ويندو هو، جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي گھر جي ڀيٽ ۾ ڪو ٻيو گھر وڻي ويندو هو ته هُو سولائيءَ سان اهو گھر حاصل ڪري سگھندو هو. هتان جا رهاڪو شهر جي جنهن ڪناري ۽ جنهن طرف رهڻ پسند ڪندا هئا ته اتي وڃي رهندا هئا. هتي جيڪڏهن ڪو دشمن کان جان بچائي ڀڄي ايندو هو ته کيس پناهه ڏيڻ لاءِ کوڙ تيار ٿي ويندا هئا ۽ کيس لڪائي ڇڏيندا هئا. پري هجن جا ويجھو، هتان هُو جيڪڏهن هڪ گھر کان ٻئي گھر هڪ گھٽيءَ کان ٻي گھٽيءَ، هڪ روڊ کان ٻئي روڊ وڃڻ چاهيندو هو ته سولائيءَ سان وڃي سگھندو هو. مطلب ته وقت ۽ حالتن موجب هو هرقسم جي تبديلي ڪري سگھندو هو. هتان جي وڏن وڏن واپارين، بادشاهن، شاندار ماڙين ۾ رهندڙ معزز ماڻهو غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي مدد ڪندا رهندا هئا. مطلب ته اهي الله جا خزانا هئا، جن جي حقيقت الله کان سواءِ ٻيو ڪو به ڄاڻي نه ٿي سگھيو. بغداد هڪ اهڙو شهر هو جيڪو پوري دنيا ۾ ان جي عظمت، شان ۽ شوڪت جو هُل هلاپو هو. عالمن ۽ اميرن جي گھڻائي، خاص ۽ عام ماڻهن جي تميز، نئين، نهرن ۽ شاخن جي گھڻائي، تمام گھڻا گھر، محل ۽ ماڙيون، تمام گھڻيون مسجدون ۽ حمام، تمام گھڻا دڪان ۽ هوٽلون، وڻندڙ هوا، مٺو پاڻي، گھاٽن وڻن جي ڇانوَ، نه گھڻي گرمي ۽ نه ئي وري سردي. بهار توڙي خزان ۾ صحتمندي. آباديءَ جي لحاظ سان بغداد دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر هو. هارون رشيد جي زماني ۾ هن شهر وڏي ترقي ڪئي. ماڻهن کي رهڻ ڪهڻ ۽ کاڌي پيتي جون سڀ سهولتون ميسر هونديون هيون، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ، روڊن تي ماڻهن جا ميلا متل پر پوءِ جڏهن هن شاندار شهر جي برباديءَ جو دور آيو ته ماڻهو مصيبت ۾ اچي ويا، ڪيئي خاندان هتان لڏپلاڻ ڪري هليا ويا پر اسان جي زماني کان اڳ ههڙو حال نه هو، جيڪو اڄ آهي جو هر طرف افراتفري آهي. اڄ هن شهر جي حالت خراب آهي پر ڪنهن وقت ۾ هي شهر سڀني شهرن کان وڏو ۽ مختلف هو.”

نواز علي شوق/ڪراچي

سکر بئراج جو مسئلو سنڌ جي جياپي جي جنگ آ!

(حصو پهريون)

هتي سکر بئراج جي تاريخ ۽ مرمت جي ڪم جو مختصر احوال ڏجي ٿو. هن بئراج جو هنڌ سکر شهر، سنڌو درياهه، صوبو سنڌ، ملڪ پاڪستان ۾ آھي. سکر بئراج جو ٻيو نالو Lloyd Barage آھي، هن بئراج جو استعمال آبپاشي ۽ ٻوڏ جي انتظام لاءِ پاڻي جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪري ٿو. جڏهن ته هن بئراج مان پاڻيءَ جي نيڪال جي گنجائش 1.15 ملين ڪيوسڪ آھي. 1923-1932 جي وچ ۾ تعمير ٿيو آهي، جنهن جي نگراني چيف انجنيئر سر چارلٽن هيرسن ڪئي، سندس مددگار انجنيئر طور سر آرنلڊ مستو پڻ ڪردار ادا ڪيو. سکر بئراج جو افتتاح ولنگڊن ارل هندستان جو وائسراءِ ڪيو، سندس بحاليءَ جو ڪم نومبر 2004ع کان جولاءِ 2005ع تائين هليو، جنهن تي 15 ملين ڊالرز خرچ آيو. مرمت جو ڪم (2019): گيٽ نمبر 39 خراب ٿي ويو هو جنهن کي درست ڪرڻ سميت 6 ٻين دروازن سان گڏ تبديل ڪيو ويو، جيڪي پڻ وڏي خراب حالت ۾ هئا. موجوده اپڊيٽ اها آھي ته ھلندڙ  مرمتي ڪم دوران گيٽ نمبر 44 ۽ 47 خراب ٿي پاڻي وهڪري ۾ نڪري ويا جن جي مرمت جو ڪم جاري آهي. هتي گڊو بئراج جو مختصر پروفائيل ۽ ان جي تاريخ ۽ مرمت جي ڪم ڏجي ٿو. نالو گڊو بئراج، هنڌ سنڌو درياهه، سنڌ، پاڪستان آھي. جنهن جو مقصد آبپاشي نظام کي ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ آھي. هن بئراج مان پاڻيءَ جي نيڪال جي گنجائش 1.2 ملين ڪيوسڪ آھي. گڊو بئراج جي تعمير 1957-1962جي وچ ڌاري ٿي، جنهن تي ان وقت لاڳت 474.8 ملين رپيا لڳل آھن. گڊو بئراج جو افتتاح فيلڊ مارشل ايوب خان ڪيو هو، ٽيڪنيڪل سائيڊ کان تفصيل ڏپڻ هيٺيئن ريت آھن. گيٽ تي ڪنٽرول ٿيل وير ٽائيپ بئراج، نيويگيشن لاڪ، 64 بيز ۽ وڌ ۾ وڌ ٻوڏ جي سطح جي اوچائي 26 فوٽ آھي. گڊو بئراج جي بحالي، مرمتي ڪم ڊيسڪون انجنيئرنگ سان گڏ سڀ کان گھٽ ٻوليندڙ جي طور تي حتمي طور ڪيو جنهن تحت منصوبي جي لاڳت 20،241 ملين رپيا پڻ هئي. ان کان سواءِ پرڏيهي پراجيڪٽ اسسٽنٽ (FPA): انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن (IDA) ذريعي 1780 ملين رپيا جي لاڳت سان ڪم ٿيو آھي جنهن جو دائرو گڊو بئراج جي بحالي ۽ ماڊرنائيزيشن، 64 مکيه بئراج جي اسٽيل گيٽ کي تبديل ڪرڻ ۽ خريداري، مالي، سماجي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ تربيت ۽ فني مدد طور پڻ هو. جنهن جي نتيجي ۾ امڪاني نتيجو ھيٺين ريت هو، بئراج جي ڀروسي ۽ حفاظت ۾ بهتري، سنڌ جي آبپاشي کاتي جي صلاحيت ۾ واڌارو ۽ زرعي پيداوار ۽ ٻوڏ جي انتظام ۾ واڌارو. (جاري)

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

عورت مضبوط ته گھر مضبوط!

هڪ وڻ کي جڏهن ڀاڻُ ملندو آهي تڏهن اهو وڻ پنهنجون پاڙون مضبوط بڻائي اندر ۾ هر صلاحيت پيدا ڪندو آهي، جنهن سان سندي وڻ جون ٽاريون گل ۽ ڦل وڌي ويندا آهن. جيڪڏهن وڻ ڪمزور آهي يا صفا ختم ٿي وڃي ته ان وڻ جون ٽاريون ٽٽي وينديون، گل اندران خوشبوءِ اچڻ بند ٿي ويندي، ڦل بي سواد ٿي ويندو، ان وڻ مان وڌڻ ويجھڻ جون صلاحيتون ختم ٿيڻ لڳنديون. ساڳيءَ طرح هڪ عورت پنهنجي پاڻ کي مضبوط رکندي ته ان جو گهر وڻ وانگر مضبوط ٿيندو ۽ ان جون پاڙون ڪڏهن به ڪمزور نه ٿينديون. جيڪڏهن ان عورت کي ڏک ڏبا ته اها عورت ڪمزور ٿيڻ سان گڏ ان ڪمزور وڻ جيان بڻجي ويندي ۽ ان عورت جي خوبصورتي به ختم ٿي ويندي. وڻ جي ٽارين جيان ان عورت جو اولاد هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندو، گل بنا خوشبوءَ پنهنجو شان وڃائي ڇڏيندا آهن، اهڙيءَ طرح رشتا نالي جا رهجي ويندا آهن. ميوو جيڪو اولاد جي صورت ۾ وڏا ٿي پنهنجي اندر پنهنجائپ ۽ پيار جا رشتا قائم ڪري نه سگهندا جيڪي بي سواد ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهي سڀ رشتا بهتر چاھيو ٿا ته پنهنجي ان وڻ کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻو پوندو.

پريا گوسوامي/ عمرڪوٽ

سوشل ميڊيا ۽ وڌندڙ سماجي غيرسنجيدگي!

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ھر ايجاد جا جتي انيڪ فائدا آهن اتي ان ايجاد پٺيان سڌي يا اڻ سڌي طرح ان جا نقصان پڻ ھوندا آهن، موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا جتي زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، ھڪ اھڙو انقلاب جنهن ۾ امير غريب، ذات، رنگ نسل، قوميت جي فرق کان سواءِ ھر ماڻهو جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمس تي پھچ سولو بڻيل آهي، ھر ماڻهو سولائيءَ سان خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو، سوشل ميڊيا جي مدد سان ماڻهو پنهنجي علائقي جي مسئلن، ملڪي سياسي، سماجي توڙي معاشي معاملن تي پنهنجي فڪري سگھ آھر ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهي ٿو. ويجھڙائپ ۾ سوشل ميڊيا جي طاقت سان کوڙ ھاءِ پروفائل ڪيسن سميت کوڙ واقعن ۾ بھتر نتيجا پڻ مليا آهن، شھيد ناظم جوکيو کان وٺي شھيد نصر الله گڏاڻي تائين سوشل ميڊيا تي ٿيل وٺ پڪڙ سبب ئي سرڪار سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اھڙن واقعن ۾ مجبورن سنجيدھ ٿيڻو پيو، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي ته ھاڻ سوشل ميڊيا جي خوف سبب ڪو به ظالم سرعام ڪنهن مظلوم سان ذيادتي ڪرڻ کان لنوائي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن سان ڪا ناانصافي ٿئي به ٿي ته اھو مسئلو سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ نه رڳو انتظاميا حرڪت ۾ اچي ٿي پر زيادتي ڪندڙ شخص پڻ فوري پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي ان متاثر شخص کان معافي به وٺي ٿو. اھو سوشل ميڊيا جو اھم ھاڪاري پاسو آهي ته ھاڻ ھر قسم جي زيادتي  ڪنهن به ظالم کي سولائي سان ڦٻي نٿي سگهي پر ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا جو ناڪاري پاسو اھو آهي ته بحيثيت سوشل ميڊيا واھپيدار اسان مان ذميواري جو احساس ختم ٿي چڪو آهي، بنا ڪنهن تصديق جي اسين بس جيڪو وءُء گھلي ٿو ان سان ھم ڪلام ٿي غلط ڄاڻ کي به انتھائي غيرسنجيدگي سان اڳتي وڌائڻ واري روش کان به بلڪل نٿا مڙون. تنھن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي سوشل ميڊيا جو استعمال ذميواري سان ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قسم جي ڇڙواڳيءَ جو مظاهرو ڪرڻ نه رڳو اسان لاءِ پر سموري سماج لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. باقي پاڻ سوشل ميڊيا کان مڪمل ڪنارا ڪشي ته ھرگز نٿا ڪري سگهون پر ھاڻ ھر صورت پاڻ کي سوشل ميڊيا تي ڪجهه سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، انهن سوشل پليٽ فارمس جي مدد سان اسان کي پنهنجي قومي، اجتماعي مفادن وارن مسئلن تي وڌ کان وڌ آواز ٿارڻ گھرجي، باقي رڳو غيرضروري شين کي اوليت ڏيڻ سان سوشل ميڊيا ڪڏهن به اسان لاءِ صحيح معنيٰ ۾ فائديمند ثابت نٿو ٿي سگهي. تنھن ڪري جيستائين اسين ھڪ ذميوار فرد جي حيثيت ۾ سوشل ميڊيا واھپيدار بڻجي سماجي بھتري وارن معاملن ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪنداسين، تيستائين منهنجي خيال ۾ سوشل ميڊيا معاشري ۾ رڳو واندڪائي جي وندر کان سواءِ درست رخ ۾ ٻيو ڪو به پنهنجو مستقل ۽ ھاڪاري اثر نٿي ڇڏي سگهي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ