عالمي ٻائيتال، پاڪستان يوڪرين ۽ يمن ناھي!

 

(حصو ٽيون ۽ آخري)

 

انهن پاليسين ۾ اسان جي رياستي ذميوار اختيارين جو هجڻ ضروري پڻ ٿيندو، گذريل ڏينهن ايران پاران پاڪستان جي سرحدن اندر ڪارروائي ڪرڻ کان ويندي افغان پاليسيءَ تي گهڻي غور و فڪر ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. دنيا جي عالمي سفارتي ۽ معاشي توڙي سرحدي معاهدن ۽ مفادن جي اڳيان روايتون ۽ مذھبي حدبنديون ڪا اهميت ناهن رکنديون ڇو ته اتي نه ته ڪا روايت يا مذھبي رواداري جي ضرورت آهي ۽ نه ئي ڪو اٽڪاءُ آھي، ان ڪري اسان هتي اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته پوري دنيا جي سڌريل توڙي اڻ سڌريل ترقي يافتا يا ترقي پذير عالمي طاقتور قوتون يا دنيا جا ڪمزور ملڪ سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ويهڻو پوندو ۽ عالمي امن ۽ انسانيت واري پروگرام کي سامهون رکي هڪ نئون عالمي پڌرنامو يعني New World Declaration طرف اچڻو پوندو ۽ هڪ ٻئي جي عالمي پسمنظر ۾  سفارتي، سماجي، معاشي، سرحدي، مذھبي ۽ اخلاقي تميز رکڻي پوندي، هن وقت ڄڻ ته گڏيل قومن کان ويندي او آءِ سي هتي ايشيا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ۽ سارڪ جهڙيون آرگنائيزيشن پنهنجي اصولن سامهون ڄڻ ته پٺي ڏئي بيٺيون آھن، اهڙي نموني نيورلڊ آرڊر پنهنجي ساک سميت پنهنجو نيو شوشل ڪانٽريڪٽ جي اصل شڪل وڃائي وڃي نيو ورلڊ ڊس آرڊر جو شڪار ٿيو آھي ۽ ايئن ان نيو ورلڊ ڊس آرڊر دنيا کي هڪ هن انفارميشن ٽيڪنالوجي جي چڪر ۾ انفارميشن انٽيليجنسي ۾ آڻي بيهاريو آھي جتي ڪا به شيءِ سبتي مان ابتي ڪرڻ ۽ ابتي مان سبتي ڪرڻ ڏکي ناهي رهي. انهيءَ ڇڪتاڻ ۽ مونجھاري واري عالمي منظرنامي ۾ فلسطين وارو انساني ڪوس کان ويندي يوڪرين ۽ يمن واريون جنگيون ٻڌائن ٿيون ته دنيا هڪ نئي ٻائيتال يا ڀونچال جو شڪار ٿيڻ طرف وڃي رهي آھي. پاڪستان انهن ئي سڀني عالمي تضادن جو ڪٿي سڌو ته وري ڪڏھن اڻ سڌو اثر هيٺ رهيو آھي. هاڻي به ايران واري حملي کان ويندي افغان جنگ جي هيڏي وڏي علائقائي توڙي عالمي طاقتن واري افغان رشاڪشيءَ واري صورتحال کان پاڪستان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو. هاڻ ان مٿي سموري عالمي مفاداتي جنگ ۽ ٽڪراءُ ٻڌائين ٿا ته ڪا ٽين عالمي جنگ (Third World War) نه ڇڙي پوي، جيڪڏهن ايئن ٿي پوي يا ان جا ڪي آثار اڃا ڪجھه ٻيا نڪري پون ته ان پسمنظر ۾ اسان کي پنهنجي رياست ۽ عوامي توڙي قومي مفادن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي، سو اڄ جو اهم سوال پڻ آھي جنهن تي اسان جي ملڪي ادارن جي اعليٰ اختيار رکندڙ ذميوارن کي بهترڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

خلائي مخلوق جو آسرو ۽ عوام مان اميدون!

 

اها ته صاف ڳالهه ظاهر پئي آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پٽ نوجوان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جڏهن اسٽيج تي اچي جلسي گاهه ۾ موجود عوام کي پارٽي جو چونڊ نشان تير ڏيکاري ڪامياب ليڊر جيان پنهنجي طريقي سان خوبصورت انداز ۾ هٿن ۾ جهلي ڏيکاريندو ۽ ماڻهن جو ڌيان پنهنجي طرف ڪندو آهي ته اهو ڪجهه عوام جي نظرن ۾ ڏاڍو سٺو لڳندو آهي جنهن کي خطابت وارو اهو انداز پنهنجي نانا ۽ والده کان ايئن کڻي چئجي ته ورثي ۾ مليو آهي، جيڪو صرف عوام طرف ئي ڌيان ڪيون ۽ انهن مان اميد رکيون ويٺو آهي، جنهن چيو آهي ته ٻين کي خلائي مخلوق جو آسرو ڀلي هجي پر اسان کي ۽ اسان جي پارٽيءَ کي عوام مان اميدون وابستا آهن، اسان اقتدار ۾ اچي عام ماڻهن جي تڪليفون دور ڪندا سين، کين رليف فراهم ڪنداسين جيڪا ڳالهه ان ڪوٽ عدو ۾ هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب دوران ڪئي، هن چيو ته آئون عوام طرف ڏسان ٿو، اميد رکان ٿو، ووٽ گهران ٿو، آئون لاهور مان اميدوار ٿي بيٺو آهيان، لاهور ڀٽو جو به شهر آهي، بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ٻن ۽ لاهور هڪ سيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو اميدوار آهي، جنهن جو سڄو ڌيان ان سيٽ تي آهي، جيڪو اتي ووٽ گهري پيو پر افسوس ته اتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اليڪشن آفيس تي حملو ٿيو، جيڪا ڳالهه بزدلاڻي آهي جنهن جي پ پ مذمت ڪئي، جنهن جو نوٽيس اليڪشن ڪمشنر ورتو ۽ ماڻهو فرياد تي گرفتار به ٿيا پر اها ڳالهه به آهي ته ڀٽو صاحب پ پ جو بنياد لاهور ۾ رکيو هو جنهن اتي قومي اسيبمليءَ جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو 1970ع وارين چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي کي ڪي پي ڪي ۾ سرگرم ڪرڻ لاءِ 11 ڏينهن تائين دورا ڪيا هئا ۽ صوبي جي مختلف شهرن ۾ جلسن کي خطاب ڪري هلچل مچائي ڇڏي هئي ۽ هاڻ بلاول ڀٽو زرداري به چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ لاهور ۾ ديرا ڄمايا آهن، جتي شريف خاندان ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ڳڙهه تصور ڪيو ويندو آهي، ماڊل ٽائون ۽ زمان پارڪ جن جا مضبوط ٺڪاڻا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو به جتي اليڪشن وڙهي هئي، هاڻي بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، جيڪو اتان جي عوام مان چونڊن واري ڏينهن فيصلو ان جي حق ۾ اچڻ جي اميد رکيو ويٺو آهي، اميد ته هو اتي ڪامياب ٿي ويندو. اين اي 127 جي عوام کيس نااميد نه ڪندي ۽ کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائيندي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڳالهه ان طرفان عوام کي مخاطب ٿيندي اها ڪئي ته فيصلو ضمير جو ۽ ووٽ بينظير جو! ڏٺو وڃي ته لاهور جي عوام زندهه دل رکڻ وارو عوام آهي، جنهن هميشه سنڌ سنڌين ۽ ڀٽو خاندان لاءِ محبت ۽ قدر جي نگاهه رکي آهي، جن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي هميشه سٺي موٽ ڏني، جيڪي به هن ڀيري بينظير ڀٽو جي پٽ بلاول ڀٽو کي ڪامياب ڪرائي ڏيکاريندا.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

هڪ چٺي هاءِ وي ڊپارٽمينٽ سنڌ ڏانهن!

 

ڪلوئي ونگو پتڻ کان ڏکڻ طرف ويندڙ مين روڊ ڳوٺ مهراڻي بيگن نوتيار، ڳوٺ سموندڙو نوتيار، ڳوٺ حافظ نوتيار، ڳوٺ ڦل کوهي، ڳوٺ پاٽار لنڊ، ڳوٺ سارهوڙ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جا مين روڊ 2011ع جي مها ٻوڏ ۾ ٽٽي تباهه ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن لکاڏنو نوتيار، سانوڻ نوتيار، ملوڪ نوتيار موجب ڳوٺ جا روڊ ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت واري دور ۾ ٿرپارڪر جا مين روڊ تعمير ٿيا هئا، جيڪي 2011ع جي ٻوڏ ۾ ٽٽي تباهه ٿي ويا هئا، ونگو پتڻ کان ويندڙ مهراڻي نوتيار جي روڊ جي حالت انتهائي سنگين ٿي وئي آهي، روڊ جي چئوطرف ديوين جا وڏا ٻيلا ٿي ويا آهن، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ مسافرن لاءِ هي روڊ عذاب بڻجي ويو آهي. روڊ جي رپيئرنگ نه ٿيڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن دانهون ڪندي چيو آهي ته اسان کي پنهجي ڳوٺ جي روڊ تي سفر ڪرڻ لاءِ ٻئي هٿ مٿي تي هجن ٿا، جڏهن ته ڳوٺ ڦل کوهي کان وٺي مهراڻي نوتيار تائين ڪچو روڊ آهي، روڊ جو ڪم هلڻ دوران بااثر ٺيڪيدار بجيٽ کائي روڊ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو هو، جنهن جي ڪري ڳوٺ ڦل کوهي کان وٺي مهراڻي نوتيار تائين ڪچو روڊ آهي، روڊ جي اهڙي ڀيانڪ صورتحال کان پوءِ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن تڪ جي چونڊيل نمائندن اڳيان وڏا وس ڪيا آهن پر هي ڪرپٽ حڪمرانن پيپلزپارٽي جا سياسي ڀوتار ڪا به ڳالھه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، ڳوٺن ۾ڪي به بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري پوليو جون ٽيمون نٿيون پهچي سگھن جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جا ننڍڙا ٻار پوليو جي خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، ڳوٺ مهراڻي نوتيار ۾ پرائمري اسڪول هوندي روڊ جي خراب صورتحال هجڻ ڪري استاد فيض محمد نهڙيو، ڳوٺ موڏور کان 50 ڪلوميٽر سفر ڪري اسڪول تي پهچي ٿو، ياد رهي گذريل سال پهرين مين روڊ جي رپيئرنگ نه ٿيڻ ڪري ڳوٺ مهراڻي نوتيار جو رهواسي حڪيم نوتيار جي گهر واري جي ڊليوري ڪيس ۾ گاڏي نه ملڻ ڪري سخت تڪليف ۾ عورت فوت ٿي وئي هئي، ايڏي وڏي درد جو چونڊيل نمائندن ڪو به رحم نه آيو. 20 سال پيپلزپارٽي جي حڪمرانن عوام کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺي ٿرپارڪر ۾ هڪ روڊ چتي به نه آهي، غريب ماڻهن کي پيپلزپارٽي جي حڪومت صرف درد ڏنا آهن، ڪٿي ڪو ترقياتي ڪم هنن جو نظر نٿو اچي، ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن هاءِ وي ڊپارٽمينٽ سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته خدارا هن سنگين معاملي جو جلد نوٽيس وٺي اسان جي روڊ کي رپيئر ڪرايو وڃي ۽ انساني زندگيون خطري کان بچايون وڃن.

 

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎

 

اڳواڻن جي پ پ پ ۾ شموليتن بعد PS 28 جي صورتحال!

 

خيرپور ضلعي جو صوبائي تڪ PS 28 جيڪو هميشه پ پ کٽيندي رهي آهي پر هن ڀيري تڪ جي ڦيرڦار جي ڪري ناري تعلقي جو ڳچ حصو فيض گنج  PS29مان ڪڍيPS28  ميرواهه ۾ شامل ڪيو ويو آھي، هي علائقو پير صاحب پاڳاري جا مريد هئڻ سبب GDA جو قلعو سمجهيو ويندو آھي، ان جي ڪري هن ڀيري صورتحال اها هئي جو GDA جي کٽڻ جا 60 سيڪڙو جڏھن ته پ پ جا 40 سيڪڙو چانسز هئا پر اربع 17 جنوري تي هتان جي اهم شخصيت ھن تڪ تي GDA طرفان ٻه ڀيرا اليڪشن ۾حصو وٺندڙ پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني پاران ٽڪيٽ نه ملڻ سبب پنهنجي هزارين چاهيندڙن سان گڏ GDA کي الوداع ڪري محترمه فريال ٽالپر جي هٿ تي پ پ ۾ اعلان ڪري هن تڪ جي سياسي صورتحال جو رخ موڙي ڇڏيو، ڇو ته سيد معشوق علي شاهه اڻ چونڊيل هوندي به هن تڪ جي ماڻهن جي بنا فرق خدمت ڪئي، خاص طور ٻوڏ واري ڏکي صورتحال ۾ عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي عوام جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿي هتان جي عوام جي خدمت ڪئي، جنهن جي ڪري هتان جي عوام ۾ سندس وڏي چاهت ۽ مقبوليت رهي سيد معشوق علي شاهه جي پ پ پ ۾ شموليت بعد پ پ پ جي کٽڻ جا 60 جڏھن ته GDA جا 40 سيڪڙو چانسز نظر اچي رهيا آھن، جيڪڏهن اليڪشن صاف شفاف ٿي ته هن تڪ تي پ پ اميدوار ساجد خان ٻانڀڻ واضع طور کٽي ويندو.

 

محمد اسلم سومرو/ ٺري ميرواهه

 

ٽنڊو الهيار ۾ چونڊن جو چھچٽو!‎

 

سڄي ملڪ جيان ٽنڊي الهيار ۾ به 8 فيبروري تي رٿيل عام چونڊن لاءِ سياسي ميدان سجيل آهي، پاڻ ڳالھه ڪريون، اين اي 2017ع ۽ پي ايس 59 جي جيڪي اسان جا چونڊ تڪ آھن اتي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ طرفان اين اي 2017ع تي پراڻي جيالي ۽ لاڳيتو ھن تڪ تان ڪامياب ٿيندڙ عبدالستار بچاڻيءَ جو پٽ ذوالفقار بچاڻيءَ جو مقابلو جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي سان آهي، جيڪا پڻ ساڳي تڪ تان لاڳيتو چونڊ وڙھندي رهي آهي پر کيس فتح نصيب ناهي ٿي سگهي. ٻئي طرف پي ايس 59 تي پيپلز جي نامزد اميدوار ۽ ٽي ڀيرا تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪندڙ امداد پتافي جو مقابلو جي ڊي اي اڳواڻ محسن مگسي سان آهي، انهن ٻنھي تڪن تي گذريل 15سالن کان پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيندا آيا آهن ۽ سندن مقابلي ۾ اڳوڻي ضلعي ناظمه ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي ئي مختلف پليٽ فارمن يعني ق ليگ، ن ليگ، توڙي جي ڊي اي تان مقابلو ڪندي آئي آهي، پاڻ جي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو سلطان آباد مسڻ وڏي بيگن جروار، درياهه خان مري، لانڊي يوسز جي ليول تي ڪريون ته ايم اين اي ستار بچاڻي ۽ ذوالفقار بچاڻي جو ڪم ڪنھن حد تائين نظر ايندو، باقي ايم پي اي امداد پتافي جي ڪارڪردگي انھن جي علائقن ۾ ڪا ڳڻائڻ جھڙي نظر ناهي رهي، سندن مخالف ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي جي ڳالهه ڪريون ته ھن ضلعي ناظمي واري دور ۾ علائقن اندر ترقياتي ڪم ضرور ڪرايا آهن پر گذريل 12سالن دوران توڙي جو هو 6 سال سينيٽر به رھي پر انھيءَ عرصي ۾ نه ته ان علائقي ۽ ٽنڊوالهيار ۾ سندس ڪم نظر نٿا اچن ۽ تڪ جي عوام سان ويجھڙائيءَ نه ھئن سبب باوجود عوام جي محبت جي سندن ووٽ بئنڪ متاثر ٿيندي رهي آهي، ھاڻي ھن  ڀيري به انهن تڪن تان دلچسپ مقابلي جي اميد آهي پر جي ڊي اي اڳواڻ تڪ جي مشهور معروف شخصيت ۽ گذريل چونڊن ۾ امداد پتافي سان چوٽيءَ جو مقابلو ڪندي 36 ھزار ووٽ کڻندڙ حاجي خير محمد کوکر جي پ پ پ ۾ شموليت سان پ پ پ جي پوزيشن انھن تڪن تي مضبوط نظر اچي رهي آهي باقي اصل فيصلو ته 8 فيبروري تي ئي ٿيندو.

 

مجاھد لغاري/مسڻ وڏي، ٽنڊوالهيار

 

اسان جي ملڪ جو ڇا ٿيندو؟‎

 

ملڪ ۾ موجوده وڏين وڏين پارٽين جا سربراهه ٿيندڙ چونڊ ۾ مهم هلائيندي جيڪي منشور عوام کي ڏيندا آهن، اهو منشور هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ ڏيندا آهن بعد ۾ ان کي ايئن وساري ۽ تاري ڇڏيندا آهن جو ڄڻ ڪو منشور انهن پيش ئي نه ڪيو هو، عوام انهن سياستدانن جي پيارن ٻولن ۾ اچي انهن کي ووٽ ڏيندو آهي، اهي ووٽ ڏيندا آهن ته من ڪي هي هن ڀيري هنن سان سچ ڳالهائيندا، اسان جا سمورا مسئلا هي اقتدار ۾ اچڻ بعد حل ڪندا پر ايئي ٿيندو ناهي، هر ڀيري عوام سان ساڳيو دوکو ڪيو ويندو آهي، ماڻهن کي نه ڪو رليف ڏنو ويندو آهي نه ئي مهانگائي کي ختم ڪيو ويندو آهي، ملڪ ۾ ايتري ته روزگار آهي، نه اها ختم ڪئي ويندي آهي نه ئي امن آهي، اسان جي هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو