اسان ۾ علم ۽ شعور آهي ڪٿي؟

مان ڪجھه ڏينهن کان هڪ پوسٽ تي لکڻ پي چاهيو، جيڪا مون کي پڙهي اسان جي علم، شعور ۽ اسان جي عقل فهم تي مون کي ڏاڍي حيرانگي ٿي، اسان 24 اهڙن سائنسدانن جي قربانين ۽ ڏينهن رات جي محنت سان ايجاد ڪيل شيون استعمال ڪندا آهيون، جنهن ۾ مٿي جي ڪنگي کان وٺي ننهن ڪٽڻيءَ سميت ضرورت جون هر شيون، شامل آهن استعمال ڪندا آهيون، جن ايجادن ۾ اڪثر اسان مسلمان جي نظر ۾ انهن ڪافرن جون ايجادون آهن جيڪي ملحد ۽ ڪافر هئا. اسان مسلمان جي نظر ۾ اهي جهنمي ۽ دوزخي آهن، آمريڪا يا يورپي ملڪن ۾ ڪو حادثو يا ڪا وبا ايندي آهي ته ان دوران غريبن لاءِ ضرورت جون شيون گھرن ڪا ٻاهر ڪڍي رکيون وينديون آهن ته ڀلي ڪي ضرورتمند اهي کڻي وڃن، مسلمانن جي ڀلاري مهيني ۾ ٻاهرين ملڪن جا رهواسي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ مسلمانن کي رليف ڏنو ڏيندا آهن، شيون ذخيرو ڪيون يا لڪايون ناهن وينديون، اناج، سبزين، گوشت مڇين ۽ فروٽن جا اگھه آسمان تي ناهن چاڙهيا ويندا پر يورپي ڪوشش ڪندا آهن ته مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي سندن تهوارن ۽ ڏينهن تي رعايت سان سهانگيون شيون وافر مقدار مهيا ڪيون وڃن پر اسان وٽ ان جي بلڪل به ابتڙ نظام آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ به الحمياري، ابراهيم الفزاري، جابر بن حيان، محمد الفزاري، يعقوب بن طارق، ابن ترڪ، الاصمعي، الخوارزمي، الڪندي، ابن قرناس، علي ابن ربان الطبري، البيرون، ابن سينا ۽ نه ڄاڻ ڪيترا مسلمان سائنسدان ٿي گذريا آهن پر اهي علم پرائڻ ۽ شعور جي اکين سان سائنسدان بڻيا، اسان ته ڀيلن ڀاگڙين سان ويهي کائڻ جا ڪجھه پيئڻ به پسند ناهيون ڪندا، انهن مسلمانن لائبريرين جون لائبريريون پڙهي ختم ڪري ڇڏيون. ان بابت پيش آهي هيءَ پوسٽ جيڪا مون کي تمام گھڻي وڻي. “مون ڪرسچن هيگن جي ايجاد ڪيل واچ کي ڏٺو ته نماز جو وقت ويجھو هو، مون ڊيملر ۽ ميبچ جي ايجاد ڪيل موٽر سائيڪل ڪڍي ۽ مسجد جي طرف روانو ٿي ويس، اتي پهچي هالسي ٽيلر جي ايجاد ڪيل واٽر ڪولر مان فلٽر ٿيل پاڻي پي ٿڌو شوڪاريو ڀريم ۽ ڪلارڪس وارن جا جوتا لاهي وضو ڪرڻ ويهي رهيس، ان بعد مون بنجامن موغن جي ايجاد ڪيل گيزر جنهن مان سياري جي هنن سرد راتين ۾ به گرم پاڻي اچي رهيو هو ۽ سخت سيءَ ۾ به راحت ملي رهي هئي، مان وضو ڪري ان کان پوءِ مسجد جي اندروني گيٽ جي طرف ويس ۽ رابرٽ هاومن جو ايجاد ڪيل شيشي جو دروازو کوليم، ان بعد مون ايڊيسن جو ايجاد ڪيل بلب آن ڪيو، بنجامن فريڪلن جي ايجاد ڪيل بجليءَ مان مسجد روشن ٿي وئي، سامهون ولس ڪيرير جي ايجاد ڪيل ايسي به ڀِت تي لڳل هئي پر ان وقت چارلس بيڪر جو ايجاد ڪيل هيٽر آن ٿيل هو ۽ جيمز ويسٽ جي ايجاد ڪيل مائيڪرو فون تي آذان هلي رهي هئي، ايڊورڊ ڪليگ ۽ چيسٽر رائيس جي ايجاد ڪيل لائوڊ اسپيڪر جي ڪري آذان جو آواز سڀني مسلمانن تائين پهچي رهيو هو، مون ميڊ ان چائنا مصلي تي نماز پڙهي ۽ دعا جي لاءِ هٿ کنيم ته: “يا الله! ڪافرن کي نيست ۽ نابود ڪر ۽ مسلمانن کي انهن تي غلبو عطا فرماءِ.” اهو ٻڌي منهنجي ڪلهي تي ويٺل ملائق کان مسجد ۾ به زوردار ٽهڪ نڪري ويو.”

عبدالسميع سولنگي/ڪراچي

حقيقت پسندي کان پري ڀٽڪندڙ پنهنجو وجود!

کوڙ جديد جنجھٽن سان جھر مر ڪندڙ ھن دور جديد ۾ حاصلات جي ھلچل ۾ گهڻو ڪجهه چٿيندا، حقيقت پسندي جي خيال کي نظر اندازي جي نگاھن سان نھاريندي پاڻ ھڪڙي عجيب کوکلائپ کي پنهنجي وجودن جو حصو بڻايون پيا. گذرندڙ ھر ڏينهن سان گڏ ھن جدت جي لھرون ھڻندڙ سمنڊ ۾ جتي بظاهر ته اڳتي وڌون پيا پر نه ڄاڻ انهيءَ نواڻ جي جنون ۾ ڪھڙين ڪھڙين بي قرارين کي جنم پيا ڏيون. انهيءَ صورتحال ۾ حقيقت پسند بڻجڻ کان لنوائيندي رڳو لفاظي ڪھاڻين تي پنهنجو وڌيڪ زور ڏيڻ پڻ ھڪ سماجي مرض بڻجي چڪو آهي، اسان پنهنجي سماجي ويب سائيٽن تي ٺاھيل پروفائل تي جيڪو ڪجهه خلق کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ لکي يا ٻين کي نصيحت جي نالي تي وڏا ليڪچر ڏيندي ناهيون ٿڪندا پر حقيقت ۾ انهن لفظن ۽ ڳالهين جو پاڻ ڪيترو ڀرم ٿا رکون، انهيءَ جو جواب ھر فرد پنهنجي اندر جي انسان کان پڇي، سولائي سان ان کوکلائپ کي سمجهي سگهي ٿو. معاشري ۾ اڪثر پاڻ ٻين کي سمجهڻ بدران کين رڳو ٻئي کي ٻڌندا ئي کيس فوري جواب ڏيڻ لاءِ آهيون ۽ سندس ڳالهه جو جواب ڏيڻ وقت ان ڳالهه سان شايد پنهنجو ڪو سروڪار ئي ناهي ھوندو ته ڳالهه ٻڌيسين ڪھڙي؟ سمجھيسين ڪھڙي؟ ۽ جواب ڪھڙو پيا ڏيون؟ ڇاڪاڻ ته الائي ڇو هاڪاري گفتگو بدران عام طور ننڍين ننڍين ڳالھين تي ھڪ ٻئي کي هيٺانهين ڏيکارڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهي اڳتي وڌڻ واري روش ۾ شال ڪو پاڻ کي پھچي سگهي. باقي ڳالهه جڏهن حقيقت پسند ٿيڻ، عمل ڪرڻ ۽ سوالن جو رخ  پاڻ ڏانهن وڌندي ڏسندا آھيون ته فورن اٿندڙ ھڪ سوال جو ڪو به ھاڪاري جواب ڏئي سوالي کي خالي نه موٽائڻ بدران دفاع ۾ ست سوال ۽ نصيحتون ڪندي ان سوالي کي اھو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون ته اسين پاڻ ڪيترو حقيقت پسند ٿيڻ کان پري پنهنجي پر ۾ پيا جيون. باقي عمل پنهنجي ئي ڳالھين تي ڪيترو ٿا ڪريون، اھا ڳالهه شايد پنهنجي اوليتن جو ڪڏهن حصو رهي ئي ناهي. پنهنجي ناڪامين، شڪستن سميت سمورين اوڻيائين جا وارث پاڻ اوترا ئي آھيون جيترا پنهنجي ڪاميابين جا وارث آهيون. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته پنهنجي غلطين تي غور ڪندي وقت جي تيز وھڪري ۾ پنهنجي پاڻ کي کوکلائپ ۽ بيچيني جي لھرن ۾ لڙھي وڃڻ کان بچائي ھر صورت حقيقت پسندي جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي، حقيقيت پسندي کان پري ٿيڻ سان نقصان پنهنجو ئي ٿيڻو آهي ڇاڪاڻ ته ھر ماڻهو ۾ اصول پسندي ۽ اعتبار جھڙا عنصر جنم ڏيندڙ بنيادي شيءِ حقيقت پسندي ئي آهي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

اڄ پڻ استادن

وڏا وس ڪيا!

ميرپورخاص ضلعي جي اسڪولن ۾ جيئن ئي PMS ايپ تي حاضري لڳڻ جو وقت جي حڪمرانن اعلان ڪيو ته ماسترن ۾ وٺ وٺان شروع ٿي وئي. ايئن پي لڳو ڄڻ ڪو بي وقتائتو اوچتو عيد جو چنڊ نظر اچي ويو هجي! اهڙي قسم جي اوچتي وٺان به ته رات جو ڏهين وڳي ڌاري شروع ٿي! دوستن جا ميسيجن مٿان ميسيج پي آيا، عجيب قسم جي مونجھاري ۾ ورتل ماستر ڪٿان آڻين اوچتا پئسا جو وڃي موبائيل وٺن بھرحال ڪن اوڌر تي ڪن قسطن تي ۽ ڪن پراڻا موبائيل پتين مان ڪڍي کڻي چارجنگ تي لڳايا ۽ صبح جو جيئن ئي اسڪول ۾ پهتا ته ڪي اسڪول جي ڀتين تي چڙھڻ لڳا ته ڪي اسڪول جي وڻن تي چڙھي سگنلن جي ڳولا ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ٻار پريشان ٿي ويا ته اسان جي ماسترن کي ٿي ڇا ويو آهي نه اسيمبلي ڏانهن ڌيان پيا ڏين نه ڪپڙن جتين ڏانهن نه ئي وري صفائي ڏانهن، اڄ ته قانون ئي مٽيو پيو آهي، جيڪي 12 گوسڙو شاگردن جي منهن تي وڳل هوندا هئا، اهي سائين جي پنهنجي منهن تي نظر پي آيا. رکي رکي پنهنجي استادن کي درين مان جهاتيون پائي ڏسن پيا ۽ اشارن اشارن ۾ ھڪ ٻئي کان ان جو سبب پيا پڇن. هڪڙو ويچارو ماستر جيئن ئي اسڪول جي ڀِٽ تي چڙھيو ته پريان ڪو گھر هو اتان هڪ ڪراڙي مائي هڪل ڪندي چيو ابا اڳي ته اهڙو ڪونه هئين اڄ گھران ڪاوڙجي نڪتو آهين يا پٺن ۾ خارش ٿي اٿئي، همراھ جو صفا منهن ئي لھي ويو. اها الڳ ڳالھ آھي ته جڏهن ڳالھ کلي ته ماستر ويچارا موبائيل جي سگنل جا محتاج ٿي پيا آهن ته ڪُراڙِي چانهن جو ٿرماش ڀري کڻي آئي ۽ معافي به گھري وئي. بھرحال ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان سوئي آهيان. اها جيڪا PMS ايپ آھي، سا تمام بهترين آهي. بس هڪڙي ڳالھ خراب اٿس سا اها به اٿس جو سنڌ جي ٻھراڙين ۾ سنگنل جي اڻھوند جي سبب ماسترن کي ڇتين، ڀتين ۽ وڻن تي چاڙھيو ڇڏي، جيڪا هڪ استاد جي لاءِ ڪا سٺي ڳالھ ناهي. دنيا وڃي چنڊ تي پهتي اسان وارا حڪمران ڪا اهڙي ايپ نٿا ڏئي سگھن جنهن سان مستقبل جي معمارن جا آخوند يا گُرو سگنل کان بغير حاضري لڳائي سگھن.

محمد هارون علياڻي/روشن آباد ميرپورخاص

انصاف ۽ حق سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجن!

انصاف اخلاقي حق جو هڪ تصور آهي جيڪو قانون، عقليت، اخلاقيات، عقليت، قدرتي قانون، برابري يا مذهب تي ٻڌل آهي. اهو پڻ منصفاڻو هجڻ جو عمل آهي. اسان مادي دنيا ۾ رهون ڀا، جتي اخلاقيات، قانون ۽ نظم وغيره جو گهٽ پرواهه آهي. پئسن سان هر شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي، محبت ۽ عزت به. ماڻهو عام طور ٻين کي دولت جي پئماني تي ماپيندا آهن، جيڪو جيترو امير هوندو اوترو ئي سماج ۾ سندس عزت ۽ محبت ٿيندي. پئسي جي کوٽ سان ماڻهو هر جاءِ تي تڪليف ۾ آهن، اهي نه رڳو پنهنجي بقاءَ لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا پر سماج ۾ عزت حاصل ڪرڻ به ڏکيو ٿي پوي ٿو. جن وٽ پئسو ناهي، اهي گهٽ پگهار واريون نوڪريون ڪرڻ شروع ڪن ٿا جن جو ڪو روشن مستقبل ناهي. اسان ڪيترن ئي گهريلو ڪمن جا مثال ڏسي سگهون ٿا جيڪي سڄي زندگي گهر ۾ ڏينهن رات محنت ڪن ٿا. پئسو هر شيءِ خريد ڪري سگهي ٿو جهڙوڪ خوشي، آزادي، عزت ۽ انصاف پڻ. رشوت جو ڪلچر هر هنڌ رائج آهي، جيڪڏهن اسان جي کيسي ۾ پئسا هجن ته ڪو ڪم ٿي سگهي ٿو. اعليٰ آفيسرن کي روڪ يا قسم جي رشوت ڏني وڃي ٿي، جنهن ڪري امير وڌيڪ امير ۽ غريب غريب ٿيندو پيو وڃي. ايمانداري ۽ محنت جو تصور به ڏکيائيءَ سان ئي انسان کي امير بڻائي سگهي ٿو. هڪ غريب پنهنجي مالي حالت بدلائڻ جو خواب به ڪيئن ٿو ڏسي سگهي. ڇاڪاڻ ته سندس اڌ کان وڌيڪ ڏينهن هيٺين سطح ۽ گهٽ پگهار واري نوڪري ڪرڻ ۾ زيان ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ جيڪڏهن هو ڪو نئون ڪم ڳولڻ يا ڪاروبار شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته پوءِ به وٽس نه ڪو سرمايو آهي ۽ نه ئي اعليٰ آفيسرن کي رشوت ڏيڻ لاءِ پئسو، رشوت ۽ ناانصافي جو نظام بدلائڻ جي ضرورت آهي. انصاف غريبن تائين پهچڻ گهرجي. انصاف لاءِ سڀني کي برابر حق حاصل آهن پر مسئلو اهو آهي ته ڪيترائي ڀيرا غريب اڻ پڙهيل آهن، انهن سان ٿيندڙ ناانصافين کان بي خبر آهن. اهي گهٽ اجرت تي ڪم ڪن ٿا ۽ پنهنجن مالڪن جا شڪرگذار آهن، ان حقيقت کان بيخبر آهن ته انهن جا مالڪ ئي انهن جو استحصال ڪري رهيا آهن. ڌرتي ان صورت ۾ جنت بڻجي ويندي جڏهن هر شهري، امير هجي يا غريب، ملڪ جي قاعدن ۽ قانونن تي عمل ڪري ۽ ٻين سان پيار ۽ احترام سان پيش اچي. انصاف تڏهن ئي ملي سگهي ٿو جڏهن اسان محنت جي وقار کي وڌائي سگهون ۽ رشوت جهڙن غير اخلاقي عملن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون. اسان پنهنجي دنيا جا ذميوار آهيون. اسان جي تبديلي اسان جي سماج کي بهتر بڻائي سگهي ٿي. اسان کي گھر ۽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙن کي منصفاڻي رقم ادا ڪرڻ گھرجي. اسان کي انهن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

انجنيئر يعقوب علي بلوچ/مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو

ٻيلو ۽ آسپاس جي علائقن کي بنيادي سهولتون ڏيو!

ضلعي سجاول جو شهر ٻيلو ۽ آسپاس جا ڪيترائي علائقا تعليم، صحت، پڪن رستن سميت زندگيءَ جي سمورن سهولتن کان محروم آهن. يوسي مُرادپور جا قديم ڳوٺَ، ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه، ڳوٺ صديق اوٺار، ڳوٺ اسحاق ملاح، ڳوٺ محمد ملاح سميت، سمورا ڳوٺ  بنيادي سڀني سهولتن کان محروم آهن. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه جي عمارت 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ ڪِري تباهه ٿي وئي، جنھن کان پوءِ 13 سال جو وقت مڪمل گذري ويو آهي پر اڃا تائين ڪو به کڙ تيل ناهي نڪتو. ياد رهي ته ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارا سمورا ڳوٺ پڪي رستن کان به محروم آهن. برسات جي وقت ڳوٺاڻن جو شهرن سان مڪمل رابطو ختم ٿي وڃي ٿو. ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارا سمورا ڳوٺ بجلي جهڙي سهولت کان به محروم آهن. ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه ۽ ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن کان بجلي صرف 2 ڪلو ميٽر (قادري فش فارم) تي موجود آهي پر افسوس جو هتي جي اصل رهواسين کي مهيا نٿي ڪئي وڃي. هتي ٻاهر کان آيل ماڻهن کي هر سهولت مهيسر ڪئي ٿي وڃي پر هتي جي اصل رهاڪن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ان کان سواءِ هتي سم نالي 6-آر (ميرانخوري سم) جي هر سال کاٽي نه کڃڻ ڪري سوين ڳوٺَ ۽ سوين ايڪڙَ زمين برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. جنهن سبب غريب آبادگارن جو هر سال ڪروڙين رپيا نقصان ٿئي ٿو ۽  غريبن جا اجھا به ڪِري تباهه ٿي ٿا وڃن. اسان ضلعي سجاول جي بالا آفيسرن توڙي هتي جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا اسان کي زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول

وزير ريلوي ۽ عوامي مفاد ۾ منصوبا!

مهينن جو ڪم سالن جو ٿي ويو آهي، ٿوري وقت ۾ سالن جي ڪم کي ڪرڻ ۽ پنهنجي پاران اپائن وٺڻ بعد نتيجا حاصل ڪرڻ واسطي جلدي بهتر قدمن ۽ حڪمت عملي کان ڪم وٺندي وزير ريلوي پاران هن وقت تعريف جوڳا قدم کنيا پيا وڃن، ڳالهه اها آهي ته ريلوي وزير اشرف تارڙ جي صدارت ۾ ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منقعد ڪيو ويو جنهن اجلاس ۾ وزير ريلوي کي اداري جي ڪارڪردگي، اصلاحن ۽ مستقبل جي منصوبن بابت بريف ڪيو ويو، جنهن ۾ چيئرمين ريلوي مظهر علي شاهه سي اي او شاهد عزيز، آءِ جي ريلوي پوليس رائو سردار ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا، وزير ريلوي چيو ته ريلوي ادارو جيترو نفعي بخش رهيو اوترو خسارو پڻ رهندو آيو آهي، ريلوي عوام لاءِ بهتر سفري سهولت سان گڏ آرامده ۽ سستي پڻ آهي هن وقت عوامي مفادن ۾ جيڪي منصوبا آهن تن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، ريلوي ۾ چوري گهڻي آهي چوري جي روڪٿام يقيني بڻائي وڃي ٽريڪ مٽيريل چوري ختم ٿيڻ گهرجي وسائل کي موثر شفاف استعمال ڪيو وڃي، آمدني وڌائڻ لاءِ بزنس پلان پيش ڪيو وڃي ٽريڪ حفاظت يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو وڃي ريلوي نيٽ ورڪ جي شمسي توانائي تي منتقلي جي پيش رفت رپورٽ وزارت ۾ جمع ڪرائي وڃي سگنل سسٽم جي بهتري تي ڌيان ڏني وڃي ناقابل استعمال ڪوچون ۽ لوڪو موٽوز کي ڊسپوز آف ڪرڻ جو پلان پيش ڪيو وڃي، اسان جو محفوظ سفر پهرين اوليت آهي وزير ريلوي کي مغل پوره ورڪشاپ جو دورو پڻ ڪرايو ويو، ريلوي وزير چيو ته ريلوي ۾ مسافرن جي قيمتي سامان چوري جو وارداتون وڌيون ته ريلوي پوليس جي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي بروقت پنهنجي پاران معاملي جو نوٽيس وٺندي قدم کڻي مسئلي جي روڪٿام کي يقيني بڻائي ڏيکاريو، جيڪا ڳالهه ساراهه جوڳي آهي، مون کي نگران سيٽ اپ ۾ وقت ٿورو ۽ ڪم گهڻو آهي، هن وقت مان پنهنجي پاران اوهان کي هدايتون جاري ڪندس ته خاص ڪري عوامي مفادن ۾ جيڪي منصوبا آهن تن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي.

محمد اسلم ماڪو/پنو عاقل

سنڌ حڪومت ۽ وفاق کان SM بند جو 41 ميل به ڏور!

(حصو ٻيون ۽ آخري)

پر افسوس ايريگيشن عملي، سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار جي بيڌيانيءَ سبب اهو بند پائجي ويو، 04.09.2023 تي رات جو تقريبن 10 وڳي درياهه بند جي هڪ تمام وڏي ڀير ڏني، جيڪا تقريبن 6 ميٽر ويڪري ۽ 100 ميٽر ڊگهي هئي، جنهن ذريعي درياهه ناتجربيڪار ايريگيشن عملي کي پنهنجي وحشت ۽ دهشت جو احساس ڏياريو. جنهن کان پوءِ ايريگيشن عملو بيوس ۽ لاچار نظر آيو. ايتري ۾ ڳوٺ جا سون جي تعداد ۾ ماڻهو نڪري آيا. جن ايرگيشن جي عملي سان گڏجي وڻ وڍرائي بند تي قلعا هڻي وڍيل وڻ رسن سان ٻڌي درياهه جي پائڪ ۾ اڇلرايا ۽ بند کي وڌيڪ پائڻ کان روڪيو. بند جي حالت بد کان بدتر ٿيندي رهي، ايتري قدر جو بند تي هڪ به پٿر نظر نه پئي آيو. ايريگيشن عملو گڊو ۽ سکر تان فون تي رپوٽون وٺڻ لڳو ته پاڻي ۾ لاٿ آئي يا نه؟ پاڻي ۾ لاٿ اچڻ کان هڪ رات اڳ پسگردائي جو عوام انتظار ڪرڻ لڳو ته شل درياهه لهي، ڇاڪاڻ ته سرڪار جي ايتري ته لاپرواهي هئي جو هن ايمرجنسي واري حالت ۾ ماڻهن ۽ انهن جي ملڪيتن کي جانور ۽ گند جو ڍير سمجهي ٻڏڻ ۽ دربدر ٿيڻ لا بي يارو مددگار ڇڏيو ويو. خير پاڻي لهي ويو پر درياهه بند جي هنج ۾ تيزيءَ سان وهي رهيو هو. ماڻهن ٻه ڏينهن سک جو ساهه کنيو، آخرڪار 07.09.2023 جي صبح آذانن وقت بند تي گوڙ ٿي ويو ته بند پائجي ويو ۽ حقيقتن به بند پائجي وڃي 3 فوٽ بچيو هو. درياهه ٻه ڀيرون ڏئي بند کي تمام گهڻو نقصان پهچايو هو. هن ٻن مهينن ۾ جيڪي به تجربا ٿيا انهن مان نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ ۾ ايريگيشن جو هيڏو سارو کاتو آهي جيڪو بنا ڪنهن پلاننگ جي ڪم ڪري ٿو. ايريگيشن جي عملي ۾ تجربو نالي ماتر آهي، جيڪو سنڌ جي سر سبز زمين کي واريءَ جا دڙا بڻائڻ ۾ دير نه ڪندا. هيٺيون عملو ته ننڊون ڦٽائي پنهنجي ذميواري ڪجهه حد تائين نڀائي ٿو، سواءِ صحيح بريف ڪرڻ جي، باقي مٿيون عملو خطري واري هنڌ اچي فوٽو سيشن ڪري واپس وڃي آرام سان سمهي پوي ٿو. اسان جي حڪومت وٽ عوام جي جان مال ملڪيت جي ڪابه قيمت ناهي، اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.

محمد علي سولنگي/ڪوڙيجا ڀاڻ

بھترين تعليمي

اداري جو ڇا ٿيندو؟

(حصو ٻيون ۽ آخري)

جڏھن ته هن وقت يونيورسٽيءَ جي ملازمن مڪمل تالا بندي ڪري ڇڏي آھي، وي سي انھن جا جائز مطالبا نٿو مڃي. ملازمن کي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ويتر انھن ملازمن کي نوڪري تان معطل Suspend ڪيو پيو وڃي. آخر ھيءَ ھڙتال ۽ ملازمن کي معطل ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين جاري رهندو؟ ملازمن جو ھڙتال ڪرڻ ھڪ آئيني قانوني حق آھي. پر گھٽ ۾ گھٽ ملازمن کي ٻڌو ته وڃي! موجوده وي سي ڪافي شين تي بھتر ڪم ڪيو آھي، اڳ جي ڀيٽ ۾ جيڪي اڳ وي سي رھي چڪا آھن پر ھن وقت وي سي کي يونيورسٽيءَ جي مالڪي ڪرڻ گھرجي. يونيورسٽيءَ سان شاگردن جو مستقبل سلھاڙيل آھي. ھي اتر سنڌ جي مادري علمي سان وڏو اليمو آهي، پھريائين ته سياستدانن ظلم ڪيو وري ھاڻي ملازم ۽ اداري جو مالڪ ڪري رھيا آھن. ياد رھي ته ھن يونيورسٽيءَ جا شاگرد وڏن وڏن عهدن تي فائز آھن، سنڌ، ملڪ ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ اهي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن پر ھن وقت لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ صرف هر ٻئي ڏينھن ھڙتال آھي. ان ڪري يونيورسٽي جي ساک ۽ معاشري ۾ يونيورسٽيءَ جي لاءِ غلط تاثر جڙي رھيو آھي. خدارا ھن بھترين اداري کي بچايو، ھن کي تباھ و برباد نه ٿيڻ ڏيو، ادارا ڏاڍا ڏکيا ٺهندا ۽ ملندا آھن، جن ضلعن ۾ يونيورسٽي نه آهي اتان جي شاگرد ۽ عوام کان پڇو ته ادارن جي اھميت ڪهڙي آھي. جيڪڏھن اھڙي صورتحال رھي ته هن يونيورسٽيءَ کي اڳتي ھلي ڪنھن خانگي اداري جي حوالي ڪري ڇڏيندا پوءِ مسڪين غريب شاگرد ڪٿان ڳريون فيون برداشت ڪندا، ھي غريب شاگردن کي تعليم کسڻ جا سانباھ آھن، لطيف يونيورسٽي جي وي سي کي جلد ملازمن سان ڳالھيون ڪري جائز مسئلن کي حل ڪرڻ گھرجي، نگران تعليم جي وزير کي گھرجي ته لطيف يونيورسٽي خيرپور جي ملازمن ۽ وي سي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري، جيڪي ڳريون فيون وڌايون ويون آھن اھي ختم ڪرايون وڃن ته جيئن شاگرد تعليم حاصل ڪري سگھن.

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ