بري هن ڀنڀور ۾!

(حصو ٻيون ۽ آخري)

درگاهه ڪافي عرصي کان بند آهي، تنهن ڪري صفائي به نٿا ڪري سگھون، خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اها درگاهه کولي وئي آهي ۽ هر روز سوين ماڻهو زيارت ڪن ٿا. مون اسلام آباد کان آيل پنهنجي ساٿي کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ خواجه محمد زمان جي ملاقات جو احوال ٻڌايو، هن درگاهه جي ٻاهران فوٽوگرافي ڪئي، ان کان پوءِ اسان بدين روانان ٿياسيون، اتي وڃي مشهور اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان ملياسون. هنن جوڻي صاحب کان ڀٽائيءَ جي شاعريءَ بابت تاثرات رڪارد ڪرايا. سير سفر ڪندي اسان ٿر پهچي وياسون، هڪ رات مِٺي ۾ رهياسون، ٻئي ڏينهن مارئي جي کوهه تي وياسون، هنن اتي فوٽوگرافي ڪئي، احوال ته وڏو آهي، پر مون مختصر بيان ڪيو آهي. بهرحال، اسلام آباد وارا همراهه هفتي کن جو سير سفر ڪري، گھربل معلومات وٺي ۽ فوٽوگرافي ڪري خير سان واپس روانا ٿي ويا. قصو ڪوتهه، اسلام آباد واري آفيسر هڪ ڏينهن فون تي ٻڌايو ته ٻئي ڊاڪيومينٽريز تيار ٿي ويون آهن، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر پاڪستان آصف علي زرداري صاحب کي گذارش ڪئي آهي ته اوهان ڪا تاريخ ڏيو ته جيئن هنن ڊاڪيومينٽريز جو افتتاح ڪيو وڃي، جيئن ئي تاريخ ملي ته اوهان کي اطلاع ڪيو ويندو ته جيئن اوهان ان فنڪشن ۾ شامل ٿيو ۽ اتي اوهان جو تعارف ڪرايو وڃي. ڪجھه سال گذري ويا پر مون کي ڪو اطلاع ڪو نه ڪيو ويو. هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪانفرنس جي موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر سانگي صاحب سان ملاقات ٿي، مون کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، هن چيو ته اوهان درخواست ڏيو، جاچ ڪري قدم کڻنداسون پر مون کيس ڪا درخواست نه ڏني، محض ان لاءِ ته هڪ سنڌي خواهه مخواهه ڏچي ۾ اچي ويندو. ڪجھه سال اڳ اخبار ۾ پڙهيم ته لاڙڪاڻي ۾ فلاڻي ماڻهو پاران سچل سرمست تي تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي، جنهن هنڌ اها ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي هئي، ان جي منتظم کي فون ڪري مون سڄي حقيقت ٻڌائي، مون کيس چيو ته مون کي ڪو اُجورو ڪونه کپي، ڀلي هُو ڊاڪيومينٽريز پنهنجي نالي سان مشهور ڪري، چئوس ته مون کي مهرباني ڪري انهن جون ڪاپيون موڪلي ڏئي، هن ٻئي ڏينهن فون تي ٻڌايو ته “مون کيس چيو آهي، هو اوهان کي پنهنجي ڊاڪيومينٽريز جون ڪاپيون موڪلي ڏيندو.” ان ڳالهه کي به پنج ڇهه سال ٿي ويا آهن پر مون کي ڪاپيون نه مليون آهن، هو شايد انهيءَ انتظار ۾ آهي ته هي پوڙهو مري ته پوءِ اهي ڊاڪيومينٽريز پڌريون ڪريان نه ته هي همراهه (نواز علي شوق) اعتراض ڪندو ۽ مٿو کائي ويندو. آخر ۾ ان همراهه کي گذارش ٿو ڪريان ته مون هر شيءِ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، هر ڳالهه درگذر ڪري ڇڏي آهي، نه اجورو کپي، نه انهن ڊاڪيومينٽريز تي منهنجو نالو هجي، ڀلي اوهان جي نالي هجن، خدا اوهان کي خوش رکي، مهرباني ڪري رڳو انهن پنهنجين ڊاڪيومينٽريز جي هڪ هڪ ڪاپي موڪلي ڏيو.

نواز علي شوق/ ڪراچي

جنم اشٽمي ۽ سناتن ڌرم ۾ ھڪ اوتار جو جنم ڏڻ!

(حصو ٽيون)

پوري دنيا سميت هند سنڌ سناتن ڌرم جا رکوالا ڀگوان ڪرشن جو جنم ڏينهن وڏي جوش سان ملائيندا آهن، پوري دنيا ۾ سناتن ڌرم طرفان ڪرشن ڀگوان جو جنم ڏينهن هرسال جيان هن سال به وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي  مردن ۽ عورتن مختلف مذهبي ڀڄنن تي رقص ڪندا آهن، سناتن ڌرم پاران سندن عقيدي ۾ ٺاهيل ڀگوان جي مورتي جي پراٿنا، پوجا پاٽ ڪندا آهن. هو 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان اهي رسمون ملهائيندا ٿا اچن ته سندس مشهور پوڄا ڪانوڙو به اڄ ٻوڙي سندن ڀگوان کي شنان ڪرايو ويندو آهي، ڪانوڙي جي رسم ۾ هندن کان سواءِ ٻين مذهبن جا ماڻهو شريڪ ٿين ٿا. سنڌ ۾ رهندڙ اقليت پنهنجا تهوار سنڌ ۾ بنا خوف جي ملهائين ٿا ۽ سنڌي پڻ هر تهوار ۾ شرڪت ڪن ٿا، جنهن ۾ رنگ به رنگي هولي، ديپاوالي ۽ ٻيا تهوار شامل آهن، سناتن ڌرم سنڌ ڌرتيءَ جي گولي تي بيٺل هڪ خوش نصيب خطو آهي، جتي تهذيبي گلستان جا سڀ کان پهرين گُل، گونچ ڦٽا هئا، سنڌو ماٿري جي ثقافت مان انساني مهذب رهڻي، ڪهڻي، اٿڻي، ويهڻي جي انتهائي حيرت انگيز، باڪمال ۽ نرالي ثابتي ملي ٿي، سنڌ جي مثالي تهذيب کي صدين جو نرالو تسلسل آهي، تنهن ۾ مذهب ۽ ماڻهپو، پنهنجي حسين سنگم سان عروج تي نظر اچن ٿا. سنڌ جي قديمي ثقافت سان سينگاريل تهوار “ڪانوڙي” جيڪو پڻ سانوڻي مهيني ۾ غريبن جي دردن کي ننڍي ٻار جيان ڌُتاري خوشين طرف مصروف ڪري ڇڏيندو آهي، ڀٽائي جي نگري ۾ جنم وٺندڙ پوري انسانذات هن تهوار کي فرضي نموني سان ملهائيندي آهي. سناتن ڌرم جي تهوار جا سڀ رنگ انوکا آهن. ڪانوڙو ويجهو ايندي ئي پوري سناتن ڌرم جي چهرن تي مايوسي به مايوس ٿيو وڃي ۽ برساتي بادل پنهنجي هنگامي ميٽنگ گهرائي ڪانوڙو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءَ سمنڊ ڪناري تي پاڻي جي مست، مدهوش ڇولين اڳيان فيصلو محفوظ ڪريو ڇڏين ته ڪهڙي طرف، ڪهڙي پار هلڻو آهي، اتي بادل غريبن جي خوشين کي ڏسي پاڻ خوشيءَ جا لڙڪ وهايو ڇڏين ته ٿر ۾ رهندڙ ٿرين جي چهرن تي ايندڙ مُرڪ ڪيڏي نه مانائتي آهي جو پريشانيون عارضي طور پنهنجي جهوپڙي کي آباد ڪري منهنجي ماروئڙن جي خوشين ۾ ٻهروپي ٿي شريڪ ٿيو پون.

لفظ موتي نه ٿيا، گيت مالھا نه ٿيو،

ھاءِ ڙي زندگي، توسان ڇا ڇا نه ٿيو.

ٻھراڙي جتي اڄ به پرھ ڦُٽي ويل جنڊ جو آواز ڳوٺ ڌڻين کي جاڳ جا سڏ ڏئي ٿو، اونھي کوھ تي ڀوڻي جو آواز سکين جي ٽھڪ سان گڏجي شور مچائي ٿو، پاڻھيارين جا ٻيڙھلا ساٺ سوئنڻ ويچاريندڙ جھوني کي شُڀ شُڳن ڏين ٿا. مورن جا ٽھوڪا مينھن سارين ٿا، ڍورن جي ميري پُٺي وسڻ جا اھڃاڻ لڳي ٿي تڏھن ڌراڙ به ٻڪرين جي وٿاڻ بدلائڻ جي شُڀ خبر ڏئي ٿو ۽ پڪ ٿئي ٿي وسڪارو وسڻ جا ويس ڪري پيو. (جاري)

انيل ڪمار مڪواڻا/ ڪنري

يوسي کاھي ممن اڄ به سئي گيس کان محروم!

تعلقي ڀريا جي سدا بھار وزير سيد مراد علي شاهه صاحب کان يوسي کاھي ممن جو عوام مطالبا ڪري ڪري نيٺ ٿڪجي هارجي ويهي رهيو ته سائين اوهان اليڪشن دوران اسان سان ڪجھ واعدا ڪري ويا ھئا، تن مان هڪ يوسي کاھي ممن جي عوام کي سئي گيس ڏيارڻ جو واعدو به ڪيو ويو ھو ۽ توهان 2013 ۾ اسان جي گئس منظور به ڪرائي ھئي، جنهن جا ليٽر اليڪشن ورڪ دوران ورھايا به ويا ھئا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اھو ڪم اڄ تائين شروع ٿي نه سگهيو آهي ۽ يوسي جو عوام اڄ به ھن دور ۾ اهم سھولت کان محروم آهي اسان جي نگران سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته خدارا يوسي کاھي ممن جي عوام جو ھڪ ئي مطالبو آهي ته اسان کي جلد کان جلد سئي گئس لڳرائي ڏني وڃي ته جيئن يوسي جي عوام مان مايوسي ختم ٿي سگھي، جي يوسي کاھي ممن ۾ سئي گئس تي ڪم شروع نه ڪرايو ويو ته يوسي جو عوام مجبور ٿي احتجاج جو سڏ ڏيندو.

اعجاز ممنائي/کاهي ممن، نوشهروفيرو

آپگھاتن جي نظر ٿيندڙ وجود!

آپگھات، اهو غلط قدم آهي جيڪو آخر هر ستايل انسان ڇو کڻڻ تي مجبور ٿيندو آهي؟ ڇا آپگھات ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي جو انسان پنهنجن کان منھن موڙي مرڻ جو رستو اپنائين ٿا! پنهنجي اندر جي خواھشن ۽ دنياوي زندگيءَ کان هارائجي، ھر رستي کي بند ٿيندو ڏسي پنهنجي ئي سامهون خواهشن جو خاتمو ڏسندو آهي ۽ سوچيندو آهي ته هاڻ منهنجي جيئڻ جو ڪو به فائدو ناهي! هن سماج ۾ رهندڙ هر ستايل فرد پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻيندو آهي، اُن جو سبب به سماج ۾ رهندڙ فرد ئي آهن. ڪٿي آپگھات جو سبب غريبي، محرومي ۽ سرمائيداري نظام ھوندو آھي، جيئن ڪنهن غريب پنهنجي غريبي ڪري پنهنجي گهروارن جي ذميواري پوري نه ڪرڻ تي پنهنجي پاڻ کي موت جي گهاٽ چاڙھي ڇڏي ٿو. سرمائيدار نظام جي هيٺيان سچائي جو انصاف نه ملڻ جي ڪري غريبن سان ٿيل ذيادتي به آپگھات جو ڪارڻ بڻجي ٿي، ڇو جو هو طاقتورن جي اڳيان هارجي وڃي ٿو، ڪڏهن وري ايئن به ٿيندو آهي ته هڪ ٻئي کي پسند ڪندڙ جوڙو گهر وارن جي راضي نه ٿيڻ تي پنهنجي زندگي ئي ختم ڪري ڇڏين ٿا. اهو سڀ ان ڪري ئي ٿئي ٿو جڏهن ان انسان اڳيان سڀ رستا بند ٿيو وڃن، ھُن کي ڪا به اميد نٿي ڏسجي جو اهو پنهنجي خواهشن کي پورو ڪري سگهي، ڪجهه هاريل انسان پنهنجي غلطيءَ ڪري ئي انمول زندگي مان هٿ ڪڍي ڇڏين ٿا، مثال طور ايئن جو ڪنهن کي ڊاڪٽر يا انجينئر ٿيڻ جو جنون هجي ۽ اهو نه ٿيڻ ڪري ئي پاڻ کي خاتمي جي ور چاڙھيو ڇڏي، اھو سوچي ته منهنجي منزل اها هئي پر اها انھن جي وڏي غلطي آهي جو اهو برداشت نه ڪرڻ ڪري ئي پنهنجي اميدن کان ٽُٽي پوندا آهن، ڪجهه انسان روزمره جي زندگي کان تنگ ٿي آجو ٿيڻ چاهين ٿا، آپگھات ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن مهانگائي جي ڪري، ڪاروڪاري نظام جي ڪري. اُن کان سواءِ ٻيون به ڪيترائي سبب آھن جنهن جن جي ڪري انسان پنهنجي زندگيءَ جي ڏيئي کي وسائي ڇڏين ٿا. انهن کي فقط هڪڙو سبب گهرجي زندگي ختم ڪرڻ لاءِ پر اُهي ان ڳالھ کان اڻواقف هوندا آهن ته ڪيترائي موقعا ملن ٿا، سندس ڏکي زندگي کي سکي ڪرڻ لاءِ، چوندا آهن ته  هڪ رستو بند ٿئي ٿو ته شايد پنهنجي لاءِ اها منزل هئي ڪو نه بس صبر ڪر ته سڀ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو پر پنهنجي سماج ۾ غريب، اٻوجھ انسانن جي ڪير دانهن نٿو ٻڌي ان ڪري ئي هو آپگھات جو رستو اپنائين ٿا.

پريا گوسوامي/عمرڪوٽ

مائي جندوءَ جي تاريخي جدوجهد!

(حصو پهريون)

سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهڙي عورت جنهن جي بهادريءَ جو مثال پوري انساني تاريخ ۾ ڳولئي نه لڀندو، اھا مائي جندو ھئي، جنھن سيکاريو ته جدوجهد ڪيئن ڪجي، پنھنجن حقن لاءِ ويڙهه ڪيئن وڙھجي، اھا مائي جندو ھئي جنھن چيو ھو ته جيستائين منھنجن ٻچن سان انصاف نه ٿيندو، تيستائين سک جو ساهه نه کڻديس. اھا مائي جندو ئي ھئي جنھن نااميدن جي جبلن جا ذرڙا ذرڙا ڪري اميدن جو سج اڀاريو. مائي جندو ڪاري تاريخ جي نرڙ تي ڳاڙھو تلڪ آھي. 5 ۽ 6 جون 1992ع جي وچ واري رات ٽنڊي بھاول جي ڳوٺ ۾ جيڪا قيامت برپا ٿي، ان جو پڙاڏو اڄ 31 سالن گذرڻ بعد به ٻڌجي ۽ سڻجي سگھجي ٿو. اڄ مان مائي جندوءَ جي واقعي جي گالھ ڪندس، مائي جندو اھا مائي آھي جيڪا ھمت، بھادري، مستقل مزاجي، مزاحمت ۽ انصاف جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ بلاشڪ سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾ ھڪ وڏو مثال آهي. 5 جون 1992ع تي ٽنڊو بهاول جو واقعو، ھڪ ڏکوئيندڙ واقعو ھو. ھن واقعي ۾ 9 معصوم بي گناھ انسانن جو رت وھائي کين قتل ڪيو ويو. ٻني ۽ ملڪيت جي لالچ ۾ اچي 42 ٻارن کي يتيم ڪيو ويو پر ھن واقعي کان پوءِ 4 سالن تائين جوابدارن کي سندن منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ٻن ادڙين مسمات حاڪمزادي ۽ مسمات زيب النساءِ پاڻ کي 11 سيپٽمبر 1996ع تي حيدرآباد جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. اھي ٻئي ادڙيون 10 ڏينھن بعد 21 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي جي پي اين ايس شفا اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويون. ياد رھي ته ٽنڊي بھاول واري واقعي جي جدوجھد جي اھم ڪردار ۾ مائي جندو ھٿ آھي. ھن واقعي جا ڪجھ اھم نقطا ضرور آڏو رکڻ گھرجن. 1992ع ۾ ملڪ جي سول حڪومت ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ سيد مظفر حسين شاھ ھو ۽ اسان سڀنن جو قسم کنيل آهي ته سنڌ ۾ وزير اعليٰ جي سيٽ شاھ/ سيد/ پير/ فقيرن جي آھي. ان ڪري سنڌ ۾ اڳي به ظلم ھو ۽ اڄ به ظلم جاري ۽ ساري آھي. 2 ان واقعي بعد معمول موجب 6 جون 1992ع تي سرڪاري ھينڊ آئوٽ جاري ٿيو، جنھن ۾ چيل ھو ته ڄامشورو ۾ غلام محمد بئراج وٽ قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين سان ڏوھارين جو دوبدو مقابلو ٿيو، جنھن ۾ 9 دھشتگرد مارجي ويا. ھينڊ آئوٽ ۾ چيل ھو ته مري ويلن مان ھڪ دھشتگرد جو چوڻ ھو ته وٽن موجود ڌماڪيدار مادو ڀارت مان آندل ھو ۽ کين ڀارت ۾ سکيا ڏني وئي آهي. سرڪاري ھئنڊ آئوٽ ۾ ڄاڻايل ھو ته ٻه ڪلاشنڪوف، 40 دستي بم، ھڪ شارٽ گن، 20 ڪلو بارود پڻ دھشتگردن وٽان ھٿ آيو آهي، ھي آھي اسان جي سرڪار جيڪا معصوم ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪندي آهي. (جاري)

عابد لغاري/ڪراچي

الزامن جو علاج جاچ ڪميشن ذريعي!

جمهوريت هميشه جمهوري ادارن ۽ جمهوري خيالن سان مضبوط ٿيندي آهي، ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ذميواري حڪمران جماعت جي آهي پر اقتدار جو نشو به وڏو خطرناڪ هوندو آهي، جيڪو شخص جڏهن اقتدار جي ڪرسي تي هوندو آهي ته پوءِ اهو نشي ۾ گُم ٿي ويندو آهي. ملڪي عوام جو ذميوار ادارن تي بي اعتمادي ۾ روزانون اضافو ٿيندو پيو وڃي. اها رياستي ادارن جي ذميواري هوندي آهي ته هو ملڪ جي عوام جي ڏکن ۽ اهنجن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري حل ڪڍن آئين ۽ انصاف جي تقاضا موجب پنهنجي پنهنجي قانوني دائري ۾ اثرائتي ڪردار کي يقيني بڻائين. قائداعظم جو پاڪستان ايمان، اتحاد ۽ پڪي تنظيم هو. هاڻي اهو پاڪستان ڪرپشن جو دڪان ٿي چڪو آهي، هاڻ ڪرپشن ڪاروباري حيثيت اختيار ڪري ڪچي آهي. جڏهن به اسان جي ملڪ ۾ سياستدان يا ڪا ٻي وڏي ڪميشن قائم ڪئي ويندي آهي ته انهيءَ جاچ ڪميشن ۾ پنهنجا من پسند ميمبر مقرر ڪري پنهنجي پسند جي رپورٽ حاصل ڪئي ويندي آهي. ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ پيش ايندڙ ڪيترا ئي واقعا ڏسنداسين ته اهي سڀ اهڙن من پسند جاچ ڪميشن جي آڌار تي هلنديون آهن ۽ ختم به ٿي وينديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن به جاچ ڪميشن جي رپورٽ ايمانداريءَ جي بنياد تي اچي به ويندي آهي ته ان رپورٽ کي نظرانداز يا فائيلن هيٺان دٻايو ويندو آهي. اهڙن جاچ ڪميشنن اڄ تائين ڪو به ٻوٽو ناهي ٻاريو. ملڪ جي وڏن اسڪينڊلن کي جاچ ڪميشن جو نالو ڏئي ان کي اتي ئي ختم ڪيو ويندو آهي. ملڪي حڪمرانن کي پاڻ کان سواءِ قوم جو ڪو به خيال ناهي، جڏهن اسان جي ملڪ جو وزيراعظم بلوچستان جي دوري تي ويو هو ته ان جي هڪ ويلي جي کاڌي جو بل سوا 34 لک رپيا آيو هو. مهمانن لاءِ 19 لک 25 هزار رپيا ٽيبل جي سينگار تي 15 لک رپيا خرچ ڪيو ويو هو. ملڪ کي لٽيندڙ تمام طاقتور ماڻهو احتساب کان بچندا آيا آهن. وڏي طاقتور شخصيتن کي ڪرپشن ۾ سزا ناهي ملي. پارليامينٽ ۾ انهيءَ حوالي سان ڪا به قانونسازي نه ڪئي وئي آهي پر ڪن به ڇو؟ ان ڪرپشن جي درياهه ۾ سڀني جا هٿ ڌوتل آهن. پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو ادارو نيب آهي. جنهن شروع کان اڄ تائين ڪا به سٺي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري. ان کان سواءِ ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن، ايف بي آر به ناجائز اثاثا ٺاهڻ ۽ ڪرپشن جي حوالي سان تحقيق ناهن ڪري سگھيا “اٽي تي چَٽي وارو معاملو آهي.“ ڇو جو اهي سمورا ادارا حڪمرانن، سياستدانن جي اثر ۽ دٻاءَ هيٺ ڪم ڪن پيا. تڏهن حقيقي احتساب جو نظام ملڪ ۾ لاڳو ناهي ٿي سگھيو. ان ڪري ملڪ ترقي جي طرف نه پيو وڌي. هن وقت ملڪ ۾ سياسي قيادتن جا سياسي مقابلا هلي رهيا آهن، هن وقت ملڪ ۾ روزانون 12 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، جيڪا ساليانو 4380 ارب رپين تائين پهتي آهي ۽ اڳتي الائي ڇا ٿيندو.

راهب علي سولنگي/ راڌڻ اسٽيشن

سياسي ميدان ۾ غلطيون ڪندڙ سياسي پارٽيون!

(حصو پهريون)

جمهوري ميدان ۾ ماضيءَ ۾ جيتريون غلطيون نواز ليگ کان ٿيون هونديون شايد ان جيتريون غلطيون پيپلزپارٽي کان به ٿيون هونديون، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اقتدار جي نشي جڏهن ڌت هونديون آهن ته اهي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي تي ڪيس داخل ڪرڻ، هڪ ٻئي جون ڄنگھو ڇڪڻ، سياسي معاملا عدالتن ۾ کڻي وڃڻ سميت ڪيترائي اهڙا ڪم ڪنديون رهيون آهن جيڪي سياست جي ميدان ۾ اخلاقي ناهن هوندا، اهو سٺو سنئوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين ماضيءَ جي غلطين مان ٿورو گهڻو سکيو ضرور آهي، ماضيءَ ۾ جڏهن به اهي ٻئي پارٽيون پاڻ لڳيون آهن ته نقصان هميشه جمهوريت جو ئي ٿيو آهي۽ اها به هڪ حقيقت آهي ته جڏهن اهي ٻئي پارٽيون گڏ ٿيون آهن ته ٿورو ئي صحيح پر فائدو جمهوريت کي ٿيو آهي. گذريل نواز ليگي حڪومت ۾ جڏهن عمران خان اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ ڊگهو ڌرڻو هنيو ته اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون ته جمهوريت وڃڻ واري آهي ته، ان وقت پيپلز پارٽي نواز ليگ سان اختلاف وساري جمهوريت سان گڏ بيٺي رهي۔ ان وقت پيپلز پارٽي نواز ليگ جو ساٿ ڏئي انڌي منڊي جمهوريت کي پٽڙي تان نه لهڻ ڏنو ۽ نتيجي طور عمران خان نواز شريف کان استعيفي وٺڻ کان بنا پنهنجن آقائن کي معيارون ڏيندو خالي هٿين واپس روانون ٿي ويو ۽ جمهوري حڪومت وڏا وڏا لوڏا کائڻ باوجود بچي وئي. ان وقت نوازشريف مجبور ٿي ري استيفيٰ ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي چڪو هو پر ان وقت پيپلزپارٽي نواز ليگ جو ساٿ ڏنو جيڪو جمهوريت جي بهتري لاءِ هڪ تاريخي زبردست قدم هو. ويجهي ماضي ۾ پيپلزپارٽي کان به سنگين غلطيون ٿيون آهن جنهن مان هڪ بلوچستان حڪومت کي ختم ڪرڻ واري غلطي هئي، بلوچستان جي حڪومت زرداري صاحب جي مهربانين سان ڪيرائي وئي ۽ جڏهن نئين حڪومت وجود ۾ آئي ته بلوچستان جي ان وقت جي وڏي وزير قدوس بزنجو ڪراچي ۾ زرداري صاحب سان ڪابينا سميت اچي لٿو هو ۽ مڃيو هئائين. پيپلز پارٽي ٻي وڏي غلطي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن وقت ڪئي هئي، سينيٽ اليڪشن وقت نواز ليگ پيپلزپارٽي کي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ هڪ زبردست آڇ ڪئي هئي پر پيپلزپارٽي اندورني مفاهمت سياست سبب اها آڇ قبول نه ڪئي اها آڇ هئي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جي، نواز ليگ پ پ کي غير مشروط طور چيو پر پ پ ايئن نه ڪيو ۽ نتيجي طور هڪ غير سياسي ماڻهو سينيٽ چيئرمين جي عهدي تي چونڊجي ويو. (جاري)

محمد حنيف خاصخيلي/ نندو شهر

ڪلوئي جي عوام جا مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا؟

اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جي وڏ وزارتي دور 2016ع ۾ تعلقي جو درجو ڏنل ڪلوئي شھر واسين کي ھن وقت جيڪي مسئلا آهن تن ۾ بئنڪ جي عدم موجودگي، لائيٽ جي لوڊشيڊنگ، مسافرخاني جي عدم موجودگي، يوسي ۾ چيئرمين توڙي ڪامورن جي عدم موجودگي، واٽر سپلاءِ جي غير موجودگي، گرلس ھاءِ اسڪول جي قيام جي عدم موجودگي، ڊگري ڪاليج جي عدم موجودگي، ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جي عدم موجودگي، بلوچ چوڪ کان ڪلوئي لنڪ روڊ جي ري ڪنسٽرڪشن نه ٿيڻ، ڊرينيج نظام جي غير فعالي سميت ڪيترا ئي مسئلا شامل آهن، جن جي حل لاءِ شھري چونڊيل سياسي نمائيندن توڙي ڪامورن اڳيان ھر روز دانهيندي نظر اچن ٿا. اھڙن ئي مسئلن مان ھڪ مسئلو ڪلوئي شھر جي رھواسين کي گذريل برساتن کان پوءِ لاڳيتو سامهون اچي رھيو آهي. آئون ڳالھ ڪري رھيو آهيان ڀيل ميگھواڙ پاڙو ڪلوئي مان گذرندڙ لنڪ روڊ جي جيڪو ھن وقت ڪچي رستي جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جيڪو نه رڳو رستي تان لنگهندڙ ماڻهن جي پريشانيءَ جو سبب بڻيل آهي پر صبح سوير اسڪول لاءِ ويندڙ ننڍڙ معصوم ٻارڻ لاءِ به پريشانيءَ جو سبب بڻيل آهي، جنهن تان وڏي گاڏي ۾ ويٺل مسافر ته سولائيءَ سان لنگهيو وڃن پر پنڌ هلندڙ ٻارن، بزرگن ۽ عورتن کي لنگهڻ ۾ ڏاڍي پريشاني ٿئي ٿي. رستي تي پيل گندگي جي ڍير جو سبب شھري انتظاميه جي نااھلي ۽ غفلت سبب گٽر نالين جي صفائي نه ھئڻ سان گڏ شھر واسين جي لاپرواھي ۽ ذاتي انا به رھيو آهي. ھن رستي تان ڪافي سياسي توڙي سماجي شخصيتن جو روز جو گذرڻ ٿئي ٿو پر ڪنهن به اک نه پٽجي ۽ نه ئي رستي جي صفائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. اسين ڪلوئي واسي شھري انتظاميه سميت تعلقي ڪلوئي جي چونڊيل سياسي نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته ڀيل ميگھواڙ پاڙو ڪلوئي واري گندگي جو ڍير بڻيل رستي سميت شھر جون سڀئي ڪچيون گھٽيون پڪيون ڪري ۽ گٽر ناليون ٺاھي ڊرينيج نظام کي بحال ڪيو وڃي ۽ مٿي ڄاڻايل مسئلن تي پڻ نظرثاني ڪئي وڃي.

کٽو مل راھواڻي/ ڪلوئي