مظلوم قيديءَ جو آوزا ۽ آخري سنوائي!
(آخري حصو)
هن سان آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟ مون اڃا دل ۾ اهو پي سوچيو ته اوچتو سرڪاري گاڏي اچي لڳي جيڪا اسان کي جيل پهچائڻ واري هئي، اسان کي جيل وڃڻ لاءِ سڏ ٿيو، پوءِ سڀني دوستن ۽ عزيزن کان موڪلائي ۽ آخري ڀيرو پنهنجي والد جي سيني سن لڳي گاڏيءَ ۾ چڙهياسين ۽ پنهنجي جنت جھڙي شهر ڄامشوري کي الوداع ڪري اچي نارا جيل پهتاسين جتي محبت مغيري کي آخري ڀيرو پيش ڪيو ويو ۽ اسان کي وري سينٽرل جيل حيدرآباد وٺي آيا. جتي مون کي واپس آصف ڇلگريءَ جي کوليءَ ۾ ڇڏيو ويو ۽ محبت مغيريءَ کي ڦاهي گھاٽ جي سيڪيورٽي نمبر5 ۾ ڇڏيو ويو. سزا لڳڻ کان پوءِ آئون ۽ محبت معيري ٻئي ڏينهن ملاقاتي ٿياسين، هتي امير بخش راڄڙ اسان کي چانهه به پياري، چانهه پي جڏهن واندا ٿياسين ته پوءِ امير بخش راڄڙ سان ڪچهري به ڪئي، اڃا اسان جي امير بخش سان ڪچهري هلي پي ته مٿان بابو صخيلي به اچي نڪتو، جنهن اسان کي جيل سپرنٽينڊنٽ صاحب وٽ پيش ڪيو. جڏهن اسان صاحب وٽ پيش ٿياسين ته ان دوران صاحب اسان کي وڌيڪ اپيل لاءِ پڇيو؟ اسان صاحب کي چيو ته اسان کي اپيل جيل مان لڳرائي وڃي. اهو ٻڌي صاحب اسان کي شڪيل وٽ پيش ٿيڻ لاءِ چيو، جڏهن اسين شڪيل صاحب وٽ پهتاسين ته اسان اتي موجود حنيف لاشاري به مليو جيڪو منهنجو دوست ۽ پاڙيسري به آهي. جنهن شڪيل کي اسان جي پارت به ڪئي، اڃا اسين شڪيل صاحب جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين ته محبت مغيري جي ملاقات اچي وئي، محبت ملاقات لاءِ روانو ٿيو ۽ مون وٽ پنهنجا ڪاغذ موجود نه هئا، ان لاءِ مون شڪيل صاحب کان موڪلائي واپس پنهنجي کوليءَ ڏانهن موٽي آيس. جتي محمود منهنجي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. اهڙيءَ طرح اسان جي آخري شنوائي پنهنجي منزل تي پهتي ۽ اسان جي ڪيس جو هميشه لاءِ دي اينڊ ٿي ويو.
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
ڳوٺ پريو جمالي واسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن!‎‎
ڳوٺ پريو جمالي جوهي تعلقي دادو ضلعي ۾واقع آهي، ڳوٺ پريو جمالي جي واٽر سپلاءِ ناڪاره بڻيل آهي، هي ڳوٺ ايم اين اي دادو جوهي رفيق احمد جمالي، ايم پي اي جوهي سيد صالح شاهه جو تڪ آهي، هن وقت ڳوٺ پريو جمالي واسي پاڻيءَ ڦڙي لاءِ سِڪي رهيا آهن، مرد توڙي عورتون تمام گهڻو پري کان پاڻي ڀرن لاءِ ويندا آهن. هتان جا چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کان پوءِ غائب آهن، اونهاري ۾ گهڻي گرمي آهي ٻيو وري ڳوٺ ۾ پاڻي جو وڏو بحران آهي، جنهن لاءِ آئون وس وارين اعليٰ اختيارين، اسين جوهي واسي ايم اين اي رفيق احمد جمالي، ايم پي اي جوهي سيد صالح شاهه، وزير اعليٰ سنڌ ۽ وزيراعظم کي اپيل ٿا ڪريون ته ڳوٺ پريو جمالي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو جلد حل ڪيو وڃي.
سمير احمد بروهي/ ڳوٺ پريو جمالي
ڇا گلستانِ جوھر ۾ پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيندو؟
ڪراچي شهر ۾ پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري ڪي ڊي اي اوور سيز بنگلن، بلاڪ 16-اي، گلستان جوهر، ڪراچي جي رهواسين لاءِ پريشاني بڻجي وئي آهي، پاڻيءَ جا ذخيرا گهڻو ڪري خالي رهندا آهن، علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي جو شيڊول مڪمل طور تي پريشان ڪندڙ آهي ۽ پائيپ لائينن تي دٻاءُ گهٽ آهي، ڪنهن به استعمال جي لاءِ پاڻي جي ٽئڪس جي بروقت ادائيگي ۽ ڪيتريون ئي شڪايتون درج ڪرڻ جي باوجود ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاڻي جي وافر فراهمي بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. ان ڪري هتان جي ماڻهن کي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ٽينڪرز ذريعي پاڻي خريد ڪرڻو پوندو آهي. لاڳاپيل اختيارين کي بنا ڪنهن دير جي باقاعدي پاڻي جي فراهمي بحال ڪرڻ گهرجي.
محمد عثمان غني/سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي
گھرن ۾ روايتي تعليمي راندين کي هٿي ڏيو!
جڏھن تعليم  جي تباھي جو ذڪر ٿيندو آھي ته اسڪول استاد ڏانھن ڌيان ڇڪجي ويندو آھي، ان تباھيءَ پويان ٻيا کوڙ ڪارڻ اسان کان وسري ويندا آھن، جنھن ۾ پنهنجي ٻارڙن کي وقت نه ڏيڻ اھم ڪارڻ آھي، گھڻو وقت پري نه پر ٽيھارو سال کڻ اڳ گھر ۾ کيڏجندڙ ڪوڏين راند جيڪا سڌي سنئين رياضي سان ڳنڍيل ھئي، ان ۾ ننڍا توڙي وڏا حصو وٺندا ھئا، ھيءَ راند ٻارڙن ۾ ڳڻپ جو عمل حدف حاصل ڪرڻ جو جذبو نظم و ضبط سيکارڻ ۾ وڏي مدد ڏيندي ھئي، اھڙي راند اڄ ڪلھ صرف وڃي ڳالھين ۾ بچي آھي، ان کان سواءِ انڊڪ منڊڪ، نوٽڻ، چوسار، اڪي ٻڌي جھڙيون رانديون ٻارڙن جي ذھني جسماني اخلاقي واڌ ويجھه ۾ مددگار ثابت ٿيڻ سان گڏ انيڪ سماجي فائدا پهچائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿينديون هيون، اسان کي گھرجي ته اھڙين راندين کي پنهنجي گھر جي اڱڻ تي ٻيھر بحال ڪري ٻارڙن جي ذھني ۽ جسماني واڌ ويجھه واري عمل ۾ مددگار ثابت ٿيون.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
حريم شاهه جي شاديءَ جا چرچا ۽ تماشائي!‎‎
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان صرف تماشائي آھيون، اسان جي آسپاس سوين مسئلا هوندي به اسين صرف ويهي تماشو ڏسندا آھيون ۽ تماشو بڻجي ويندا آھيون، تازو ميڊيا تي حريم جي شادي جا چرچا رهيا ۽ اسان ماڻھو پريشان آھيون ته حريم شاهه ڪنهن سان ٿي شادي ڪري؟ پر اسان ڪڏهن پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏٺي آھي يا ڪو ڪنهن کان سوال ڪيو آھي ته اسان پنهنجي بنيادي سهولتن کان محروم ڇو آھيون؟ خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت 20 ڄڻن کان جاچ ڪرائي ته حريم سان ڪنهن شادي ڪئي آھي؟ ۽ صوبائي وزيرن پنهنجي زالن کي به وضاحت ڏني. سوچيان ٿو ته اهو ڏينهن الائي ڪڏهن ايندو، جڏهن سنڌ ڪابينا يوسي سطح کان وٺي صوبائي آفيسرز تائين ۽ تڪ جي چونڊيل نمائيندن کان اهي وضاحتون الائي ڪڏهن وٺندي ته ڪروڙن جي بجيٽ هوندي شھر ۾ گندگيءَ جا ڍير ڇو آھن؟ مليريا اسپري ڇو نه ڪرايو ويو آهي؟ گٽرن جا ڍڪ ڇو کليل آھن؟ روڊ جي ههڙي حالت ڇو آھي؟ روڊ تي ديويون ڇو وڌيل آھن؟ اسڪولن جون عمارتون زبون حال ڇو آھن؟ مستقبل جي معمارن لاءِ فرنيچر ڇو ناهي؟ آفيسن ۾ بنا رشوت جي ماڻھن جا ڪم ڇو نٿا ٿين؟ برساتن جو پاڻي مهينن جا مهينا ڇو ٿو بيٺل رهي؟ غريب ماڻھن جون زمينون برساتن دوران ڇو ٿيون ٻڏن؟ نيڪال جو بهترين نظام ڇو ناهي؟ سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ ڇو آھن؟ مريضن کي ٽيسٽن ۽ دوائن لاءِ پرائيويٽ اسٽورن تي ڇو ٿو موڪليو وڃي؟ بيروزگارن نوجوانن کي ڇڏي نوڪرين جي نوازش وڏيرن ۽ پنهنجي من پسند ماڻھن تي ڇو ٿي ٿئي؟ اهڙا سوين مسئلا آھن جن تي اسان ۽ حڪمران اکيون پوري ويٺا آھيون ۽ اسان ماڻھو هر روز تماش گاهه ۾  هڪ نئون تماشو بڻجي رهيا آھيون ۽ ماڻھو اسان تي کلي رهيا آھن.
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
ضلعي انتظاميا ۽ بلڊر مافيا هڪ پيج تي ڇو؟‎‎
ڊي سي حيدرآباد، ايس بي سي اي ۽ ايڇ ڊي اي بلڊر مافيا کي قابو ۾ ڇو نه پيا ڪن؟ جيڪي شهر جي زمين کي هڙپ ڪندا پيا وڃن، رڳو ذاتي نفعي خوريءَ لاءِ ۽ هڪ بدعنوان طبقي جي ڪرپشن واري ناڻي جي سيڙپ ڪئي پئي وڃي، اهڙي حالت ۾ مڊل ڪلاس جو ايماندار طبقو جائز آمدني مان گهر يا پلاٽ خريد نه پيو ڪري سگهي، جيڪو وڏو الميو آهي، چونڊيل نمائندا ۽ آفيسر  لاپرواهيءَ جو مظاهرو پياڪن. سمورو ڪارو ناڻو بلڊر مافيا جي بلند عمارتن ۽ فارم هائوسز جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ احتساب جي اداري نيب کي ڪجھ به نظر نه پيو اچي، آفيسر  دولتمند طبقي اڳيان ٻانها بڻيل آهن، عوام گهر ۽ نوڪري يا ڪاروبار لاءِ پريشان ٿي پيو آهي نه حڪومتون نه سياستدان نه آفيسر سڌريا، عوام سدائين آزار ۾ آهي. اعليٰ عدالتن جي جج صاحبن جي رمارڪس مان به ثابت ٿيو آهي ته حڪومت، سياستدان ۽ آفيسر سڀ جا سڀ ڪم چور آهن جن مان عوام کي ڪو به رليف نه پيو ملي، اهڙي حالت ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي دانشور جواب ڏين؟ ضلعي انتظاميا کي به پنهنجي فرض شناسي تي اٿاريل سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن ۽ پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي ۽ سندن خلاف عوام ۾ پيدا ٿيل نفرت جو جواب ڏيڻ گھرجي.
شبير کوکر/ قاسم آباد 
وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جو ٽيلينٽ!
سنڌ جي نوجوانن کي جڏهن به ملڪي سطح تي موقعو ڏنو ويو آهي ته انهن پاڻ ملهايو آهي. انهن جي ٽيلينٽ ثابت ڪيو آهي ته اهي به ٻين صوبن جي نوجوانن کان گھٽ ٽيلينٽيڊ ناهن، شاهنواز ڏاهاڻي هڪ هاري ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو، هنجي سخت محنت اڄ ان کي پي ايس ايل اسٽار بڻائي ڇڏيو. اڄ ان لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جو ڳاٺ اوچو ڪيو ۽ انهن ماڻهن کي خبردار ڪيو جيڪي سنڌين کي نااهل چوندا آهن، هن جو بار بار واڳ ڌڻين کي اهو اشارو هو ته ٽيلينٽ گھڻو آهي، صرف ان کي ملڪي سطح تي موقعا ڏيو ته هو به اڳتي نڪرن ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ٿين. سنڌي هر راند، هاڪي، ڪرڪيٽ، فوٽ بال وغيره ۾ جذبو ۽ جنون رکن ٿا ۽ انهن جو سوٽ هر وقت ملڪي نمائندگي ڪرڻ هوندو آهي پر هنن کي عين وقت تي سنڌي ڊوميسائل جي ڪري پوئتي ڌڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽ جي دنيا جڏهن کان پرائيويٽ ٿي وئي آهي تڏهن کان نوجوانن ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي ۽ انهن کي ٽيلينٽ ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم ملي ويو آهي. منهنجي وفاقي حڪومت کي گذارش آهي ته سنڌي نوجوانن کي هر راند ۾ موقعو فراهم ڪيو وڃي ته اهي به پنهنجو ٽيلينٽ ثابت ڪري ملڪ جي بهترين نمائندي ڪري سگھن ٿا.
عابد پنهل بليدي/سچل پاڙو لاڙڪاڻو
ارباب غلام رحيم جي پي ٽي آءِ ڏانھن اڏام!
ارباب غلام رحيم جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت کان پوءِ سندس حامي ۽ حبدار خوشي وچان کنڊ پتاشا ۽ کارڪون ورھائيندي گورنر ھائوس جي شيرين شربتن ۽ ڪڪڙ بريانين جي آس جاڳائيندي نظر پيا اچن ته ارباب صاحب جي عمراني سرڪار سان سھڪار غير معمولي آھي، سندن خيال موجب ته لالو پٺاڻ سنڌ سرڪار کي تڙي ڏيارڻ لاءِ ڪنھن سگھي ملھ پھلوان جي ڳولا ۾ ھو، جنھن کي ورھين پڄاڻان نيٺ اھو پھلوان ملي ويو آھي، کوسڪي کان ويندي کيتلاري جو سيمون غائبانا گورنر ھائوس محسوس ڪرايون پيو وڃي. ارباب کان اڳ به عمراني سرڪار جي ساڄي ٻانھن بڻجڻ لاءِ سنڌ مان پراڻن وڏن وزيرن جي چونڊ ٿي چڪي ھئي، جن ۾ ڏھيسر ممتاز علي ڀٽو، لياقت علي جتوئي کان سواءِ بي منشور چونڊ وڙھندڙ اتر جا لٺ سردار کنيا ويا پر کين لالي پٺاڻ جي پارٽي کان ڪا موٽ نه ملي ۽ آھستي آھستي ھنن پنھنجا رستا الڳ ڪري وڃي اوطاقون وسايون، اھم ڳالھ اھا آھي ته 18ھين ترميم بعد گورنر جو عھدو فقط علامتي آھي، جيڪو بي اختيار آھي، گورنر وٽ فقط قانوني بل صحيحن لاءِ موڪليا ويندا آھن، جيڪڏھن ھو مقرر مدي ۾ انھن تي صحيح نه به ڪندو تڏھن به اھو بل قانون ٿي ويندو آھي. اھڙي بي اختيار منصب جي ڳالھ ڪري اھو پيغام ڏجي ته ارباب گورنر ٿي سنڌ سرڪار جا ٽين کڙڪائي ڇڏيندو ته اھو فقط ئي فقط ننڍ جي جھوٽي ۾ ڏٺل بي تعبيرو خواب ھوندو. ھن وقت ارباب جي حامين وٽ فقط ھڪ سيٽ ٿر ۾ آھي، جڏھن ته سندن تازي پناھ گاھ تحريڪ انصاف سنڌ ۾ ڊزن کن سيٽون رکي ٿي، اتي عمران خان لاءِ اھو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ھوندو ته تازي مھمان کي پراڻن مٿان اوليت ڏي جيڪي ٻن ڏھاڪن کان ساڻس ساٿ نڀائيندا اچن. باقي ارباب ھن وقت لالي کان گورنري وٺڻ لاءِ نه پر ايندڙ مڪاني چونڊن لاءِ پنھنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ پناھ گھري آھي ته جيئن مشرف واري دور جيان چئن چڱن جي سھڪار سان ملڪ صاف ڪري سگھي.
شاھد علي راھمون/ ڪڍڻ، بدين
ضلعي سجاول جي بجيٽ ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي خرچ ٿئي؟
ضلعي سجاول جي ڪروڙ رپين جي بجيٽ هر سال ڪاغذن جي ڪارروائي ۾ پيش ڪئي ويندي آهي، ڪاغذن تي ٿلهن ۽ وڏن ڪارن اکرن ۾ بجيٽ ايئن پيش ڪئي ويندي آهي ڄڻ سجاول ضلعو پئرس بڻجي ويو آهي. سجاول ضلعي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به ترقياتي ڪم نٿو ٿئي. هر سال ڪروڙين رپين جي بجيٽ ضلعي ڪائونسل، ڊي سي سجاول ۽ ٻيا واڳون ڳڙڪائي وڃن ٿا. ڊي سي سجاول کي جي هٽايو نه ويو ته ڊي سي سجاول هر سال جي بجيٽ ايئن ئي هڙپ ڪندو رهندو جيئن زرداري سڄي سنڌ کي کپائي هڙپ ڪري ويو آهي. هتي ضلعي ڪائونسل به بجيٽ سان گهٽ ناهي ڪئي. هر سال جي بجيٽ صرف حصن پتين ۾ ورهائي پاڻ کڻي ٿا وڃن. سموري ضلعي سجاول ۾ صحت ۽ تعليم جو نظام تباہه لڳو پيو آهي، هتي هزارين ڳوٺ بجلي ۽ لنڪ روڊن کان محروم آهن. بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ سبب ماڻهو پنهنجا ٻچا کپائڻ تي مجبور آهن پر افسوس جو هتي نوجوانن کان نوڪريون به کسي پئسن عيوض ٻاهرين ماڻهن کي ڏنيون وينديون آهن. سڀني جا حصا پتيون نڪرن ٿا، جنهن سبب سڀئي چپ آهن. هتي ڪير به غريبن جو همدرد ناهي نه ئي ترقياتي ڪمن طرف ڪنهن جو ڌيان آهي. بس صرف مختلف قسمن جون گڏجاڻيون ڪري اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته ڪيتري رقم ڪنهن ڪنهن کي ڏيڻي آهي. هتي هڪ اسڪول جي عمارت 11 سالن جي جدوجهد کان پوءِ به نٿي ڏني وڃي، روڊ رستا تباهه آهن پر اهي وري ڇو ٺهن، جڏهن ته بجيٽ انهن جي کيسي جي ئي پورت ناهي. ڪو آهي جيڪو هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اڳيان اچي ته بجيٽ ڪٿي ۽ ڪئين خرچ پئي ٿئي؟
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
ڪورونا ويڪسين ۽ ناڪاري سوچ!
ان مسئلي کي حل ڪرڻ کان پھريائين اسان کي سمجھڻ جي ضرورت آھي ته ويڪسين ڇا آھي؟ ويڪسين اسان جي جسم کي ڪنهن به قسم جي وائرس ۽ ان جي انفيڪشن خلاف وڙهڻ واري قوت مدافعت کي وڌائي ٿي، عام طور تي وائرس جو هڪ ننڍڙو پر نقصانڪار حصو اسان جي جسم ۾ ويڪسين جي ذريعي متعارف ڪرايو ويندو آهي، جنهن جي جواب ۾ اسان جو مدافعتي نظام جواب ڏيندو آهي، جسم ۾ اينٽي باڊيون ٺاهيندو آهي جيڪي يا ته توهان محفوظ وائرس جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ توهان کي محفوظ رکن يا توهان جو مدافعتي نظام ڪورونا وائرس کي سنجيده بيمار ٿيڻ کان سواءِ ماري ڇڏيندو آهي. دوائون ۽ ريگيوليٽري ايجنسي مڪمل طور تي ان جي اثرن جو جائزو ورتو آهي ۽ ان کي محفوظ قرار ڏنو آهي، ايجنسي هڪ آزاد ادارو آهي جنهن جو ڪنهن به ويڪسين ڪمپني سان ڪو به تعلق ناهي، هن ويڪسين جا ڊگها اثر ڪهڙا آهن؟ وقت کان اڳ ان سوال جو جواب ڏيڻ  ڏکيو آھي ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته ميڊيڪل انڊسٽري کان دوا سئو سيڪڙو ڪارآمد ڪانھي، عام طور تي استعمال ٿيڻ واريون دوائو مثال طور پيراسيٽامول جا ڪجھ  اثر آھن. هن وقت تائين انهن کي مليل نتيجا مان ڪير مطمئن آهي ۽ انهن جي عدم تحفظ بابت ڪا به ڳڻتي ناهي، هي ويڪسين هن وقت تائين هزارين ماڻهن کي ڏني وئي آهي ۽ ڪو به خراب اثر جو ڪو به واضح ثبوت نه مليو آهي، تنهن ڪري ان جي غير فعاليت بابت ڪا به ناڪاري سوچ ظاهر ٿيڻ وقت کان اڳ آهي.
محمد شعيب شيخ/ سنڌ مدرسة الاسلا م يونيورسٽي ڪراچي
منشيات جي اسمگلنگ ۾ هر روز ٿيندڙ اضافو!
جنهن طريقي سان منشيات جي اسمگلنگ ڪراچي ۾ وڌي رهي آهي اهو هڪ راز ناهي، سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه ۽ ڳڻتي جي گھڙي اها آهي ته هاڻ چوري، لٽ مار ۽ موٽرسائيڪل چوري جهڙا سنگين واقعا پڻ عروج تي آھن، ڪراچي جي مختلف طبقن جا ماڻهو اهڙي صورتحال تي اعليٰ پوليس آفيسرن جو ڌيان ڇڪائي رهيا آهن ۽ ميڊيا سميت ٻين ذريعن تي احتجاج باوجود انهن سنگين مسئلن ۾ گهٽتائي بدران واڌ اچي رهي آهي. جنهن طريقي سان ڪراچي ۾ رينجرز ڏکيائين سان ڏوهاري عنصرن کي مڪمل طور تي ختم ڪيو آهي ۽ امن بحال ڪيو آهي، ڪراچي کي منشيات سميت سڀني ڏوهن کان بچائي ورتو آهي ۽ ڪراچي جي عوام کي پرامن ماحول مليو پر افسوس جي اها صورتحال هاڻي تبديل ٿي رهي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ واڌارو، ڪراچيءَ جي امن خلاف هڪ خطرناڪ سازش آهي. ان ڪري انهن سڀني شين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وري تحرڪ ۾ اچن جيئن منشيات سميت ٻين ڏوهن تي به ضابطو آندو وڃي، ان سلسلي ۾ اسان رينجرز سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اهي سڀئي قدم کڻن، ڪراچي ۾ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ.
محمد فراز/ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ڪراچي
تبديلي جي نالي تي تباهي!‎‎
پاڪستان جي 70 سالا تاريخ ۾ ايتري مھانگائي ڪڏهن به نه ٿي ھئي، جيتري تبديلي سرڪار يعني عمران خان جي 3 سالن ۾ ٿي آھي، تازو ئي وزيراعظم پارليامينٽ ۾ تقرير ڪندي اھا ڳالھ ڪئي ته مھانگائيءَ ان سواءِ ٻيا تمام حڪومت جا حدف هاڪاري آھن، ان کان سواءِ اعداد شماريات جو ادارو ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان به ان ڳالھ جو اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ جي اندر رڪارڊ ٽوڙ مھانگائي ٿي آھي، جيڪڏھن اڳوڻي دور جو جائزو ورتو وڃي جن کي عمران خان چور چوندو آهي ته ان وقت مھانگائي جي شرح 4.2 سيڪڙو تائين ھئي، جيڪا ھن وقت ايماندار سڏائيندڙ پي ٽي آءِ جي دور ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آھي، سمورين کاڌ خوراڪ جي شين جھڙوڪ چانور، دال، کنڊ، پتي کير، اٽو، گيھ ساين ڀاڄين وغيره جي قيمتن ۾ ٻيڻين واڌ ڪئي وئي آھي ۽ ان کان سواءِ دوائن جي قيمتن ۾ پڻ ناقابل يقين پنج سئو سيڪڙو تائين واڌارو ڪري غريب عوام کي صحت جي سھولت کان پڻ محروم ڪيو ويو آهي. عوام اڄ به اڳوڻين حڪومتي دورن کي ياد ڪري رھيو آھي ته گھٽ ۾ گھٽ اھڙي ايماندار پي ٽي آءِ جي حڪومت کان ته اھي چور ڀلا ھئا جو انھن جي دور ۾ ايتري مھانگائي نه ھئي. کاڌ خوراڪ جون سموريون شيون سستيون ھيون. دوائن جون قيمتون ۽ گئس، بجليءَ جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت کان سستا ھئا، غريب عوام جو گذارو بھترين پئي ھليو پر اڄ ته اھا حالت ٿي وئي آهي جو غريب عوام ته غريب عوام پر وچون طبقو به آپگھات ڪرڻ تي مجبور آهي، ٻن ويلن جي مانيءَ کائڻ به ڏکي ٿي پئي آهي. اسان تبديلي سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون ته سمورين کاڌ خوراڪ جي شين سان گڏوگڏ دوائن جي قيمتن کي به گھٽ ڪري غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
مسڪين حافظ محمد علي ورڙ/ ورڙ موري ٽنڊو غلام حيدر
سنڌي ٻولي قومي ٻولي!
دنيا جي مشهور سرچ انجن گوگل جي سروي موجب سنڌي ڳالهائيندڙ انڊيا ۾ ٻئي نمبر تي وڏي آبادي، ايشيا ۾ پنجين نمبر تي ۽ دنيا ۾ يارهين نمبر تي آهن، انڊيا ۾ 15 سيڪڙو، گجرات ۽ راجسٿان ۾ 70 سيڪڙو ڪاروبار سنڌين جي هٿ ۾ آهن، سنڌي دنيا جي ڇهون نمبر امير ترين قوم آهي ۽ دنيا جي 43 ملڪن ۾ سنڌي ماڻهو رهن ٿا، جن کي سرڪاري مڃتا آهي، انڊيا ۾ 1967ع کان سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو مليل آهي ۽ اتي رهندڙ سنڌي 10 اپريل تي قومي ٻولي جو ڏينهن ملهائيندا آهن، جڏھن ته اتي سنڌين کي پنهنجي ڌرتي به ڪونهي، سڀ هتان سنڌ کان ويل آهن پر پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارائي ويا آهن. ٻئي طرف سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي آهن جن جا پنهنجي ڌرتي تي پير آهن ۽ پنج هزار سال پراڻي تهذيب جا وارث پڻ آهن پر اڄ تائين ڌارين ٻولين جا غلام آهيون، خدارا ڪجھ سوچيو، پنھنجي مادري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ آواز اٿاريو.
ثقلين حيدر/رتوديرو