اٽي جي اگهه جون آسمان سان  ڳالهيون،

عوام کي جيئڻ ڏيو!‎

رات جي اڪيلائيءَ ۾ پيار ۽ پيڙاءَ جي موضوع تي هڪ فلم پي ڏٺم، هڪ منظر تي سوچن جي ساگر ۾ ٻڏي ويس. ٿيو ايئن جو هڪ محبوبا پنهنجي عاشق کي پيار ڪرڻ بهاني کوڙ شرط مڃائي ورتا، جڏهن عاشق هار نه مڃي تڏهن محبوبا چيس ته هڪ هفتو منهنجي پيار جي ڪري بکيو رهي سگهين ٿو؟ ته عاشق جواب ڏنس ته راڻي، جيڪڏهن زندهه ئي نه رهندس ته پيار ڪيئن ڪندس؟ بک وگهي مري ويس ته هيءَ دل تو ڪاڻ ڪيئن ڌڙڪندي؟ زنده هئس ته پيار ڪندس، هي ته هڪ فلم ۾ بک ۽ پيار جو عڪس هو پر امير سنڌ جا غريب ماڻھو ويلن جا ويلا بک تي گذارين ٿا. رخسانه پريت هڪ هنڌ لکيو هو ته جيئڻ لاءِ ٻيو ڇا گهرجي؟ هڪ هجي جاني ۽ ٻي گهر جي ماني! پيٽ جي باھ اجهائڻ لاءِ ماني ايئن ضروري آھي جيئن جسم ۾ ساهه، ڏتڙيل ڏيھ واسين کي غربت ۽ بک ڄڻ ڏاج ۾ ملي آھي، امير سنڌ جا غريب ماڻھو هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي ڪري پنهنجي ٻچن لاءِ اٽو به خريد نٿا ڪري سگهن. ڪالھ سنڌ جي گورنر جو بيان آيو آهي ته ڪراچي ۾ 300 تندور لڳائينداسين ۽ ماني جو اگهه 2 رپيا رکنداسين. گورنر صاحب! ڳالھ صرف ڪراچي جي ناهي، سڄي سنڌ ۾ مهانگائي ۽ اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ اگهن جي ڪري سمورو عوام پريشان آھي. سستو ڪريو ته اٽو ڪريو170  رپيا اٽي جو ڪلو، عوام آخر ڪيڏانهن وڃي؟ ماڻھو پنهنجن ٻچن کي فروٽ، سٺي غذا، ڪپڙا ۽ بوٽ ته پري جي ڳالھ پري اڻڀو سڻڀو ڳڀو به نٿا کارائي سگهن. ماڻھو آخر ڇا ڪن؟ آپگهات ڪن؟ مزدور طبقي جا ته سور اڃا ٻيڻا آھن، ڏهاڙي ڪمائين ٿا ته ٺيڪ نه ته راتين جون راتيون بک تي پلاڻين ٿا. بک بيروزگاري ۽ بيماري جي ڪري سندن اولاد جي دوا درمل نه ٿيڻ ڪري سندن اولاد ڏينهن جا ڏينهن بستر ڀيڙا هوندا آھن. لذيز طعام کائي ٽشو پيپرن سان وات صفا ڪري اوڳرائي ڏيندڙ ۽ غريب عوام سان گڏ بيهڻ ۽ سندن ڏک سک ۾ سار لهڻ جا واعدا ڪندڙ ۽ ھامون هڻندڙ جيڪڏهن ٿورو به عوام جا ڏوکي هجن ته امير سنڌ جا ماڻھو بک وگهي آپگهات نه ڪن ۽ اٽي جا اگهه آسمان سان ڳالهيون نه ڪندا هجن؟ آھي ڪو والي وارث؟ جيڪو مهانگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام کي اٽو سستو ڪرائي ڏئي ته جيئن هي به گهٽ ۾ گهٽ ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني کائي سگهن.

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

ڳڙھي حسن ۾ اٽو 5800 مڻ وڪرو!

ڳڙھي حسن ۽ دوڙ شھر ۾ اٽي جي اڻاٺ پيدا ٿي وئي آھي، ڪڻڪ ۽ ڪڻڪ جو آٽو في مڻ دڪاندار 5800 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏھن ته اهي دڪاندار ڪڻڪ في مڻ 4500 ۾ وٺن ٿا، هڪ ته مهانگائي عروج تي پهتل آهي ٻيو مٿان وري دڪاندارن جي هٿرادو وڌيل اگھن جون من مانيون وڌي ويون آھن، غريبن سان ظلم لڳو پيو آهي، جيڪب آباد ۽ ٺل جي انتظاميا گرمي جي ڪري اي سين مان ٻاھر نڪرن ئي نٿي، ڪير به معاملي جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي. ڪيترائي ڀيرا اسسٽنٽ ڪمشنر ٺل کي شڪايتون ڪيون آهن پر اي سي ٺل به عوامي شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، خدارا سنڌ حڪومت ۽ سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاھ معاميل جو نوٽيس وٺي عوام کي ڪجھه رليف ڏنو وڃي.

محمد صديق کوسو/ ڳڙھي حسن دوڙ

سنڌ مان ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪڏھن ٿيندو؟

سنڌ جي شھرن گھوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ سکر ۾ چند سالن کان ڌاڙيل راڄ ايترو ته وڌي ويو آھي جو انھن ظالم ۽ سفاڪ ڌاڙيلن ھٿان پئسي وارا امير ته ٺھيو پر ڪو به محفوظ ناھي پوليس اھڪارن غريب، مزدورن، ايتري تائين جو ننڍن گلن جھڙن ٻارڙن جون زندگيون به غير محفوظ بڻيل آھن، اھي جڏھن ۽ جتي چاھين ڪنھن کي به اغوا ۽ قتل ڪري سگھن ٿا، ڪڏھن عورتاڻو آواز ڪڍي ھرکائي ته ڪڏھن وري ڪنھن ٻئي بھاني سان سنڌ جي غريب ماڻھن جي زندگين سان پيا کيڏن پر افسوس جو کربين رپين جي بجيٽ ۽ لکن جي سيڪورٽي رکندڙ سنڌ حڪومت انھن ھٿان يرغمال بڻيل آھي يا صوبي جي عوام جي جان جي کين ڪا به پرواھ ناھي، ھي کل جوڳي ڳالھ ۽ شرم جو مقام آھي جو سون جي تعداد ۾ موجود ڪچي جي ڌاڙيلن جو صوبي جي سڄي انتظاميه سيڪورٽي فورس ۽ حڪومت وار به ونگو نٿا ڪري سگھن، جنھن جي ڪري اھي ظالم ھر روز بنا ڪنھن ڊپ جي ڪيترن ئي بيڏوھي ۽ معصوم شھرين کي اغوا ڪري کانئن ڀنگ طلب ڪن ٿا ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين گوليون ھڻي قتل ڪري آرام سان پيا ھلن. سنڌ حڪومت ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کان سنڌ جو ڌاڙيل سٽيل عوام ھٿ ٻڌي عرض ٿو ڪري ته خدارا ٻيا بنيادي مسئلا ته جيئن جو تيئن موجود آھن پر گھٽ ۾ گھٽ صوبي مان ڌاڙيلن جي راڄ جو خاتمو آڻي غريب عوام کي جيئڻ جو حق ته ڏنو وڃي.

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

اسلام جي لاءِ ڏنل عظيم قرباني!

(حصو پهريون)

ھي مھينو سڄو غم ۽ ڏک جو مھينو آھي جنهن مهيني ۾ امامن جي مٿان ظلم برپا ڪيو ويو، امام حسين عليه اسلام صابرين امام ھئا ۽ جن جي اھل اولاد کي شھيد ڪيو ويو، پاڻ عظيم صبر جو مظاھرو ڪيائون، امام حسين عه جي جنگ اسلام جي بقاءَ جي لاءِ جنگ ھئي، جنھن نماز کي بچايو ۽ اسلام کي بچايو. انسانيت کي بچايو، پاڻ نماز پڙھندي سجدي ۾ سر ڪٽايو. يزيذي ڪردار کي وائکو ڪيو، امام حسين عليه السلام يزيذ جي هٿ تي بيعيت نه ڪئي، يزيذ ھر شيطاني ڪم جي پاڙ ھو پر امام حسين عليه اسلام صابرين ۽ حق جا امام ھئا. شعين جا هو نه رڳو امام آھن پر هو انسانيت جي بقا جو نالو به امام حسين عليه السلام آھي. ڪربلا جو نالو  حسين آهي، ان صابرين امام حسين ۽ سندن ٻچڙن جو پاڻي به ملعون بند ڪيو ۽ امام اڃارا رھيا، پاڻي جي ڦڙي جي لاءِ اهل بيتن کي تڙپائيندا رھيا پر حضرت امام حسين عليه السلام يزيذ جي بعيت نه ڪئي. اسلام کي جيئرو رکڻ لاءِ نماز نه ڇڏيائون ۽ نه ئي وري يزيذ کي پنھنجو رھبر مڃيائون، ڇو ته ان جا ڪم شيطاني ھئا. ان وٽ رشتن جو مان تقدس نه ھو، هن امام حسين عليه اسلام ڏانهن فوجن جا لشڪر موڪليا ته امام حسين عليه اسلام منھنجي درٻار ۾ اچي ۽ منھنجي حڪم جي تعميل ڪري. امام حسين عليه اسلام سندس هر حڪم کان انڪار ڪيو، امام حسين عليه اسلام جي خيمن کي باھيون ڏنيون ويون، سندسن جي لاڊلي نياڻي جيڪا چئن سالن جي هئي بي بي سڪينه جا تماشا لڳايا ويا ۽ ان کي شھيد ڪيو ويو ۽ ننڍڙي 6 مھينن جي علي اصغر جي مٿان تير وسايا ويا، پر حضرت امام حسين عليه اسلام يزيذ کي موقعو نه ڏنو، جنگ ھلندي رھي اڃارا امامن جي صبر کي سلام آهي جن جي لاشن جي مٿان گھوڙ ا ڊوڙايا ويا، مٿن تيرن جا مينهن وسايا ويا ۽ کين گھرن کان بي گھر ڪيو ويو. شام جي بازارن ۾ پاڪن بيبين کي گھمايو ويو، ڪربلا جي جنگ جو مقصد ۽ ان جي فلاسافي ڪهڙِ آھي؟ اسلام جي لاءِ ايتري قرباني امامن ڏني ته دين بچي، نماز بچي، انسانيت بچي. (جاري)

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

هيٺئين گريڊن ۾ نوڪرين جا آرڊر چونڊيل نمائندا ڏئي رهيا آهن!

سنڌ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري وڃي رهي آهي، جيڪا 8 يا 11 آگسٽ تي اسيمبلين جي تحليل کان پوءِ ختم ٿي ويندي، سنڌ حڪومت روزگار فراهمي جي حوالي سان جيڪو واعدو ڪيو هو ان کي پورو ڪري وڃي رهي آهي، بيروزگارن ۾ آرڊر ورهائڻ تائين پ پ اڳ کان اڳڀري آهي، جيڪا ووٽرن، ڪارڪنن، غريب ۽ حقدار ماڻهن ۾ ورهائي رهي آهي، ڳالهه اها آهي ته آئون به سنڌ حڪومت کان 01 کان 04 گريڊ تائين نوڪري جو اميدوار آهيان، جنهن لاءِ آئون مختلف کاتن ۾ انٽرويو وارو مرحلو پڻ مڪمل ڪري چڪو آهيان پر آرڊر ايم اين اي ۽ ايم پي ايز جي ڪوٽا تحت ڏنا ويندا، آئون پنهنجو انٽرويو ليب اٽينڊنٽ، تعليم کاتو چوڪيدار، تعليم کاتو چوڪيدار، ايريگيشن کاتو ليب اٽينڊنٽ، مڪاني کاتو داروغو، ايريگيشن کاتو ۽ سنڌ حڪومت جي ٻين کاتن ۾ انٽرويو ڏئي چڪو آهيان، بهرحال سنڌ حڪومت کان منهنجي هن وقت نوڪري لاءِ درخواست آهي، اميد آهي ته جيڪا ملي پوندي. ڪجهه ذريعن موجب ۽ معلومات موجب اهو معلوم ٿيو آهي ته هن تڪ ۾ چونڊيل نمائندن ۽ پ پ زميوارن هٿان ماڻهن ۾ نوڪرين جا آفر آرڊر ڏنا ويا آهن ۽ ايندڙ هفتي ۾ جيڪي وڌيڪ ڏنا ويندا ايترا سال گذرڻ باوجود به اسان کي هڪ نوڪري به هتان جي چونڊيل نمائندن هٿان ڪڏهن نه ملي سگهي آهي، جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي. اسين شروعات کان وٺي پ پ جا ووٽر ۽ سپورٽر آهيون ۽ ان کي ئي ووٽ ڪندا ٿا اچون، هن خط ذريعي هن تڪ جي چونڊيل ايم اين اي سيد خورشيد شاهه ۽ ڃام اڪرام ڌاريجو سنڌ حڪومت جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان اها اميد آهي ته جلد از جلد مون کي سنڌ حڪومت طرفان ڪنهن به کاتي ۾ هڪ نوڪري جيڪا 01 کان 04 گريڊ تائين هوندي ملي ويندي ان لاءِ آفر آرڊر ملي ويندو ۽ منهنجي بيروزگاري جو مسئلو حل ٿي ويندو.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

سنڌ جو ايندڙ نگران وڏو وزير ڪير هوندو؟

(حصو پهريون)

موجوده سياسي صورتحال ۾ هلندڙ سنڌ حڪومت جي پڄاڻيءَ تي سنڌ جو نگران وڏو وزير ڪير ٿيندو؟ وارو سوال اهميت اختيار ڪري ويو آھي. ايئن کڻي چئجي ته سنڌ جي وڏ وزارت سواليه ٿي وئي آهي ته به ان ۾ ڪو حرج نه ٿيندو؟ جيڪي هن وقت تائين نالا سامهون اچن پيا انهن مان 4 نالا ٽاپ تي آھن، جن ۾ مبين جماڻي، ممتاز علي شاهه ۽ جسٽس (ر) باقر مقبول کان ويندي علم الدين بُلو جا نالا سامهون اچي چڪا آھن. مبين جماڻي ڪاروباري سياسي شخصيت، ممتاز علي شاهه بيورو ڪريٽ غير سياسي ۽ غير سماجي شخصيت، باقر مقبول (ر) جسٽس غير سياسي غير سماجي ۽ وري تڪراري جسٽس رهيو آھي! جڏهن ته پ پ جو حمايت يافتا جج به رهيو آھي! هوڏانهن علم الدين بلو به سيد ممتاز علي شاهه جيان پنهنجي سروس ۾ کليل ذھن ۽ سنڌ دوست فيصلن کان تمام پري رهيو آھي. آصف علي خان زرداري وزيراعظم لاءِ سينيئر سياستدان جي صلاح ڏئي چڪو آھي. باقي سنڌ لاءِ هروڀرون ممتاز شاهه ۽ علم الدين بلو جهڙا بي فيض بيورو ڪريٽ ۽ باقر مقبول جهڙو تڪراري (ر) جسٽس پ پ حمايت يافتا جج رهيو آهي، پ پ جو ته بس، ان ڪري جي ايئن چئجي ته چانس سينيئر طور به هدايت ويلفيئر جي سربراهه مبين جماڻي جو ڪڻو هما پکي جي ويجهو ٻڌايو پيو وڃي ته ان ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، سياسي طور پ پ حامي، ڪاروباري طور سنڌ جو مشهور خاندان ۽ سماجي شخصيت به سندس جي زندگيءَ جا مختلف لڪل روپ به اٿس، انساني ڀلائي جا به، هاڻ سوال آھي ته آصف علي زرداري جي سياسي راءِ جي سنڌ ۾ عملي شڪل ورتي ته مبين جماڻي ٽاپ لسٽ نگران وڏو وزير هوندو. مبين جماڻي وٽ پراڻي بلاول هائوس ڪراچي جي تعميراتي ۽ ڊيڪوريشن کان ويندي انٽيريئر ڊيڪوريشن جا شخصيتي تجربا ۽ مشاهدا آھن ۽ هو شخصيتن کان فيصلا ڪرائڻ جو به سٺو مشاهدو رکي ٿو. سنڌ لاءِ هي نگران وڏي وزير طور 4 نالا غور هيٺ آهن انهن چئن نالن ۾ 3 نالا انتظامي تجربو رکندڙ آھن پر سياسي سماجي اٿڻي ويهڻي ۾ بلڪل به نان پوليٽيڪل ۽ نان شوشل ايڪٽوسٽ آھن ۽ انهن 4 نالن مان هڪ نالو محمد مبين جماڻي سياسي حيثيت کان ويندي ڪاروباري ۽ سماجي ڪردار طور به هڪ سٺو نالي وارو ڪردار آھي. سيد ممتاز شاھ صوبائي توڙي وفاقي ادارن ۾ بيوروڪريٽ رهيو آھي ۽ آخر ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري طور پنهنجي سروس کي مڪمل پڻ ڪيو اٿس، سيد ممتاز شاهه ظاهري طور صاف ڪردار طور عام حلقن ۾ بحث هيٺ رهندو آيو آھي پر ڪو به هڪ فيصلو سنڌ دوست بيورو ڪريٽ طور سامهون ڪو نه آيو اٿس. (جاري)

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

ڳوٺ ساڪري ننگرپارڪر جو مسئلو!

ٿر ۾ جتي راجپوتن پنهنجيون راڄ ڌانيون قائم ڪري ماڻھن کي لُٽيو ۽ وڏيرا شاھي سوچ جتي غريبن کي ڏاڍو تنگ ڪيو هو، اهو اڄ به ٿر جي ڳوٺن ۾ موجود آھن. تازو ڳوٺ ساڪري ننگر پارڪر ۾ ٿيل تڪرار نه رڳو هنن جي دادگيري هئي پر خاص ڪري ميگهواڙن کي ڳوٺ ۾ هيسائڻ جو وڏو الميو رکيل هو. ڳوٺ ساڪري ننگر پارڪر ۾ جيئن ته ڪافي سرڪاري زمين آھي، اتي قبضو به ٿيو هو پر اهو هميشه راجپوتن ڪيو آهي ۽ پوءِ مختلف ماڻهن کي پئسا ڏئي گند ڪرڻ هنن جو وڏو شيوو رهيو آھي. شايد هنن کي اها خبر ناهي ته هنن جا وڏا بارڊر ڇو اُڪري ويا هئا؟ جتي پاري ننگر ويجهو هنن وڏو دنگل مچائي ڳوٺن جا ڳوٺ لڏايا هئا، بلڪل ايئن ئي اهي اڄ ۾ ننڍين ننڍين ذاتين تي حملي آور بڻجي ويندا آھن، ايئن به ناهي ته سڀئي راجپوت بڇڙا ۽ تعصبي رهيا آھن پر انهن ۾ ڪجھ اهڙا ڪردار به موجود آھن جن وطن بچايو آهي، بلڪل اُنهن عام ماڻھن سان محبت ڪيائون ۽ ڳوٺن ۾ پنچائتون قائم ڪيون. هي مسئلو ڪلھ هڪڙي وڊيو ۾ پُڻ ظاهر ٿيو هو، هڪڙي پاسي ميگهواڙن جا ٻار ٻچا ليلائي رهيا ھئا ته ٻئي پاسي هي نوابن جا پُٽ ٽريڪٽر هڻي رهيا ھئا، اُن ٻنيءَ ۾ جيڪو هنن جي ڪڏھن هئي ئي ڪو نه. اُنهيءَ کان سواءِ هنن کي صرف راڻا جاگير جي مالڪ راڻن جو آسرو آھي ته اهي هنن جا رکوالا ٿيندا ۽ اُنهن جي مالڪي ڪندا، اسان جي ڳوٺ ساڪري ننگر پارڪر ۾ هي اسڪول کائي ويا آھن، اهي ٺڪر، بلڪل اهي پورو ڏھر ھڙپ ڪري قبضو ڪيائين. ننڍن ننڍن عهديدارن کي پئسا ڏئي ڪوڙا ڪاغذ ٺھرائي سرڪاري زمين تي قبضو ڪيائين ۽ انهي ڪم ۾ هنن سان گڏ پاڻ ميگهواڙن ۾ ٻه ٽي حرامخور ماڻهو آھن، جيڪو راجپوتن سان گڏ ميگهواڙن کي تنگ ڪرائيندا رهيا آھن، ڪجھ ميگهواڙ اھي به آھن جيڪي پارڪر پنچائت جا عهديدار رهي چڪا آھن ۽ پنهنجي عرصي ۾ ٺيڪ خوار ٿيا هئا!

ڪيلاش ميگھه/ساڪري ننگرپارڪر ٿر

محرم الحرام ۾ به اسين پاڻي جي نعمت کان محروم آھيون!

پاڻي جيڪا زندگيءَ جي اهم ضرورت آهي، جيڪا هڪ طرح زندگي به آهي، جيڪو اسان کي فري ۾ لائينن وسيلي ملڻ گھرجي، اھا نعمت اسين پئسن عيوض خريد ڪندا آھيون، ھي ظالم ڪربلا وارو قصو دھرائين پيا، پاڻي ڪربلا ۾ به يزيدن بند ڪيو هو، اڄ يزيد جو نالو بدترين ماڻهن ۾ شمار ٿيندو آهي، يزيد لفظ وات مان نڪرندي ئي پھريان ڪراهت نڪري ٿي، اڄ محرم جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، اڄ به اسين پاڻي پئسن عيوض لھرائڻ تي مجبور آھيون، اي اسان جا حڪمرانو! چونڊيل ٺڳي سان آيل نمائندئو! ڪربلا جي شھيدن جو واسطو اٿو، اسان جي ھن غريب مسڪين عوام تي رحم ڪيو ۽ لائينن ذريعي پاڻي بحال ڪيوم نه ته يزيد جيان توهان به تاريخ ۾ ڦٽڪار جا حقدار ٿي ويندا، سچائي ھجي توهان ۾ ته جنهن علائقي ۾ لائينون وڇايل آهن انهن علائقن جو پاڻي ته بحال ڪرايو: “توهان زمين وارن تي رحم ڪريو، مان توهان تي رحم ڪندس” (القران) اسين پاڻي پاڻي ڪري ڪري اسان جو ڪاڪڙو ڪري پيو آهي پر توهان جي ڪن ۾ جونءِ به نٿي سُري، خدا جي لٺ بي آواز هوندي آهي، توهان کي مرڻو به آهي، مرڻ کان پوءِ توهان جو ڇا ٿيندو؟ ٻين سھولتن کان سواءِ ته گذارو ٿي ويندو آهي پر پاڻيءَ کان سواءِ گذارو ناممڪن آهي، جڏهن پاڻي بحال ٿيندو مون سميت ايم سي ٻولھاڙي جو عوام پاڻي پي ٻئي ھٿ مٿي آسمان ڏانهن کڻي پنهنجي ٻچڙن سميت توهان کي دعائون ڏيندا، بس پاڻي ڏيو اسان کي، اسين پاڻيءَ کان سواءِ نٿا رھي سگھو، پاڻي کپي، پاڻي زندگي آهي، اسان کي اسان جي زندگي ڏيو، پئيڻ لاءِ پاڻي ڏيو، جيئڻ لاءِ پاڻي ڏيو.

عبدالستار لُھر/ٻولھاڙي

نئين چونديل ضلعي ڪائونسل کي ٽنڊو الهيار تي ڌيان جي ضرورت!

ٽنڊو الھيار ضلعي ڪائونسل جي چييرمين صاحب سميت مڙَني معزز ميمبرن کي سنڌ جي نامياري شاعر “سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي” (جيڪو ٽنڊوالھيار جي نالي سان سموري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو) سان منسوب ميونسپل ڪاميٽي لڳ ھال ۽ وتايو فقير لائبريري جي اجڙيل حالتن کي ڏسندي سار لھندي ضروري مرمتي ڪم ڪرائي انھن جي وقار ۽ عزت ڀريو مقام ڏنو وڃي. ڏاڏاھي ھال، وتايو فقير لائبريري ۽ قديم گل غيبي قبرستان لاءِ حفاظت جا انتظام ڪرڻ سان گڏ بھتر ۽ خاص ڪري باقاعدي سالياني بجيٽ رکي وڃي ته جيئن بجيٽ موجب ضروري ڪم ڪار ڪرائڻ لاءِ ڌيان ڇڪائي سگھجي. اميد آهي ته چييرمين، وائيس چييرمين ۽ چونڊجي آيل ميمبر صاحبان ھن طرف خاص ڏئي هتان جا بنيادي مسئلا حل ڪندا.

منظور ڪالرو/حيدرآباد

ايس ايس پي يا سياسي ڪارڪن؟

ايس ايس پيءَ جو ڪم ضلعي جي امن امان کي بهتر بڻائڻ ۽ امن امان جي مسئلي تي سڀني سياسي، سماجي ۽ مذهبي جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ آهي پر ڪالهه ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو ان جو مطلب ئي مٽائي ڇڏيو، ڏاڍي حيراني ٿي جڏهن سوشل ميڊيا تي خبر پئي ته ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو ڪنب پھچي ڪنب ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين در محمد تمراڻي کي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ کٽڻ تي اجرڪ جو تحفو پيش ڪري مبارڪون ڏنيون آهن. اهڙي تصوير به سوشل ميڊيا تي مقامي صحافين طرفان وائرل ڪئي وئي، هاڻي سوچڻ جو مقام آهي ته هڪ يوسي چيئرمين کي اليڪشن جون مبارڪون ڏيڻ ان ضلعي جو ايس ايس پي گلن جا هار کڻي پهچي ته اتي جي مخالف سياسي گروپ ڏي ڪهڙو پيغام ويندو؟ ان مان صاف ظاهر آهي ته نه رڳو خيرپور پر پوري سنڌ جا ايس ايس پي صرف حڪمران ڌر جا سياسي ورڪر آهن ۽ صرف حڪومتي ڌر جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ڇا هاڻي خيرپور جا سياسي مخالف ايس ايس پي خيرپور مان هاڪاري اميد رکي سگهجي ٿي؟ ڇا هاڻ اهو ايس ايس پي حڪومتي ماڻهن جي چوڻ تي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ۽ انهن جو جيئڻ جنجال نه ڪندو؟ ڇا اهو ايس ايس پي مخالفن جي زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪرائڻ ۾ سهولتڪار نه بڻجندو؟ ڇو ته ايس ايس پي پوري ضلعي جي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي پر ايس ايس پي خيرپور ثابت ڪري ڇڏيو ته هو صرف ۽ صرف حڪومتي ڌر جو ايس ايس پي آهي، هاڻ ايس ايس پي روحل کوسو کي خيرپور جي عوام کان ان عمل تي معذرت ڪرڻ گهرجي، جيئن اهو تاثر ختم ٿي سگهي ته ايس ايس پي صرف حڪمران ڌر جو ايس ايس پي آهي، ٻئي ڪنهن به ماڻهو کي ان مان ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي يا ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو کي سڄي ضلعي جي چيئرمين وٽ لنگھي وڃي انھن کي به اجرڪ پارائڻ گھرجي ته انھن چيئرمينن جي دل وڏي خوش ٿئي ته خيرپور جو ايس پي اسان وٽ ھلي آيو آهي، جيئن در محمد تمراڻي خوش نظر اچي رهيو آهي، خيرپور ضلعي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سميت خيرپور ضلعي جا 8 تعلقا ۽ ڪجھ وري ننڍيون ٽائون ڪاميٽيز آھن، انهن سڀني وٽ به ايس ايس پي کي وڃڻ گهرجي، هاڻي ڏسجي ته ايس ايس پي تصديق يا ترديد ڪري ٿو يا خاموشي اختيار ڪرڻ کي بهتر سمجهي ٿو.

غلام نبي ڀنڀرو/ نوابشاھه