رٽائرڊ آفيسرن جي خانگي ادارن ۾ نوڪري جو نوٽيس وٺو!
اسان جي ملڪ ۾ جمھوري نظام ھجڻ باوجود به بيروزگاريءَ جو انگ ھر سال وڌي رھيو آھي، ملڪ مان ميرٽ جو جنازو ته جنرل ضياءُالحق کان پوءِ ان جي ميت سان گڏ دفنايو ويو ھو. ھن وقت نوجوانن جو وڏو انگ تعليم حاصل ڪري ملڪ جي مختلف خانگي ادارن ۾ پنھنجون خدمتون سچائي ۽ محنت سان انجام ڏئي رھيو آھي. قانون موجب ڪنھن به سرڪاري ملازم کي نوڪريءَ دوران يا پينشن وٺڻ وقت ڪنھن به خانگي اداري ۾ نوڪري ڪرڻ جو اختيار ناھي. ان باوجود به ڪيترائي سرڪاري ملازم سرڪاريءَ نوڪريءَ دوران اصل نوڪريءَ تان غير حاضر ٿا رھن ۽ ھر مھيني پگھار کڻن ٿا، ڇاڪاڻ ته سرڪاري ادارن ۾ ڪا به پڇاڳڇا ناهي ھر سرڪاري ملازم ڄاڻي ٿو ته آئون ڪو به ڪم ڪيان پر مون کي 25 سالن کان اڳ ڪو به نوڪريءَ مان ڪڍي نٿو سگھي. اھڙي ريت سرڪاري نوڪرين تان رٽائر ٿيڻ بعد پينشن وٺڻ سان گڏ وڏا آفيسر، جن ۾ پاڪستان آرميءَ جا آفيسر، ڊائريڪٽر جيڪي سرڪار کان لکين رپين جي پينشن وٺي رھيا آھن ۽ ان سان گڏ خانگي ادارن ۾ لکصن رپين جي پگھار تي وڏن عھدن تي پڻ ڪم ڪري رھيا آھن. جنھن ڪري خانگي ادارن ۾ قابل ۽ محنتي نوجوانن جي حق تي ڌاڙو لڳي ٿو. جڏھن سرڪاري ملازمن کي سرڪار وڏي انگ ۾ پگھار ۽ پينشن ڏئي رھي آھي ته پوءِ ڪنھن بيروزگار کي خانگي اداري ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن ھو به نوڪري ڪري پنھنجو پيٽ گذر ڪري سگھن. ھاءِ ڪورٽ پاران اھڙي غلط عمل خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ بيروزگار نوجوانن کي خانگي ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو ملي سگھندو.
پروفيسر گل محمد سومرو/ ڀٽائي آباد، گلستان جوھر، ڪراچي
اڃا قرب وارا آھن زماني ۾ کوڙ ماڻھو!
ڪنھن ڪم سانگي تنگواڻي وڃڻ ٿيو، ضروري ڪمڪار کان واندو ٿي چانھ پيئڻ لاءِ جعفرآباد روڊ تي واقع ماشاءُالله ھوٽل پھتس، موٽر سائيڪل تان لٿو ئي مس ھئس، مون کان اڳ منھنجي سامھون واري ٽيبل تي ٻن نوجوانن سان ويٺل ھڪ نوجوان کيڪاريو، آئون ھن سان مليس، ٿوري دير ساڻس ڪچھري ڪيم، نوجوان منھنجي سٺي خاطر تواضع ڪئي، نوجوان جو چھرو ته ڏٺل ھو پر سندس نالو ذھن ۾ نه پئي آيو، وڏي وقت کان فيس بڪ تي ھڪ ٻئي جا فرينڊ ۽ ھڪ علائقي جا ھجڻ باوجود ڪڏھن ملاقات نه ٿي هئي، انتھائي حساس جذبن جي مالڪ ۽ بامھذب نوجوان فاروق احمد گجراڻي سان ملاقات جي خواھش ڪافي عرصي کان ھئي، اڄ اتفاقن ساڻس ملاقات ٿي، ڏاڍي خوشي ٿي، ڀاءُ فاروق احمد منھنجي سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي لکڻ جي ساراھ ڪري مون کي لکڻ جي دنيا ۾ وڌيڪ حوصلو ۽ مان ڏنو، ماڻھو ته ڪروڙين ھر ھنڌ ملندا پر ھن انا ۽ تعصب پرستيءَ واري دور ۾ ھن وسيع ڪائنات ۾ فاروق احمد گجراڻي جھڙا نوجوان بنا مفاد ۽ خوشامد جي ٻين کي حوصلو ڏيڻ وارا ماڻھو تمام گھٽ آھن، رب پاڪ کان دعا آھي ته رب پياري ڀاءُ فاروق احمد گجراڻي کي زندگي جي ھر موڙ تي ڪاميابي عطا فرمائي، کيس دنيا جي ھر قسم جي آزمائشن کان محفوظ رکي، فاروق احمد پاران ڏنل قرب سدا ياد رھندو، سندس پاران ڏنل عزت ۽ قرب ڏسي مون کي منھنجي دوست جڳ مشھور شاعر برڪت گل جکراڻي جون ھي سٽون ياد آيون، جنھن ڪافي وقت اڳ ھڪ گيت لکيو هو ته:
اڃا قرب وارا آھن زماني ۾ کوڙ ماڻھو،
زماني ۾ کوڙ ماڻھو ملندئي ڀلوڙ ماڻھو.
اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي
نوشهروفيروز واسين تان گندگيءَ جو عذاب نه ٽريو؟
نوشهروفيروز شهر اندر لاڳيتو ٽائون ڪاميٽي جي نااهليءَ سبب شهر ۾ گندگيءَ جا ڍير ۽ گندي پاڻي سان روڊ رستا ۽ گھٽيون گندو پاڻي بيهي وڃڻ جي ڪري تلائن جو ڏئي ڏئي رهيا آهن، جيتوڻيڪ ٽائون ڪاميٽي ۾ هزارين ماڻهو ڀرتي ته ڪيا ويا آهن پر خبر ناهي اهي ٽائون ڪاميٽيءَ جا ملازم ڪهڙن وڏيرن، ميرن پيرن يا وزيرن جي گهرن ۽ اوطاقن تي ڊيوٽيون انجام ڏئي رهيا آهن يا وري ڳري رشوت عيوض ويزا تي گهر ويهاريا ويا آهن، اهڙي صورتحال سبب شهر مڪمل طرح سان گندگيءَ جي وڙ چڙهيل آهي، شهر ۾ نه صفائي آهي نه ئي گندين نالين جي صفائي ٿيڻ ڪري سڄو شهر تلاءُ بڻجي ويو آهي، رستن روڊن ۽ گھٽين مان گذرندڙ هزارين شهري ان گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهن، ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ گندي پاڻي ۽ گندگي وڌڻ سان شهري مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر افسوس جو انتظاميا ان معاملي کان واقف هوندي به اڻڄاڻ بڻيل آهي ۽ ٽائون ڪاميٽي جي لاتعلقي سبب شهرين جي ڏکيائين ۾ ويتر اضافو ٿي ويو آهي. منهنجي جناب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج صاحب، ڊپٽي ڪمشنر، اي ڊي سي ون ۽ ٽائون آفيسر کي اپيل آهي ته گم ٿي ويل ملازم جي ڊيوٽين کي يقيني بڻائي شهر اندر مڪمل طور تي صفائي ڪرائي شهرين جي پريشانين کي جلد دور ڪيو وڃي.
وحيد علي تڳر/ نوشهروفيروز
راڻيپور ۽ آسپاس جي ڳوٺن جا اجڙيل روڊ ٺهرائي ڏيو!
راڻيپور طرف سفري سهولت مهيا ڪندڙ مختلف ڳوٺن جا لنڪ روڊ نئين بجيٽ ۾ به ترقياتي اسڪيم ۾ شامل نه ٿي سگھيا، روڊن جي حالت تمام ڳڻتيءَ جوڳي ٿي وئي آهي، عوام جي پريشانين ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي، راڻيپور سان ملندڙ مختلف ڳوٺن جا روڊ نئين بجيٽ ۾ به نظراندازيءَ جي ور چڙھي ويا آهن، جنهن ۾ ڳوٺ گٺ راڄپر، قادرداد شيخ، احمد علي عمراڻي، وزير سوڍڙو، ڀنڀرا ۽ ڳوٺ هنڱورا سميت مختلف ڳوٺن کي راڻيپور طرف سفري سهولتون مهيا ڪندڙ روڊ نئين بجيٽ ۾ نظر اندازي جو شڪار ٿي ويا، ڳوٺن جا رهواسي پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن، تڪ جا ايم پي اي، ايم اين اي روڊن جي اجڙيل حالت کان واقف هوندي به بيخبر رهڻ لڳا آهن، عوام پاران ميڊيا وسيلي تڪ جي ايم پي اي، ايم اين اي کان روڊن جي مرمت ۽ ٺهرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، روڊن جي حالت خراب ھجڻ سبب علائقي واسي وڏين تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن، روڊ خراب ھجڻ ڪري حادثا پڻ روز جو معمول بڻجي ويا آھن، جڏھن ته برسات پوي ٿي ته روڊ سان گاڏي ته ڇا پر پنڌ ھلڻ به ڏکيو ٿي پوي ٿو، علائقي واسي ڊي سي خيرپور ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل آھي ته راڻيپورٽ جي آسپاس جي ڳوٺن جي روڊن مرامت ڪري ڏني وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/ راڻيپور
سنڌ بجيٽ سان سلهاڙيل سنڌي عوام جون اميدون!
هر سال جيان هن سال به وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ صوبائي بجيٽون پڻ پيش ٿي رهيون آهن، 14 جون تي ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب ۽ وري 15 جون تي ٻئي نمبر وڏي آبادي رکندڙ سنڌ صوبي جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. عام ماڻهون کان وٺي هر شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن کي سڄو سال بجيٽ جو انتظار رهندو آهي ته ٿي سگهي ته ايندڙ بجيٽ ملڪ جي خوشحاليءَ واري بجيٽ ثابت ٿئي پر مون پنهنجي سانڀر ۾ هر سال پيش ٿيندڙ بجيٽ کي خساري واري بجيٽ ئي پيش ڪندي ٻڌو ۽ ڏٺو آهي. جنهن جا مختلف سبب آهن، سنڌ پاران پيش ٿيندڙ بجيٽ مان عوام کي ٽئڪس ۽ ٻين شين جي مد ۾ ڪيترو رليف ٿو ڏنو وڃي. عام واهپي جون شيون ڪيتريون سستيون ٿين ٿيون، جنهن جو عوام کي تمام گهڻي شدت سان انتظار آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر مهانگائي عروج تي پهچي چڪي آهي، شين جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن، هر بجيٽ ۾ عوام جي خدمت گذار يعني ملازم طبقو پڻ حڪومت مان سٺي اميد رکندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه مهينا اڳ وفاقي حڪومت پنهنجي ماتحت ملازمن کي بجيٽ کان اڳ سندن پگهار ۾ 25 سيڪڙو جي واڌ ڪئي هئي ۽ 11 جون تي پيش ٿيندڙ وفاقي بجيٽ ۾ پڻ 10 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي. اميد ته وزير اعليٰ سنڌ جيڪو عوام پنهنجو نمائندو چونڊيو آهي، اهو مٿي بيان ڪيل ڳالهين تي ضرور عمل ڪندو ۽ انشاءُالله ايندڙ صوبائي بجيٽ سنڌ دوست بجيٽ ثابت ٿيندي.
اداسي عبدالستار کوکر/ ڪنب
ميرپورماٿيلو ۾ بليڪ تي وڪرو ٿيندڙ ٽرين جي ٽڪٽ!
دنيا ۾ ٽرين جو بهترين کان بهترين سستو سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ٻاهرين ملڪن جو عوام تقريبن ٽرينن تي سفر ڪرڻ کي اوليت ڏيندا آهن ۽ اسان وٽ اهڙو ريلوي نظام آهي جو انهن ٽرينن ۾ سفر ڪندي ڊپ ٿيندو آهي، ڇو جو اسان نئون نظام ته ٺهيو پر انگريزن جي ڏنل سسٽم کي به درست نموني بحال نه ڪري سگهيا آهيون ۽ وري ريلوي کاتي جي ٽڪيٽ گهر ۾ ٽڪيٽ ماسٽر جو به هن کاتي جي تباهي ۾ وڏو هٿ آهي، لڳي ايئن ٿو ته هنن جي پنهنجي ٽرانسپورٽ آهي ۽ هي ڀرتي به ان ڪري ٿيا آهن جو هن کاتي کي تباهي ڏانهن وٺي پنهنجي ٽرانسپورٽ بحال ڪجي، ميرپور ماٿيلو ٽڪيٽ گهر ۾ ويٺل ٽڪيٽ ماسٽر ڪنهن سان ڳالهائڻ پسند ناهي ڪندو، ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجا مهمان آيل هئا جن کي وزيرآباد وڃڻو هو ۽ جڏهن ٽڪيٽ گهر پهتاسين ته هڪ ٽڪيٽ ماستر جو لهجو تمام ڏوکوئيندڙ هو ۽ ٽڪٽ به بليڪ تي ڏني وئي، وزيرآباد جي ٽڪيٽ جيڪا 9 سئو جي هئي اها 1000 رپين ۾ ڏني وئي ۽ برٿ هڪ سئو جي، اها ٻه سئو جي ڏني وئي. في ٽڪيٽ تي 3 سئو وڌيڪ ورتا ويا ۽ ٽن ڄڻن جا 900 مٿي ورتا ويا، پڇڻ تي هن ٻڌايو ته اسان کي مٿي پئسا ڏيڻا هوندا آهن، سوال اهو آهي ته آخر ڇو ريلوي سسٽم کي ناڪاره ڪيو پيو وڃي، جڏهن هڪ ٽرين جي دٻي ۾ سيٺن کان وڌيڪ ماڻهو هوندا آهن ته ٽرينون ماڻهن جون سٿيل هونديون آهن، بيلڪ تي ٺڪيٽون وڪامجن ٿيون ته پوءِ هي سسٽم ڇو نه ٿو بحال ٿئي ۽ ڪير روڪيندو هن ڦرمار کي؟
علي حسن ”احسن“ چڍڙ/ميرپورماٿيلو
سجاول ٽائون انتظاميا جي نااهلي!
گھوٽارو موري تان ويندڙ گٽر پائيپ لائين ٽٽڻ جي ڪري گندو پاڻي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ۾ ويھي رھيو آھي، ڪيتري ئي وقت کان سجاول ڀٽي روڊ وٽان نڪرندڙ گھوٽارو موري جي مٿان سجاول شهر جي گٽرن جو گندو پاڻي جي نيڪال جو لوھي پائيپ لائين لڳل آهي، جيڪو ڪيتري وقت کان ٽٽي پيو آهي، پائيپ ٽٽل ھجڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي گھوٽارو موري جي صاف پاڻيءَ ۾ ويھي ڪرڻ لڳو، جڏهن ته گھوٽارو موري جو پاڻي آسپاس جي ڳوٺن کان سواءِ ڪيترا ئي ٻيا ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي، مال ۽ زمين وغيره لاءِ استعمال ڪندا آھن، پائيپ لائين ٽٽڻ جون شڪايتون اسان ڪيترائي ڀيرا ڪيون آهن پر ٽائون انتظاميا جي نااهليءَ، لاپرواهيءَ سبب اڃا تائين ڪو کڙتيل ناهي نڪتو. اسين ضلعي انتظاميا کي اپيل ٿا ڪريون ٿا ته گھوٽارو موري تان گذرندڙ گٽر پائيپ لائين جي ٽٽل پائيپ جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ لاڳاپيل اداري کي ھدايتون جاري ڪري ٽٽل پائيپ نئون يا ٺھرايو وڃي ته جيئن چوپايو مال ۽ ماڻهو پيئڻ لاءِ صاف پاڻي استعمال ڪري سگھن.
وفابابو پٺاڻ/ سجاول
ڳوٺ صديق محمد شاهه کي بنيادي سهولتون ڏيو!
ڳوٺ صديق محمد شاهه ديهه لکي ڪيٽي يوسي 17 ملنگ هوٽل لڳ گاجا، تعلقي لطيف آباد ضلعي حيدرآباد ۾ واقع آهي، هي ڳوٺ بنيادي سمورين سهولتن کان محروم آهي، هن ڳوٺ ۾ 150 ٻار آهن، جيڪي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول نه هجڻ ڪري مال چارڻ تي مجبور آهن، هي ڳوٺ پڪي رستي، بجلي ۽ گئس جهڙين سهولتن کان به محروم آهي، ڳوٺ کي سم نالو نه هجڻ ڪري سمورو ڳوٺ برسات وقت برساتي پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ رهي ٿو، جنهن سبب ڳوٺاڻن جا گهر ٻڏي تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ سندن فصل به برساتي پاڻي ۾ سڙي تباهه ٿي وڃن ٿا، ضلعي ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسل جي سموري بجيٽ هڙپ ڪئي وڃي ٿي. هتي جي ماڻهن ڊي سي حيدرآباد ۽ هتي جي چونڊيل نمائندن کي بار بار چيو آهي ۽ لکت ۾ پڻ ڏنو آهي پر ڪو به تدارڪ نٿو ٿئي. ياد رهي ته ڳوٺ صديق محمد شاهه 100 گهرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ترقياتي ڪم ٽڪي جو به ناهي ٿيل. هي ڳوٺ موئن جي دڙي جيان کنڊر بڻيل آهي پر ڪير به ان جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪونهي، هتي ڪرپشن جي بازار تمام گهڻي گرم رهي ٿي، جنهن ۾ ڪامورن پنهنجا پيٽ ڀريا آهن. اسان سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ جا سمورا مسئلا جلد کان جلد حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ حيدرآباد ڊي سي آفيس اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويندو.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
صبح جو ڪنهن سپاهيءَ ۽ عملدار اسان کي سپرنٽينڊنٽ جي رائونڊ جو نه ٻڌايو، شايد ان لاءِ ته جيئن اسان جو ڪو ڪلاس لڳي، مون هانڊي والن جي مدد سان کوليءَ جي سيٽنگ ڪئي ۽ سپاهي صابو ۽ ستار ڇاڇي کان پڇو ته توهان اسان کي رائونڊ جو اطلاع ڇو نه ڏنو؟ ڇا توهان اسان جي عزت نٿا ڏسي سگھو؟ رائونڊ ۾ سپرنٽينڊنٽ صاحب اچي اسان کان وڏي پيار سان مسئلا پڇيا؟ مون ضياءَ الرحمان صاحب کي عرض ڪيو ته سائين منهنجي سزا جو ون ٿرڊ حصو گذري ويو آهي ۽ آئون توهان جي معرفت پيرول جي لاءِ درخواست ڏيڻ ٿو چاهيان. سپرنٽينڊنٽ مرڪي چيو ته ڇو نه؟ اهو تنهنجو قانوني حق آهي پر ڪجھه اڇي مڇي توهان کي ٻاهران به ڪرائڻي پوندي. مون چيو ته ٻاهر منهنجا کوڙ آهن توهان بس درخواست موڪلرائي ڏيو. درخواست موڪلڻ کان پهريان ذلفي سومري چيو ته ڪجھه به نه ٿيندو پر مون پوءِ به ماستر دانش سان گڏجي درخواست رواني ڪئي. مون کي اميد آهي ته آزاديءَ جي پرهه ڦٽڻ واري آهي. اسد به اڄ عيسيٰ ڪاتيار کي فون ڪري چيو ته ماسيءَ جيڪا آصف تي مدعي آهي جلد آصف سان ملڻ واري آهي، ٻي امان جي اچڻ جو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي، قاسم راجپوت عرف ڪاشف شيخ نالي قيدي رشيد سان مليو، ايم طالب ۽ مزمل جو پکو به سپاهي صابو معرفت بدلي ڪرايوسين، لائبريري ۾ اڄ به ذلفي سومرو طرفان چانهه پارٽي هئي، شبير ٻرڙي، رشيد ڏيٿي ۽ رجو ڀائي کي لائبريري ۽ ڪتابن جي اهميت تي ليڪچر ڏنم، جنهن قوم وٽ ڪتاب ناهن هوندا اها قوم ذهني بيمار هوندي آهي. پياري دوست خادم حسين شهاڻي کي عمر قيد جي سزا لڳي آهي پر هو پوءِ به مُرڪي پيو. هُن کي مرڪندو ڏسي مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي، هو ٻاهران ٽهڪ پيو ڏئي پر هنجو اندر سڙيو پيو هو. هو ڪالهه تائين گھوٽ جيان تيار ٿي رهيو هو، هن کي يقين هو ته هو آزاد ٿيندو پر هُن جو يقين ٽٽي ويو. هن وقت رشيد ڏيٿو ٽي وي پيو ڏسي، طالب ۽ مزمل ڪچهري پيا ڪن، منهنجي بستري تي خادم جو فيصلو پيو آهي، جنهن کي ڏسي مون کي لطيف سرڪار جا لفظ ياد پيا اچن ته:
گھوڙن ۽ گھوٽن جيئن ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجھه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد، 31 مئي 2021، رات جا 09:05 وڳا
واهي پانڌي منشيات جي واهپي جو نوٽيس وٺو!
واهي پانڌي ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي جنهن جي ڪري نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، شراب ۽ چرس سرعام وڪرو ٿي رهيا آهن، شراب جو ڪاروبار اڃا به عروج تي پهتل آهي، گرڊ اسٽيشن وٽان شراب جو بوتلون وڏي انگ ۾ برآمد ٿيون آهن، شراب مافيا پوليس جي مدد سان نئين نسل جون زندگيون تباھ ڪرڻ ۾ اڃا به وڌيڪ ڪامياب ٿي رهي آهي، شراب مافيا ڪنهن سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ آهي ۽ اتي ان جي سڃاڻپ جيالي سان ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب پوليس ان تي هٿ وجهڻ کان لاچار بڻيل آهي. دادو ايس ايس پي، آءِ جي سنڌ ۽ وس وارن اعلي اختيارين کي گذارش آهي ته جلد نوٽيس وٺي شراب مافيا کي گرفتار ڪري ڪاڇي واهي پانڌي ۾نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
پ پ پ سرڪار ۽ سنڌ جو شعور!‎
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڌارين آبادڪاري روزبروز وڌنڌي پئي وڃي، انھن لاءِ سنڌ حڪومت جو ڪو ايڪشن ناھي، سنڌ جي شھر ۾ سنڌي قوم سان ناانصافي عروج تي آهي، سنڌي قوم کان پنهنجا وڏا شھر کسڻ جي سازش ڪافي وقت کان ھلندڙ آهي پر سنڌ جي جوڌن ان سازش کي ھميشه ناڪام ئي بڻايو آهي، پوري سنڌ ڏٺو ته بحريا ٽائون واري پرامن احتجاج تي لکن جي تعداد ۾ سنڌي قوم گڏ ٿي، دنيا کي اھو پيغام ڏنو ته ڪراچي سنڌ آھي ۽ اسين پنھنجي ڌرتيءَ جي وارثي ۽ مالڪي ڪرڻ ڄاڻون ٿا. بحريا ٽائون جي پرامن احتجاج کي پرتشدد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا سنڌ سرڪار جي وزير بقول ته اھا بحريا ٽائون جي گيٽ کي باھ ايم ڪيو ايم لنڊن جي ماڻھن سازش تحت باھ ڏني، ان جي باوجود به ايم ڪيو ايم جي بدران سنڌ جي قومپرست قيادت سنڌ جي شعور رکندڙ جوڌن تي ڪيس داخل ڪري گم ڪري رهي آهي، ان ۾ زرداري ليگ سڌو سنئون ملڪ رياض جي ونگار پئي وھي، پ پ پ سرڪار سنڌ جي شعور کان خوفزدہ ٿي چڪي آهي، انھن کي شايد اھو ڊپ آھي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان جي ناڪامي پڪي آھي، ان لاءِ قومپرست قيادت سميت سنڌ جي قومي ڪارڪنن تي پوليس چڙهائي ڪرائي سنڌ جي اڀرندڙ انقلاب کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن. سنڌ سرڪار سنڌي عوام تي پوليس چڙهائي ڪرائي پنھنجو ئي نقصان پئي ڪرائي، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام کين ناڪام ضرور ڪرائيندو، سنڌ جو شعور پ پ پ سرڪار جي چڙهاين گرفتارن کان ڊڄڻ وارو ناھي، سنڌ جو شعور  سنڌ خاطر گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار آھي پر پنھنجي ڌرتيءَ جو سودو ھرگز قبول نه ڪنداسين.
خواجا صدام سنڌي/احمدپور، ڪنگري
سنڌ سرڪار پاران ٿيندڙ قومپرست اڳواڻن سان زيادتون ڇو؟
6 جون جي تاريخي ۽ مزاحمتي ڌرڻي کان پوءِ ته سنڌ سرڪار ڄڻ سنڌي قومپرست اڳواڻن جي ذاتي دشمن بڻجي وئي آهي جو سمورن قومپرمست اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندن مٿان جھڙوڪ ظلم ۽ بربريت جا نوان باب شروع ڪري ڇڏيا آھن. ڌرڻو پرامن ھو، ان ۾ سنڌي قوم پنھنجو احتجاج پي رڪارڊ ڪرايو ته سوچيل سمجھيل منصوبي تحت ھل ھنگامو، ڀڄڊاهه ۽ باھيون وارو ڪڌو عمل شروع ڪيو ويو، ھي ڪو پھريون ڀيرو ناهي جو پ پ پ سرڪار پاران ڪيو ھجي پر ھر دور ۾ پ پ پ جو قومپرست دوستن لاءِ ھيبتناڪ اذيتن وارو ھوندو آھي. سڄي ڪھاڻي ملڪ رياض کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي وئي آهي، هڪ دوست سنڌين جي احتجاج تي رياستي ڏاڍ ۽ جبر خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي ته “ڪارنر پلاٽ جو سوال آ بابا” شيخ اياز چيو آهي ته:
سنڌڙي تنھنجو نانءُ کنيو،
ڄڻ ڪاريھر تي پير پيو.
عابد سومرو/ خيرپورميرس
دهشتگرديءَ جا ڪيس!‎
دهشتگردي جا ڪيس، جيڪو پاڻيءَ گهرندو، ان تي دهشتگرديءَ جو ڪيس، جيڪو بجلي گهرندو ان تي دهشتگردي جو ڪيس، جيڪو شهر ۾ صفائيءَ جو مطالبو ڪندو، ان تي دهشتگردي جو ڪيس، وڏيري کي ووٽ نه ڏبو ته دهشتگردي جو ڪيس، زمين ڌارين کي نه ڏبي ته دهشتگردي جو ڪيس، ڌاڙيل راڄ جي خاتمي جو مطالبو ڪجي ته دهشتگردي جو ڪيس، ڀوتار جي جلسي ۾ نه وڃجي ته دهشتگردي جو ڪيس، اغوا ٿيل نياڻي واپس ڪرائڻ لاءِ دانهن ڪجي ته دهشتگردي جو ڪيس، لچ لوفر جي غلامي نه ڪجي ته دهشتگردي جو ڪيس، تعليم، صحت جي گھر ڪجي ته دهشتگردي جو ڪيس، منشيات جوئا ۽ فحاشيءَ خلاف دانهن ڪجي ته دهشتگردي جو ڪيس، نوڪري گهرندي دهشتگردي جو ڪيس، انصاف لاءِ آواز اٿاريندي دهشتگردي جو ڪيس، سنڌي ٻوليءَ قومي ٻوليءَ جو مطالبو ڪجي ته دهشتگردي جو ڪيس، پنهنجي مرضيءَ جو فرقي ۽ مذهبي آزادي جي ڳالهه ڪجي ته دهشتگردي جو ڪيس، حق سچ ڳالهائجي ۽ لکجي ته دهشتگردي جو ڪيس، هي همراهه ته ڊڪٽيٽر ضياءَ، ڊڪٽيٽر مشرف، قاتل رهزن، دهشتگرد الطاف کي به ماري ويا، دهشتگردي جا ڪيس ايئن پيا داخل ٿين جيئن اڳ هر شريف ماڻهو تي ٻڪري چوري جا ڪيس داخل ٿيندا ھئا. دهشتگردي جي ڪيسن کي ايترو ته عام ڪيو ويو آهي جو ماڻهن مان خوف ئي ختم ٿي ويو آهي، هاڻ ته ڪم گهڻو چڙهي ويو آهي.
شفيق احمد ڪانڌڙو/ حيدرآباد