نوشھروفيروز جي نااھل انتظاميا قبلو درست ڪري!

 

ضلعي نوشھري فيروز جي حالت انتھائي نازڪ بڻيل آھي، ٻيو وري وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھتان جا ڊي س، مختيارڪار، اي سي، آبپاشي عملدار ۽ انجئير سڀئي نااھل آهن جن کان ھيترن ڏينھن ۾ پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي، ڪيڏي بيحسي چئبي جو فصلن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙيا پيا وڃن، ھاڻي ته پاڻي اچي شھر نوشھري کي ٻورڻ لاءِ پڳو آهي ۽ ٻي بيحسي ڏسون ته ايس ايم بچاءُ بند مڃٺ کي ڏسنداسين ته آبپاشيءَ جو ڪو به عملدار ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ، بند کي روڻيون روز جو معمول آھن، مجال آ جو ڪو ڪامورو اچي بند جي حالت ڏسي، جيڪڏھن بند ڀڳو ته سنڌو ڌرياهه کي ڪير روڪيندو؟ پوءِ ته نوابشاھ به ٻڏي ويندو. نااھل انتظاميا جي بي حسي ته ڏسو ھڪڙي پاسي شھر پيا ٻوڙين، پنھنجا فصل بچائڻ لاءِ ته ٻئي پاسي بند جي مرمت به نٿا ڪرائين جيڪڏھن خدا نه ڪري بند ڀڳو ته وڏو انساني الميو جنم وٺندو. ھن ڪالم ذريعي نوشھري فيرو جي انتظاميا کي وارنگ ٿا ڏيون ته پنھنجو قبلو درست ڪيو جيڪڏھن عوام جي جان و مال کي نقصان پھتو ته توھان کي ھاڻ لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي، غريبن جي امداد ته ھونئن به  کائي ٿا وڃو باقي توھان کي پنھنجا شھر ۽ ڳوٺ ٻوڙڻ جي ھرگز اجازت نه ڏني ويندي.

 

اظھر خان/نوشھروفيروز

 

سنڌ ھميشه سور سھندي پئي اچي؟

 

اسان جي سنڌ ڌرتي ھميشه کان سور سھندي آئي آھي ۽ ھميشه سنڌ ڌرتيءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آھي ۽ سنڌ کي پنھنجا ئي ليڊر ۽ سياستدان پيا تباھ ۽ برباد ڪندا آهن، بس جڏھن پنھنجا ئي غدار ۽ مڪار نڪرن ته غيرن کي ڪھڙي ميار ڏجي؟  سنڌ وڏي آزمائش مان پئي گذري ٻوڏ ۽ برساتن سبب ڪيترائي ماڻھو متاثر ٿيا آھن، فصل، مال، گھر مڪمل تباھ ٿي چڪا آھن ۽ ماڻھو حد کان وڌيڪ پريشان آھن، پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪن ٿا پر ڪنھن وس واري ۽ حڪومت طرفان ڪا به سھولت مھيا ڪونھي ڪئي وئي. اڃا به جيڪي ٻاھرين ملڪن مان امدادي اچي ٿي اھا به مسڪنن جي ھڙپ ڪيون وڃن ٿا، جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته انتطاميا ته اھي ڪمداري ۾ پورا آھن، جڏھن توھان کي ڪرڻي ئي ڪمداري آھي ته پوءِ CCS آفيسر ٿيڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ ۽ حد MNA, MPA ڪامورا، وڏيرا، ڪمدار ته ھاڻي اھڙي ڏکئي وقت ۾ لڀن ئي ڪونه ٿا، باقي جڏھن اليڪشين جو وقت ايندو آهي ته سڀئي مير، پير، ڪامورا، وڏيرا، ڪمدار سڀ ظاھر ٿيندا آهن ۽ چوندا ته بابا اسان اوھان جي ڏک سک جا ساٿي آھيون، لعنت آ اھڙي سياستدادن تي. باقي ڳالھ ڪجي اردو مڊيا جي ته اردو ميڊيا عمران ۽ گل کان سواءِ ٻيو ڪو موضوع نٿي ڏيکاري، جڏھن ته انڊيا ۾ برسات سبب 50 ماڻھو مرن ٿا ته انھن جو بار بار ھيڊ لائن ھلائي وڃي ٿي ۽ جڏھن سنڌ ڌرتيءَ جا غريب ۽ مسڪين ماڻھو اھڙي ٻوڏ ۽ برسات ۾ مرن ٿا ۽ پريشان ٿين ٿا ته هي ڪا به نيوز نٿا ھلائين، آخر سنڌ ڌرتيءَ سان ايڏي وڏي ويڌن ڇو آهي؟ ڇا اسان سنڌين جي ڪا مالڪي ناھي، سنڌ ڌرتي جا ماڻھو ھميشه مھمان نواز ۽ ميزباني ۾ گذاري آھي پر اڄ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ اسان جي ڌرتي جا ڄاوا ماني جي ٽڪر لاءِ پريشان آھن ۽ پنھجي مصومن ٻچڙڻ جي جان بچاڻڻ ۾ پريشان آھن. لعنت آھي اردو ميڊيا تي، تڏھن حضور سائين چيو ھو نه ھاءِ ھاءِ مون کي سنڌ ڌرتيءَ مان جنت جھڙي ٿڌڙي ھير ٿي لڳي ۽ امام حسين چيو ھو ته ھاءِ مون کي سنڌ ڌرتيءَ مان خوشبو ٿي اچي، بس رب سائين سنڌ ڌرتيءَ جو خير ڪندو ۽ ان کي پنھنجي امان ۾ رکندو.

 

صدام حسين/ خيرپورميرس

 

چمبڙ ۽ ان جي ڳوٺن کي هٿرادو ٻوڏ کان بچايو!

 

سرفراز واهه جي بڪيراڻي سب ڊويزن جون شاخون چاڪر ميران خوري ۽ خچر جيڪي سکر بيراج جون شاخون آهن، جيڪي سڄو سال منڍ وارا جمعدار موڪ پاڻي کڻي هزارين ايڪڙن تي ڪيلا پوکي پڇڙي کي سڪائين ٿا، پر ٻوڏ جي صورت ۾ سکر بيراج جا سڀ واهه بند هئڻ باوجود انهن ڄاڻايل شاخون آخر ڇو صفا تار پيون وهن؟ انهن ۾ هيٺانهين زمينن جا پاڻي موڪ ۾ ته واپس نه ويندا پر منڍ وارا زميندار ملي ڪري پاڻي لفٽن ذريعي شاخن ۾ موڪلين پيا، جنهن جي ڪري پڇڙي وارا مسڪين جيڪي پاڻي نه هئڻ ڪري اڳ ئي پريشان حال آهن، مٿان وري ايريگيشن ۽ رينجرز ۽ اي سي جو عملو ساڻ ڪري پڇڙيءَ جي ماڻهن کي ٻوڙڻ لاءِ چمبڙ جي چاڪر شاخ کي ڪٽ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، جيڪا اڄ ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين جي مذمت تي واپس هلي وئي پر انهن ايندڙ پاڻي چورن جو پيڇو ڪري مٿان ٻنين جي ڇنڊڻ لاءِ لڳل مشينون ۽ زميداري ظلم کي بجاءِ ڏٿڙيل عوام کي وڌيڪ ڏکارو ڪن ٿا. واضع رهي ته منڍ ۾ زمينن جا مالڪ ميمڻ، پ پ پ ايم پي اي امداد پتافي ۽ کوکرن جون سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪيلو آهي. خدارا اسان وس وارن سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان پڇڙيءَ وارن کي پنهنجي اڀرن اجهن ۾ سڪون سان رهڻ ڏنو وڃي ۽ منڍ وارن زميدارن ۽ ايريگيشن عملي کي ان جو پابند بڻايو وڃي جيئن ڪو به پاڻي لفٽ ذريعي شاخن ۾ نيڪال نه ڪري ۽ باقي بچيل ڳوٺ جن وٽ قدرتي يا گورنمنٽ طرفان ڪا به سم نالي ناهي ڏنل، جتي پاڻي ڇڏيو ويو ته اهو سالن تائين نه سڪندو ۽ وڏي نقصان جو خدشو آهي، جنهن ۾ يوسي نصير خان لغاري، يوسي راوت لغاري ۽ ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جا سوين ڳوٺ هٿرادو ٻوڏ جي ور چڙهي ويندا.

 

مظفر بهاول لغاري/ گلاب لغاري

 

سرجيس تان سور، سامائي ته سک ويا!‎‎

 

سموري سنڌ سمنڊ بڻجي چڪي آهي، لکين ماڻھو دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ماڻھن جا ڪل اثاثا سندن ڪچا پڪا گھر ڪري پيا، فصل تباھ ٿي ويا، مال مري رھيو آھي. سوين انسان پاڻي جي ڇولين ۾ لڙھي مري ويا. ڪيترن ئي انسانن جا لاش ھٿ ئي ڪو نه آيا آهن. ڪيترن ئي انسانن کي ڪفن نصيب ڪو نه ٿيو ھوندو ۽ لاش دفنائڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي خشڪ زمين ڪونھي ڪا، ھا پر جيڪي پاڻيءَ جي لھرن سان وڙھندي وڙھندي ڪنھن ڪنڌيءَ تي رسيا آھن اھي به بي يارو مددگار بي سرو سامانيءَ واري ڪيفيت ۾ بکن ۾ پاھ ٿيڻ شروع ٿي ويا آھن. يا وري وبائي بيمارين کي منھن ڏئي رھيا آھن. ڇا ھنن انسانن جو ڪو حق ڪونهي ڪو جي کين جلد رليف فراهم ڪيو وڃي؟ انھن کي مناسب معياري کاڌ خوراڪ فراھم ڪئي وڃي؟ انھن جي رھائش جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي؟ سندن طبعي معائنو ڪري دوائون فراهم ڪيون وڃن؟ سمورا سنڌ واسي سورن ۾ آهن. 2010ع واري ٻوڏ جا زخم اڃا ڀريا ئي ڪو نه ھئا ته مٿان وري ھي نئون زخم سنڌ ۽ سنڌ واسين کي رسيو آهي، جنھن جو اثر به ڪيترن ئي ورهين تائين سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ذهن ۽ جسمن تي ناسور جيان رھندو. خدارا بچي ويلن جي جلد مالڪي ڪيو، ايئن نه ٿئي جو وقت ھٿن مان نڪري وڃي، پوءِ سواءِ افسوس ڪرڻ جي ٻيو ڪجھ ھٿ نه اچي. اڄ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حالت بلڪل ڀٽائيءَ جي ھن بيت جھڙي ٿي وئي آھي:

سرجيس تان سور، سامائي تان سک ويا،

اھي ٻئي پور، مون نماڻي نصيب ٿيا.

 

محمد رضا خاصخيلي/ڳوٺ حسين آباد ڪوٽڏيجي، خيرپور

 

نصيبن جو ڏوھ ناهي، ڪجھ ته چريائي اسان جي به آهي! ‎‎

 

ٻوڏون هر سال اينديون آهن، ڪڏهن گهڻيون ته ڪڏهن ٿوريون ۽ هر سال اهي رڙيون به ساڳيون هونديون آهن ته گهوڙا ڙي گهوڙا، ٻڏي وياسين ۽ وري ڪجھ مھينن کان پوءِ وري رڙيون ڪري پنهنجي ڪم ڪار سان لڳي ويندا آهيون پر انهن مسئلن جو مستقل حل ڪڍڻ جو سوچيندا به ناهيون. هر سال درياهن ۽ سم نالن جي صفائي جي بجٽ رکي ويندي آهي پوءِ اها بجٽ ڪيئن استعمال ڪئي ويندي آهي اهو به ڪنهن کان لڪل ناهي. آئون ڪنهن هڪ پارٽي جي ڳالھ نٿو ڪريان، آئون انهن سڀني پارٽين جي ڳالھ ٿو ڪريانجيڪي 75 سالن ۾ به بند مضبوط ڪري نه سگهيون آهن ته پوءِ اسان پنهنجو پاڻ کي ڪئين ٿا ترقي يافتا ملڪن ۾ شامل ڪري سگهون، جيڪڏهن پاڻيءَ جي لنگهڻ تي قبضا ٿيا آهن ته انهن قبضن جي پٺيان هر دور جون سياسي پارٽيون ئي ذميوار آهن، نه ته مجال آ جو ڪير ايئن هڪ انچ به قبضو ڪري سگهي. جيڪو ٿيو سو ٿيو، ھاڻ به وقت آهي ته پنهنجا نوازي ڇڏي، حق سچ سان درياهن جا لنگھ صاف ڪيا وڃن، جيئن هر سال ٻوڏ کان بچي سگهجي. نه رڳو ٻوڏ کان بچي سگهجي پر هر سال ٻوڏ جي ڪري جيڪا معشيت تباھ ٿئي ٿي اها به بچي ويندي، جنھن سان ملڪ جي ترقي ٿيندي، باقي ڪوڙا دلاسا ڏئي ڪوڙا بل ٺاهي معشيت کي وڌيڪ پوئتي ڪري ڇڏينداسين. اسان وٽ ڪرپشن ايتري خطرناڪ ٿي وئي آهي جو ڪو ملڪ اسان تي اعتبار نٿو ڪري ڇو ته اسان هر ڀيري ڪوڙ ڳالهائڻ جا ٺيڪيدار رهيا آهيون، اسان ننڍي هوندي هڪ سبق پڙهيو هو ته هڪ ڇوڪرو ڪوڙ ڳالهائيندو آ ته منهنجيون ٻڪريون بگهڙ کائي ويو، جڏهن ماڻھو ڊوڙي پهچندا هئا ته ڇوڪرو زور سان کلندو هو ته مون اوهان ڀوڳ پي ڪيو ۽ هڪ ڀيري سچ ۾ بگهڙ اچي ويو ۽ ڇوڪرو ڊوڙ پائي ڳوٺ جي ماڻهن کي سڏيو ته بگهڙ ٻڪريون کائي پيو پر ڳوٺاڻن کي سڪوڙو سمجھيو ۽ بگهڙ ٻڪريون کائي ويا. اسان جي حڪمرانن جي به حالت ان ڇوڪري جيان آهي هڪ ڏينهن پوري ملڪ جي معيشت تباھ ٿي ويندي ۽ اسان جي ڪوڙ ڳالهائڻ ڪري ڪو ملڪ اعتبار نه ڪندو پوءِ مٿي تي هٿ ڏئي پيا نصيبن کي پٽينداسين پر پنهنجي ڪيل غلطي جو اعتراف نه ڪنداسين.

 

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

 

سنڌ ۾ خوني فسادن جي ور چڙھيل مڪاني چونڊون!

 

هن وقت سنڌ ۾ حڪومت بلدياتي اليڪشن ۾ پولنگ اسٽيشنز تي ڪي به سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل نه ڪرائي سگهي نه وري اليڪشن ڪميشن طرفان سيڪيورٽي جا ڪي مڪمل انتظام نظر آيا، هن وقت پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي چوڏھن ضلعن إ ٿيل مڪاني چونڊن دوران پولنگ اسٽيشنن تي ٿيل جهيڙن، لاقانونيت، ڌانڌلين وارن ڏنل نتيجن مان صاف ظاهر آ ته اسان جي ملڪ ۾ جڏھن به چونڊون ٿين ٿيون ڪڏھن به امن واري ماحول ۾ نٿيون ٿين، خوني جهيڙن، فسادن ۽ رت جي راند سان ٿين ٿيون، جنهن جو سبب آهي ته حڪمران جمائت جا دهشتگرد گروهه ۽ سرڪاري مشينري سندن فل سپورٽر بڻيل هجن ٿا، جنهن ڪري کين چونڊن ۾ مخالف پارٽين کي هارائڻ لاءِ برسراقتدار حڪمران پارٽي سموريون اٽڪلون استعمال ڪندي رهي آهي، اڃا به سنڌ ۾ ڪافي ضلعن تي چونڊون ٿيڻيون آھن، جتي مخالف اميدوارن کي هراسان ۽ پريشان ڪرڻ ۽ انهن کي مبينا طريقن سان گم ڪري ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وجهرائڻ جهڙيون وارداتون پارٽين مخالف اميدوارن سان وڌي ويون آهن، اهڙي غير يقيني ۽ لاقانونيت واري صورتحال ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن جي نتيجن کي مخالف جماعتون ڪيئن قبول ڪنديون ۽ سنڌ ۾ اهڙي ماحول ۾ اليڪشن ٿي رهي، جتي ڪافي ضلعن ۾ پ پ پ جي اڪثريت هئڻ جي باوجود مخالف اميدوارن جو کٽڻ سنڌ سرڪار لاءِ سنيهو آهي ته سنڌ جي غيور عوام ۾ شعور اچي چُڪو آهي جيڪڏھن انهن کي پولنگ اسٽيشنز تي حقيقي حق ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو ته سنڌ ۾ وڏو انقلاب اچي سگهي ٿو.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

 

يو بي ايل قمبر برانچ جو سسٽم فعال بڻايو!

 

هن طوفاني برساتن سبب ملڪ جو وهنوار درهم برهم آهي، جتي برساتن سبب ماڻھن جا جهڳا ڊهي پيا آهن ته ڪٿي ماڻھن جي لڏپلاڻ به جاري آهي پر ڪٿي به هجون ۽ ڪهڙي حالت ۾ به هجون پر زندگي جو چرخو هلائڻ لاءِ پئسن جي ضرورت هجي ٿي پر بئنڪنگ سيڪٽر سدائين غير فعال هجي ٿو ۽ اسان جي قمبر يو بي ايل برانچ سسٽم بند هجڻ سبب ڪا ڏيتي ليتي جو نظام بند آهي، جڏهن ته اي ٽي ايم مشينون به غير فعال آهن، جيڪي ڪم نٿيون ڪن، نتيجي طور پئسا اڪائونٽ ۾ بلاڪ آهن ۽ ضرورتمند ڪسٽمرز کي ڏکيائون درپيش آهن، مون وٽ گذريل مهيني چيڪ بڪ ۾ هڪ چيڪ هئو جيڪو ڀري قمبر برانچ ۾ کڻي ويس ته مئنيجر اهو چئي واپس ڪيو ته سسٽم نٿو هلي ۽ ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو، جنهن بعد وري برانچ ويس ته ساڳيو جواب مليو ته سسٽم بند آهي ۽ مون کي لاڙڪاڻي يو بي ايل برانچ وڃڻو پيو، جتي سسٽم هلي پيو ۽ چيڪ ڪيش ٿي ويو پر هاڻ وري پئسن جي ضرورت پئي ته مون وٽ چيڪ بڪ ختم ٿي ويو، جنهن لاءِ گذريل 15 ڏينهن کان يو بي ايل برانچ قمبر جو چڪر هڻي هڻي ٿڪجي پيو آهيان پر بئنڪ مئنيجر چيڪ بڪ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ سدائين غير ذميواري سان اهو چئي واپس ٿو ڪري ته سسٽم اڃا بند آهي، جڏهن ته چيڪ بڪ لاءِ مون 16 جولاءِ تي برانچ ۾ اپلاءِ ڪيو هو ۽ بئنڪنگ عملي ڪائونٽر فائل چيڪ ڪري چيو ته اوهان جو چيڪ بڪ واپس هيڊ آفيس موٽي ويو آهي ۽ هاڻ وري هفتي تائين انتظار ڪيو ۽ پوءِ جاچ ڪجو، مون مئنيجر ۽ چيڪ بڪ جاري ڪندڙ کي چيو ته مان هيڊ آفيس شڪايت ڪيان ٿو ته مون کي چيائين ڀلي شڪايت ڪيو، مونکي ڪا پرواهه ناهي، ڇا هي بئنڪ جا ملازم آهن يا بئنڪ جا مالڪ؟ جيڪڏهن بئنڪنگ عملي جي اهڙي سروس ۽ اڍنگو رويو رهيو ته اسان مجبور ٿي پنهنجا اڪائونٽ ڪنهن ٻي بئنڪ ۾ کولرائينداسين. بئنڪ عملي کي پنهنجي سروس تيز ۽ ڪسٽمرز سان سٺو رويو رکڻ کپي!

 

گلشن چانڊيو/قمبر علي خان

 

سڄي عمر رت چوسيو اٿوَ، هاڻ وقت رت ڏيڻ جو آهي!

 

سنڌ ۾ لاڳيتو وسڪارن تباھي مچائي ڇڏي آھي، سيلاب اڳ به آيا آهن پر ھن وسڪاري موت، بک، بدحالي ۽ ڏڪار آندو آھي. قيامت جھڙا منظر آھن، معصوم ٻچن جون وسندڙ مينھن ۾ دانھون بنا اجھي گوڙ جي گجڻ ۽ کنوڻين جي تجلين هيٺان بنا ڇت جي ڊپ مان دانھون پيا ڪن، حڪومت سندن ڪا به مدد نه پئي ڪري، هو آسمان مان وسندڙ ھن قھر لکين گھر  اجاڙي ڇڏيا آهن، لکين سکيا خاندان بي گھر بڻجي دربدر روڊن تي ڌڪا کائي رھيا آھن. سوين ماڻھو گھرن ڪرڻ سبب دٻجي مري ويا، ھزارين ماڻھو زخمي ٿيا، ڪيترائي پاڻيءَ جي وھڪري ۾ لڙھي ويا، برسات جيڪا اجتمائي تباھي آندي آھي ان جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي، ھر طرف تباھيءَ جا منظر آھن، سرڪار توڙي حڪومت ڪٿي به نظر پئي اچي، ماڻھو بي يارو مددگار مصيبت ۾ ڦاٿل آھن، جيڏانھن نھار رڳو پاڻي ئي پاڻي آھي، ماڻھو زمين جي سڪي ٽڪري جي ڳولا ۾ آھن، 15 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪندڙ پيلزپارٽيءَ پاران مقرر ڪيل وزير ۽ صلاحڪارن جا من پسند مقرر آفيسر سياسي ھائوسن تي ڪمدار بڻيل بااثرن جي اشارن تي ھلي رهيا آهن، جن يوسين جون پولنگون ھارايون انھن يوسين ۽ ڳوٺن ۾ ڪنھن جي واھر نٿي ڪئي وڃي، انتقامي ڪاررواين سبب علائقن کي ھٿ سان ٻوڙي رھيا آھن، ڳوٺن جا ڳوٺ تباھ ٿي ويا، آبادگارن جا فصل تباھ ٿي ويا، زرعي معشيت مڪمل تباھ ٿي وئي، اٽي ۽ ڀاڄين سميت خوراڪ جي شين جي کوٽ پيدا ٿئي وئي آهي، 10 واري شيءِ 20 رپين ۾ وڪامجي رهي آهي. منافعي خور بي لغام ٿي ويا آهن، پلاسٽڪ ۽ کيما ٻيڻ تي مھانگا ڪري ڇڏيا آهن. پرائز ڪنٽرول اٿارٽي گم آهي. برسات سبب بي گھر ٿيلن جون ھٿرادو مھانگائي متيون مجھائي ڇڏيون آھن. خطرناڪ بيمارين منھن ڪڍيو آھي، ماڻھو وبائي بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، چمڙيءَ سبب انهن جا پير سڃي ويا آھن، سندن پيرن مان رت وھڻ لڳو آھي. ھن وقت تائين ضلعي انتظاميه ڪي اپاءِ ناھن ورتا، ڪاڇي کان ڪارونجھر تائين اھڙو ڪو به علائقو ناهي جتي تباھي نه آئي ھجي، پيپلز پارٽيءَ جي ورزيرن لاڳيتو سنڌ کي لٽيو آھي، جيڪي ڪک مان لک بڻجي ويا آھن پر ھن وقت قيامت جي گھڙين ۾ ڪٿي متاثر جي مدد ۾ اڳڀرا نظر نه پيا اچن. خالي سيلفين ۾ ۽ خالي واڳون وارا ڳوڙھا پيا ڳاڙين. ھن وقت تائين حڪومت ڪٿان پاڻي جو ھڪ ڍڪ نيڪال ناھي ڪيو، ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا آھن، لاڳاپيل ادارن جي ته عيد ٿي وئي آهي، ڪوڙا بل ڏيکاري ڪروڙين رپياھڙپ ڪندا، پ پ پ جي حڪومت گذريل ڪيترن ئي ورھين کان عوام جو رت چوسيو آھي، ھينئر رت ڏيڻ جو وقت آھي، قرباني ڏيندا ته عوام کي ياد رھندي نه ڏکيو سکيو ھر ڪو نڀائي ويندو، وري اليڪشن ايندي ته عوام جي درن تي ڪھڙو منھن کڻي ايند؟

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

 

رات جي اوندهه ڦهلجندي ئي احساس جون شمعون روشن ٿي پونديون آهن، خيالن جون بازارون جَرڪي پونديون آهن ۽ شاعر جي نيڻن ۾ ننڊ حرام ٿي ويندي آهي ۽ هو خواب جي صورت ۾ سنڌوءَ ڪناري هليو ٿو وڃي ۽ مهراڻ جي موجن کي مستيون ڪندي ۽ جھونگاريندي ڏسي ڪڻڪ جي فصل ۾ گم ٿيل محبتن جا ڏس پتا ٿو پڇي! ۽ هِتان هُتان جي روڪا کنڊرن کان مرحوم دل جي دهڪي جا آواز ٿو ٻڌي. ڪڏهن اهو محسوس ٿو ڪري ته ميهار سنڌوءَ جي هُن پار بيٺو عشق، محبت ۽ پيار جا ساز سوري رهيو آهي. ڪڏهن اکيون مهٽڻ لڳي ٿو ۽ سهڻيءَ کي سنڌوءَ جي موجن ۾ ويڙهيل وڪوڙيل ڏسي ٿو جنهن جو ديو طوفاني لهرن ۾ وکري ويو آهي ۽ سهڻيءَ جي لبن کي سنڌوءَ جي پوِتر مٽي چمي ڏئي چُڪي آهي. ڪڏهن  ڪا موج مستيءَ وچان ڄامشوري جي پُل کي ڀاڪُر ٿي پائي ته ڪڏهن وري سيريءَ واري گونيءَ کي. ائون سهڻيءَ جا اُهي ٻول محسوس ٿو ڪريان جيڪي هوءَ درياهه جي ڪناري تي ويهي ورجائي ته: “آئون ضرور لهنديس درياهه ۾ ڇو جو ميهار منهنجو انتظاري هوندو..” دريائي موج چويس ٿي ته سهڻي بيهي رهه توسان گڏ تنهنجي ماءُ پيءُ جي لڄ به وڃي پئي! تون پاڻ سان گڏ رڳو حُسن ئي نه پر آبرو به کنيو پئي وڃين پر سهڻي اُڏريو ٿي وڃي. فطرت مَٽ جي ڪَن ۾ خبر ناهي ڇا ٿي چوي جو هو پگھرڻ لڳي ٿو ۽ پاڻي ۾ گڏجي ٿو وڃي ۽ جيئن چئي رهيو هجي ته مون کي ڪنڀار ٺاهيو آهي، آئون انسان ناهيان، مٽُ آهيان، ان لاءِ پنهنجي آقا، خالق سان دغا نٿو ڪري سگھان، ان همراهه جي ڌيءُ ۽ غيرت کي ڪونه کڻي ويندس جنهن مون کي مٽي ڳوهي ٺاهيو آهي. پاڻ به ٻڏي ويندس، سهڻيءَ کي به ٻوڙيندس پر ميهار جو ڌاريو هٿ پنهنجي آقا جي ڌيءُ ڏي ڪونه وڌڻ ڏيندس. آئون سنڌوءَ جي لهرن کي پنهنجي غلاميءَ جا زنجير ٿو محسوس ڪيان، انهن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان ته منهنجي اک کليو وڃي. سمورو ڏينهن جيل جي گھٽين ۾ شيعه سُني گڏجي ماتم ڪندا رهن ٿا. شام جو دير تائين عابد سان گڏجي پسار ڪيم، سائين ولي محمد شاهه صاحب سان به ڪچهري ٿي. سائينءَ چيو ته سچا دوست گوڙهن جيان هوندا آهن جتي دل اُداس ٿيو اُتي اکين جي اکيان رسي ويندا آهن، دوستن کي پنهنجو قصيدو ڏاڍي پيار سان ٻڌايم:

سڪينه کي سيج ۾، ابا وڃ نه رولي، سمهان ڪنهن جي سيني، مٺا ٻول ٻولي.

سڄو ساٿ پياسو، ڪُهي اڄ ڇڏيائون، ڪشي تير پائيءَ جي عيوض هنيائون،

ڏٺم حال سارو، ويهي اوٽ اولي، سمهان ڪنهن جي سيني مٺا ٻول ٻولي.

نه چاچو عباس نه اڪبر ڏسان ٿي، اصغر نه قاسم ويڳاڻي وتان ٿي،

ڪيو قهر ڪيڏو يزيدن جي ٽولي، سمهان ڪنهن جي سيني مٺا ٻول ٻولي.

رکي تنهنجي پيرن تي سِر هيءَ نماڻي، اَبا تو کي روئي چوي ٿي نياڻي،

وڃڻ کان اڳي ڏي مون کي ڀاءُ ڳولي، سمهان ڪنهن جي سيني مٺا ٻول ٻولي.

سِڪي ساهه ويندو ڏسي رات ڪاري، جيئڻ ڪونه ڏيندي برهه جي بيماري،

عقيدت ۾ دل جا ڇڏيو طاق کولي، سيڪنه کي سيج ۾ ابا وڃ نه رولي،

سمهان ڪنهن جي سيني مٺا ٻول ٻولي.

هينئر عابد ۽ ڏاهاڻي آءِ ڊي ايس محرم ٽرانسميشن ڏسي رهيا آهن، عابد جي اکين ۾ آلاڻ آهي ۽ ڏاهاني جو چوڻ آهي ته ملان ڪجھه هٿ جي به هڻندا آهن ان لاءِ روئو نه. جواب ۾ عابد مُنهن خراب ڪري چويس ٿو ته پنهنجي ڪم سان ڪم رک، ڏينهن جو چنڊ اسان جي کوليءَ جي سامهون اُداس نظر اچي رهيو آهي.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد، 10 آگسٽ 2022