سنڌ جا درسگاهه يا مقتل گاهه!
شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ اڍائي سال اڳ نمرتا جي خون جو اڃا تائين ڪو به انصاف نه ٿيو آهي ۽ ان جي عدالتي جاچ رپورٽ به هن وقت تائين پڌري نه ٿي آهي ته وري ڪجھه ڏينهن اڳ نوشين شاهه ڪاظمي جو به قتل ٿيو آهي ۽ ان جي جاچ به جاري آهي، ڪجھه سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نائلا جو وقتل به هن وقت تائين انصاف گھري رهيو آهي، ايئن ٿو لڳي اهي درسگاهون نه هجن ڄڻ مقتل گاهه هجن. هن وقت والدين نياڻين جي لاءِ تمام گھڻا فڪرمند ۽ پريشان آهن، جيڪڏهن اهو سلسلو نه رڪيو ته نياڻين جو يونيورسٽيءَن ۾ پڙهڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو ۽ اهو سنڌ ۽ سنڌين جي مستقبل تي سواليه نشان بڻجي ويندو. سنڌ امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي ۽ سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته اهي ڪهڙا بگھڙ آهن جيڪي نياڻين جي زندگين سان کيڏن ٿا. سنڌ حڪومت جو فرض آهي ته اهڙا واقعا ٿيڻ ئي نه ڏئي پر جڏهن ڪرپشن، سفارش ۽ اقربا پروري هر هنڌ سميت درسگاهن ۾ به هلندي ته پوءِ اهي واقعا روز جو معمول بڻجي ويندا آهن، درسگاهون جڏهن نياڻين کي تحفظ نه ڏينديون ته پوءِ انهن نياڻين ۽ سنڌ جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ واقعي کان پوءِ سنڌ حڪومت ڦڙتي ته ڏيکاري ٿي پر انهن ظالمن کي عبرتناڪ انجام تي نٿي پهچائي. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته درسگاهن کي رشوت کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ نياڻين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن والدين مان بيچيني ختم ٿئي.
ساگر بليدي/ڪراچي
آخر ڪيستائين اسان نياڻين جا لاش کڻنداسين؟
سنڌ جيڪا اڳ ئي تعليمي ميدان ۾ پوئتي آھي، خاص ڪري نياڻين جي تعليم بابت وري جيڪڏهن اتي تعليمي ادارن ۾ ھر ٿوري وقت کان پوءِ اسان جي نياڻين جا لاش لٽڪيل ملندا ته پوءِ والدين پنھنجين نياڻين کي تعليم ڪيئن ڏياريندا؟ اھڙي سنڌ جتي 70 سيڪڙو نياڻيون ان لاءِ يونيورسٽي جي تعليم حاصل نٿيون ڪن ڇو جو اھي عورتذات آھن وري اتي وري نوشين جھڙين نياڻين جا لاش ملن جيڪي الائي ڪيتريون آزيون نازيون ڪري والدين کي اعليٰ تعليم لاءِ اعتماد ۾ وٺنديون آھن ته پوءِ لازمي آھي ته ايندڙ وقت ۾ ھي چند نياڻين جي به تعليم بند ٿي وڃي، جيڪي پنھنجي محنت ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي جو رخ ڪنديون آهن. تعليمي ادارن مان لاش ملڻ ڪو نئين ڳالھ ناھي پر آخر ڪيستائين ايئن ھلندو؟ ڇا والدين پنھنجن گلن جھڙن ٻچن کي ان لاءِ تعليمي ادارن ۾ موڪليندا آھن ته انھن جا لاش ملن يا ھو ڪنھن پريشر، ڪنھن پريشاني، ڪنھن دٻاءَ جي ڪري آپگھات ڪن؟ تعليمي ادارا جتي ٻين جي زندگيءَ جي اھميت ٻڌائي ويندي آھي، جتي ٻين جي زندگيءَ کي بچائڻ جو هنر سيکاريو ويندو آھي پوءِ اتي شاگرد پنھنجي پاڻ کي قتل ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟ يا اھا حڪومت ۽ قانوني ادارن جي بيوسي آھي جو بنا جاچ جي نمرتا جھڙي سماجي خدمتگار کان ويندي نوشين جھڙي ھوشيار شاگردن جي قتل کي آپگھات جو رنگ ڏنو ويو، جيئن ادارن جي لاپرواهي کي لڪايو وڃي؟ نوشين جو قتل صرف ھڪ شاگرد جو قتل ناھي پر سنڌ جي شعور جو قتل آھي، سنڌ جي ايندڙ ھزارين نياڻين جي خوابن جو قتل آھي، جيڪو ڏسندي ئي قتل ٿي ويندو. جيڪڏھن والدين کي پنھنجين نياڻين جا ايئن ئي لاش کڻندا رھيا ته پوءِ اھو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ جا والدين پنھنجن ٻچن کي تعليم ڏيارڻ بجاءِ گھر ۾ ويھارڻ جي اوليت ڏيندا ۽ پنھنجي نياڻين جي تعليم تي صرف ان لاءِ پابندي وجھندا ته اھي اتي محفوظ ناھن.
حسن سومرو/ڪراچي
جمهوريت خريدڻ جا واقعا ۽ اليڪشن ڪميشن جو وڊيو تي نوٽيس!
اليڪشن ڪميشن تڪ اين اي 133 لاهور جي ننڍي اليڪشن ۾ پئسن عيوض ووٽ خريدڻ جو نوٽيس ورتو آهي، تڪ اين اي 133 ۾ ٻه وڏيو پارٽيون ميدان تي لٿل آهن جن ۾ تحريڪ انصاف جي ان تڪ کان ٻاهر ٿيڻ کان بعد مقابلو لڳ ڀڳ هڪ طرفو ئي هو پر سامهون آيل وڊيو ۾ مبينا طور تي (ن) ليگ قرآن پاڪ تي حلف وٺي ماڻهن کان ووٽ خريد ڪري پي ٽي آءِ کي اهو چوڻ جو جواز فراهم ڪيو آهي ته ماڻهو هميشه ايئن ئي اليڪشن کٽيندا رهيا آهن. جنهن ڪري اهي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين طرف ايندا. ووٽن جي خريداريءَ کان پهريان عوام به ماضي جي ڳالهين کي وساري چڪو هو پر تازو اهو واقعو عوام کي به اهو سوال ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي ته آخرڪار اهو ڪم ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ هڪ طرف اهي ٻئي پارٽيون اهو تاثر ڏينديون آهن ته انهن کي منصوبابنديءَ سان هارايو ويو جيتوڻيڪ اليڪشن کي بهتر انداز ۾ پنهنجي حق ۾ ڪرڻ انهن ٻنهي وڏين پارٽين کان سواءِ ڪو نٿو ڪري سگهي. پ پ پ ۽ (ن) ليگ هڪ ٻئي تي الزام به هڻنديون رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن ان وائرل ٿيل وڊيو تي نوٽيس ته ورتو ويو آهي پر اهو منطقي انجام تائين ناهي پهچايو ويو. تان جو مسئلا جنم وٺندا ۽ اهو سلسلو شروع ٿي پوندو، ان سان اليڪشن ڪميشن جي ساک به متاثر ٿيندي. واضح وڊيو اچڻ کان پوءِ هاڻي اليڪشن ڪميشن کي شفاف انداز ۾ ان ڪردار جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ کپي. پئسن ڏيڻ وارن جي پٺيان جيڪي هٿ آهن انهن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، تان جو اليڪشن جي ساک متاثر ٿيڻ کان بچي وڃي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
ٻيلو کاتو ڄامشورو عدالتي توھين پيو ڪري!‎‎
ملڪ ۾ دادگيري، طاقت جو غلط استعمال، ڏاڍ، قانون جي ڀڃڪڙي ھر بيورو ڪريٽ ڪري رھيو آھي پر سنڌي ۾ چوڻي آھي ھڪ گھر ڏانئڻ به ٽاريندي آھي، ڊي ايف او ڄامشورو  ڏائنڻ مان راڪاس بڻجي ٽارڻ واري ڳالھ وساري ويٺو آھي. عدالت واري قبضا ھٽائڻ واري حڪم جو انتھائي غلط فائدو وٺي قبضا مافيا کي عدالت جو ڊپ ڏئي“مٿي” پئسا ڏيڻ جو جواز ڄاڻائي سرڪار توڙي مافيا کي اکين ۾ ڌوڙ وجھي سنڌ مان نامي گرامي قبضاخور چونڊي انهن کي سٺي ۾ سٺي چوڪڙين جا جي پي ايس تصويرون موڪلي امپورٽ ڪري وڌيڪ قبضا مضبوط ڪرائي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي سري عام توھين ڪري، ڪروڙين رپيا ڇھ ماھي ڪمائي رھيو آھي. 10 ھزار ايڪڙ جي حساب سان ھزارين ايڪڙ زمين جي ڪيتري قيمت ٺھي ٿي؟ ڪٿي ورھائجي ٿي؟ اھا ملڪ جي حساس ادارن کي خبر ھئڻ باوجود ادارا خاموش ڇو آھن؟ ڊي ايف او ڄامشورو جيڪو سال ۾ ھڪ ڀيرو پنهنجي حد ۾ وزٽ ڪرڻ گوارا نٿو سمجھي اھو استنبول وڃي اتان عالمي ٽوئر ۾ دنيا جي مھانگين ھوٽل ڄامشورو جي ٻيلن جو پئسو ساڙي رھيو آھي. ان لاءِ سنڌ ۾ ماحولياتي بچاءَ جي تنظيمن، اينٽي ڪرپشن ڄامشورو کي گھرجي ته ڊي ايف او ڄامشورو خلاف عدالتي توھين ۽ ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪري کيس سخت سزا ڏياري وڃي.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
ڪورونا وائرس جو نئون قسم ۽ بچاءُ!
ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس جون تباهيون اڃا ختم ناهن ٿيون، پر اهو به آهي ته ويڪسين جا سڄي دنيا ۾ واضح نتيجا سامهون آيا آهن، ان باوجود ڪورونا وائرس جو اڃا تائين مڪمل خاتمو نه اچي سگھيو آهي، ڪورونا وائرس جو نئون قسم منظرعام تي اچڻ کان پوءِ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وائرس جو نئون قسم “اوم ڪرون” سڄي دني ا۾ ڦهلجي رهيو آهي، اهو پاڪستان ۾ ايندو تنهن ڪري ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ اسنا کي وڌ کان وڌ ويڪسينيشن ڪري ان خطري کي گھٽائڻو آهي، اين سي او سي جي هڪ اجلاس کان پوءِ صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڏکڻ آفريڪا ۾ جيڪو وائرس سامهون آيو آهي، اهو انتهائي خطرناڪ آهي ۽ ڪجھه ٻين ملڪن تائين پکڙجي ويو آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪيترن ئي هفتن کان وائرس جو ڦهلاءُ گھڻو گھٽ آهي جنهن جو ڪارڻ ويڪسينيشن آهي، خابرو اداري موجب هن نئين وائرس جا رڳو 10 کان 15 ڪيسن جي تصديق 3 ملڪن ۾ ٿي آهي پر رڳو ان ۾ ٿيندڙ تبديلين کي ڏسندي ماهرن کي خطرو آهي ته اهو قسم حملو ڪري سگھي ٿو، هن وائرس سبب سڄي دنيا ۾ هڪ نئين ڳڻتيءَ جي لهر پيدا ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري حڪومت ۽ ملڪي عوام کي گھرجي ته هاڻي سنجيدگيءَ سان احتياط ڪرڻو پوندو. ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، خاص ڪري حڪومت جي اها ذميواري آهي ته نئين وائرس بابت عوام کي آگاهه ڪيو وڃي پر هتي اڃا تائين ڪا به اثرائتي آگاهي مهم نه هلائي وئي آهي. اسان هن چٺيءَ وسيلي عوام کي عرض رکنداسين ته هن وبا کي جڏهن منهن ڏيڻو آهي ته اسان کي احتياط ڪرڻو پوندو، روايتي غفلت اسان کي ناقابل برداشت نقصان پهچائي سگھي ٿي.
غلام رحيم جوڻيجو موکار/مٺي
سنڌو تو ۾ ساھه اسان جو!‎‎
چي گويرا هڪ هنڌ لکيو هو ته “اها قوم ان وقت تائين ختم ناهي ٿيندي جيستائين ان قوم جا ماڻھو مري ويندا آھن پر اها قوم ان وقت يقينن ختم ٿي ويندي آھي جنهن وقت ان قوم جا نوجوان پنهنجي ثقافت وساري ڇڏيندا آھن.” ثقافت اها ناهي ته اسان صرف هڪ ڏينهن اجرڪ ٽوپي پائي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو ثبوت ڏئي پوءِ هٿ تي هٿ رکي ويهي رهون پر اسان پاڻ ۾ پيار، محبت، ٻڌي، اتحاد ڀائيچاري، ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت سان ايئن جڙيل رهون جو دنيا اسان جا مثال ڏئي. ثقافتي ڏينهن ملهائڻ وقت اسان کي ٻڌي ۽ اتحاد جو نڀاءُ ڪرڻ گهرجي جو اسان کي پاڻ تي بانور هجي ته اسان سنڌي ڪنهن کان گهٽ ناهيون، اسان دشمنن سان اک ۾ اک وجهي ڳالهائي سگهون. ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سان هڪ ته قوم جي نوجوانن جي جوش ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي ويندو آھي ٻيو ته ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سان ثقافتي هنر مند ماڻھن کي وڏو فائدو رسيو آھي. ڪيترائي بيروزگار هنرمند نوجوان روزگار سان لڳي ويا آھن. هن ڀيري پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سٿ پاران “سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو” جي سري هيٺ ثقافتي ڏينهن ملهايو ويو، سچ اهو آھي ته سنڌوءَ ۾ سڀني جو ساھ آھي. سنڌو ۾ پاڻي لپ هوندي آھي ته ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين مهاڻن جي مکن تي مرڪون هونديون آھن، سنڌو مهاڻن جي روزگار جو مک ذريعو آھي، سنڌوءَ ۾ ساڃاهه هوندي ته ڌرتي جا کيٽ، ٻيلا  ۽ ٻنيون آباد هونديون، ڌرتي جا ماروئڙا زمينون کيڙيندا ۽ کائيندا. ڌرتي سائو ويس ڍڪيندي، بربٽ ساوڪ سان سينگاريل هوندا. سنڌو تارو تار هوندو ته هر هنڌ گل گلزاريون هونديون. پاڻي آھي ته زندگي آھي. سنڌو ڌرتي ڌڻين جي جياپي جو سهارو آھي. اچو ته اهو وچن ورجايون ته سنڌو ۾ واري اڏامڻ اسان قطعي پسند نه ڪنداسين. سنڌوءَ جو پيٽ سڪل ڏسي اسان خاموش نه ويهنداسين. اسان پنهنجي گهر توڙي تر جي مستقبل جي معمارن کي تعليم ڏيارينداسين. اسان پنهنجي حقن لاءِ سندرا ٻڌي بيهنداسين، بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ ناانصافين خلاف جدوجهد جاري رکنداسين.
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
پوليس کاتي مان سياسي مداخلت ختم ڪيو!
سنڌ ۾ رهندڙ ھر طبقي جو ماڻھو پوليس جي ناڪارا ڪردار سبب پريشان آھي، پوليس پنهنجي طاقت سان ڪيئن ماڻهن کي ڪوڙن مقابلن ۾ مارڻ ۽ ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ماهر آھي، اڪثر چورن پاٿاريدارن ۽ وڏيرن جا يار آھن، پوليس جو پٽڪو هميشه سياسي ڀوتارن جي پيرن تي رکيل هوندو آھي ۽ وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن جا حامي ڀرڻ ۾ ھوندا آھن ۽ شريف طبقي يا سچ چوڻ واري جا ويري بڻجي ويندا آهن، اهڙي شاهدي سنڌ جو هر ماڻھو، ٻار ۽ بچو ڏيندو ته پوليس وارا انهن ڀوتارن، ميرن ۽ سياستدانن وٽ حاضري ڀريندا آھن. سنڌ ۾ ٿاڻان توڙي چيڪ پوسٽن تي مقرريءَ جا ڪيئن اگھه لڳن ٿا ۽ ڪھڙي نموني وڏي اگھه تي پوسٽون وڪامنديون آھن، ٿاڻي جي وڏي منشي کان وٺي ايس ايڇ او تائين حصو پتي هوندو آھي، منهنجو اهو مطلب ناھي ته پوليس کاتي ۾ سڀ ڪاريون رڍون آھن پر ان کاتي ۾ ڪجھه سٺا ۽ بهترين انسان پڻ آھن جن جو مقصد عوام جي جان مال جي حفاظت ۽  خدمت ڪرڻ آھي، اهي فرض شناس نه رشوت وٺن نه وري ڏين، ان ڪري اڪثر آفيسر وري پوسٽنگ لاءِ پريشان هوندا آھن پوليس آفيسرن جون مقرريون ميرٽ تي ٿيڻ گهرجن پوءِ بهتري اچي سگهي ٿي پر سياسي ڀوتار ڪڏھن به ايئن ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن اهڙا آفيسر رهندا ته پوءِ سياستدانن، وڏيرن ۽ رئيسن جي پوڄا ڪير ڪندو؟ انهن جي دهشت پوليس جي ئي ڪري آھي، اسان وٽ سياست زنده ئي پوليس جي ڪري آھي، جيڪڏھن پوليس کاتي مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي ته پوءِ اهي سياسي ڀوتار پنهنجي مخالفن خلاف طاقت جو استعمال ڪيئن ڪندا؟ ڪهڙي نموني ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي انهن کي  حامي ڀرڻ تي مجبور ڪندا ۽ ووٽ نه ڏيندڙ کي پڪڙائي چوري جهڙا ڪوڙا ڪيس ڪٿي داخل ڪرائيندا، پوءِ اهي سياسي ڀوتار ته سياست مان هميشه هميشه لاءِ نڪري ويندا.
جدا جاويد/ قبو سعيد خان
سنڌ سان گڏ ظلم سھندڙ سنڌ جو عوام !
سنڌ سموري سون آھي، جيڪا هزارين سالن کان موجود آھي، جنهن جي مٽيءَ ۾ به سڳنڌ ۽ هٻڪار من موهيندڙ آھي، سنڌ ڌرتي قدرتي نعمتن، وسيلن سان مالا مال، زرخيز، سرسبز ۽ شاداب آھي. سنڌ سونهاري ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اُپت ۾ به اڳڀري رهي ٿي، جنهن ۾ قدرتي نعمتون، معدني وسيلا جهڙوڪ ڪوئلو، گئس، تيل ۽ لوھ جهڙيون شيون پيدا ٿين ٿيون، جنهن جو سنڌ جي عوام کي ڪو فائدو نٿو رسي ۽ جنهن علائقي مان اهي شيون برآمد به ٿين ٿيون ان علائقي جي رهواسين کي ڪو به لاڀ حاصل نٿو ٿئي، ڇو ته ان جو سمورو سسٽم ڪارونهوار ۽ انهن شين کي ورهاست ڪرڻ به وفاق جي ور چڙھيل آھي، جنهن جي ڪري وفاق سنڌ جي معدني وسيلن سان هٿ چراند ڪري ٻين صوبن تائين رسائي ٿو، سنڌ جا حق غضب ڪري سنڌ جي عوام کي ھر سهولت کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته اُن حوالي سان سنڌ جي عوام کي ڪمزور ۽ لاچار بڻايو پيو وڃي. سنڌ جي عوام کي ڪنهن نه ڪنهن پروپئگنڊا وسيلي غربت جي چڪيءَ ۾ پيڙهائڻ جون ڪوششون تيز ڪيون وڃن پيون. وفاق هڪ پاسي سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضا ڪيون ويٺو آھي ته مٿان وري پاڻيءَ جي ورڇ ۾ به سنڌ کي نظرانداز ڪري پاڻي جو پورو پُنو حصو به نٿو ڏنو وڃي، زرعي پاڻي جو وقت سر حصو نه ملڻ ڪري مسڪين پورهيتن جو فصل نه ٿيڻ سبب سنڌ جا پورهيت، مزدور ۽ هاري فاقاڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھن.
انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ
سنڌ ثقافت ۽ عورت جو ڪردار!‎‎
ڪجھ ڏينهن اڳ نسيم نگر چوڪ تان گذرندي ٽريفڪ معمول کان وڌيڪ ھئڻ ڪري ڪجهه دير روڊ تي ترسڻو پيو، ان وچ ۾ منهنجي نظر ڀرسان گذرندڙ هڪ ثقافتي ريلي تي پئي، ڪجهه گاڏين تي بيٺي ثقافتي ڪپڙا پھريل نياڻين کي ڏٺم، جيڪي ان ماحول ۾ بلڪل اوپريون لڳي رھيون ھيون، ڪي ڊبل ڪئبن تي ته ڪي وري ويگو تي بيھي ماڊلنگ ڪندي نظر آيون، سنڌ جي ثقافت پنج ھزار سال قديم آهي، جنهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ نياڻين جو روڊن تي نچڻ ضروري ناهي، سنڌي ثقافت ته اسان جي رگ رگ ۾ رچيل ۽ سمايل آهي، ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تعليمي پروگرام ڪرايا وڃن، ليک لکيا وڃن، ناٽڪ ۽ ٽيبلا لکيا وڃن، سنڌي سماج جا مرد اڇو وڳو پائي اجرڪ اوڍي ٻاھر نڪري ٿو ته گھوٽ جو ڏيک ڏئي ٿو، حقيقت ۾ سنڌي ثقافت به اھا آهي، ڇا نياڻيون روڊن تي نڪري ثقافت ملھائينديون ته ثقافت بچندي؟ ڇا اھائي آزاد خيالي آهي؟ عورت جي آزادي محترمه بينظير ڀٽي جي شخصيت ۾ نظر نٿي اچي، بانو قدسيا جي لکتن مان (جن مان سڄي دنيا لاڀ حاصل ڪري ٿي) اھا عورت جي آزادي ناهي، فاطما جناح جي سجاڳي مان آزادي نٿي ڏسجي؟ سنڌ جي ڪرشنا ڪولھي آزادي جي مثال ناھي؟ سنڌ جي نازو ڌاريجو جو ڪردار جنھن بندوق کڻي پنھنجن حقن لاءِ وڙھڻ ياد ناھي؟ ڇا اسان سنڌي چادر جو مقصد وساري ڇڏيو آهي؟ منھنجي خيال ۾ عورت پنهنجي عزت ۽ تقدس بحال رکڻ لاءِ ڪجهه پابندين ۾ رھڻ ئي سٺي لڳي ٿي، عورت ذات کي پنهنجي بلند مان ۽ مرتبي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، ثقافت ته عورت جي وجود سان ئي زندھ آهي، عورت جي جدوجھد سان ئي زندھ جاويد رھندي.
سردار خاتون/حيدرآباد
زندان جي جھروڪن مان!
اڄ جيل جي سرڪل ون مان نوابشاهه جي سبزي منڊيءَ جو رهاڪو منهنجو پيارو دوست نوشاد علي چانڊيو آزاد ٿي ويو، نوشاد ۽ سندس مامون جھيڙي ۽ قتل جي ڪيس ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيا هئا، هن سان منهنجي دوستي ڪاري چڪر جي ٽي نمبر ڊويزن ۾ رهڻ دوران ٿي، هي اهائي ڊويزن آهي جتان جي کولين ۾ جيئي سنڌ جا دوست شبير ملاح، مظفر، نانگراج، سائين سرواڻ شاهه، سعيد گھانگھرو، قيوم ناريجو ۽ ٻيا به ڪجھه دوستن مون سان گڏ گھڻو وقت قيد رهيا، جڏهن جيل انتظاميه پاران ٽي نمبر ڊويزن جي کولين واري عمارت کي خطرناڪ قرار ڏئي خالي ڪرايو ويو ته اسان ٻنهي کي ٻه نمبر ڊويزن جي هڪ نمبر بيرڪ ۾ شفٽ ڪيو ويو. جتي تقريبن ڏيڍ سال کن اسين گڏ رهياسين، منهنجو کلڻو ملڻو اهو دوست جيڪو سڀني جو دوست هو، ڪورٽ ۾ ٺاهه ٿين کان پوءِ اڄ آزاد ٿي پنهنجي گھر روانو ٿي ويو. آزادي ڪيتري وڏي نعمت آهي ان جو اندازو آزاديءَ کان محروم شخص خاص طور قيدي ئي بهتر طور لڳائي سگھي ٿو. آئون جڏهن ٻاهر هئس ته ان وقت مون کي آزاديءَ جو صحيح قدر ۽ قيمت جو اندازو نه هو پر جيل ۾ اچڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته آزادي ڪيتري وڏي نعمت آهي. سچ پڇو ته ۽ سالن جي جيل ڪاٽڻ واري تجربي کان پوءِ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته آزادي دنيا جي سڀ کان وڏي نعمت آهي جيڪا جيتري به وڏي قربانيءَ ۽ قيمت تي ملي ان کي حاصل ڪري وٺجي. منهنجو دوست حيدر کوسو سچ چوندو آهي ته غلامي ڪهڙي به شڪل ۾ هجي بدصورت ۽ آزادي ڪهڙي به شڪل ۾ هجي خوبصورت آهي، هينئر جڏهن نوشاد علي چانڊيو پنهنجي گھر پهچي چڪو هوندو ته گھر ڀاتين سان ملندي هڪ ڀيرو هن ضرور نعرو هنيو هوندو ته آزادي زنده آباد.
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
اڄ راهب ٿيٻو سان ملاقات ٿي، هڪ دوست ٻڌايو هو ته راهب اُهو قيدي آهي جيڪو جڏهن ڪورٽ تاريخ تي ويندو هو ته 5 ضلعن جي پوليس حرڪت ۾ اچي ويندي هئي ته ڪٿي هن کي سنڌ جو عوام زوريءَ آزاد نه ڪرائي وٺي، هو پهريان به عمر قيد جي سزا ڪٽي ويو آهي، هاڻ وري ٻيهر جيل آيو آهي ۽ وري عمر قيد جي سزا وٺي پهتو آهي. اڄ مانيءَ کان پوءِ وڏو مزو آيو، جڏهن ته مون عيسيٰ ڪاتيار صاحب تي پيپسيءَ جو ڏنڊ لڳايو، ڪاتيار صاحب وڏا بهانا ڪيا پر مون ڪاتيار صاحب کي ماسٽر دانش جو قرضي ڪري ساٿين کي پيپسي پياري، هينئر سج لٿي جو وقت گذري ويو آهي ۽ 12 ربيع الاول يعني پياري نبي حضرت محمد مصظفيٰ ﷺ جي پيدائش جو وقت شروع ٿي ويو آهي، پوري دنيا جا مسلمان حصورﷺ جن تي ناز ڪن ٿا، دعائون جاري آهن، صلوات شريف پڙهي پئي وڃي. هينئر ساٿي ٽي وي ڏسي رهيا آهن ۽ مون کي فياض ۽ اسد جي ڏاڍي ياد اچي رهي آهي. کوليءَ جي در تي بيٺل چمبيليءَ جا گل شايد مون کي ڏسي مُرڪي رهيا آهن، جيڪي چانڊوڪيءَ ۾ اڃا سهڻا لڳي رهيا آهن. اڄ هر شيءَ ڪجھه وڌيڪ ئي حسين لڳي رهي آهي. اسين سڀ عيد ميلاد النبيﷺ ملهائي رهيا آهيون، گل، ٻوٽا، چنڊ، تارا، پکي، هر قيدي، ڪيڙا ماڪوڙا، مطلب ته ڪائنات جي هر شيءِ نبيءِ آخرالزمانﷺ جي آمد جي خوشيءَ ۾ آهي، دعا آهي ته اُن سُهڻي جي صدقي هميشه سموري ڪائنات ايئن ئي مُرڪندي رهي.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (18 آڪٽوبر 2021 رات جا 07:09 وڳا)