لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ تيزي سان سياسي صورتحال تبديل، تحريڪ انصاف جو پراڻو ناراض گروپ به متحرڪ،  اڄ اجلاس گهرائي ورتو، تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ پنجاب اسيمبلي جي 14 ميمبرن تي ٻڌل گروپ اڄ لاهور ۾ پنهنجو اجلاس سڏايو آهي، ناراض گروپ جي سربراهه غضنفر عباس ڇينا چيو آهي ته مستقبل جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ايندڙ حڪمت عملي تي به غور ڪنداسين، ذريعن موجب ناراض گروپ کي ماضي ۾ عثمان بوزدار به پرچائي چڪو آهي.