لاهور(م ڊ) پنجاب پوليس نجي گاڏين ۾ گن مين ۽ ذاتي اسڪواڊ گڏ رکڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. حڪومت  جي هدايت تي ڊي آءِ جي آپريشنز عابد خان لاهور ۾ پرائيويٽ گاڏين ۾ گن مين ۽ ذاتي اسڪواڊ رکڻ تي پابندي لڳائي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان گشت ڪندڙ اهلڪارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، غيرقانوني هٿيار رکڻ، نمائش ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته گاڏين تي پوليس لائٽ جي استعمال تي به پابندي هوندي، جڏهن ته ڪارن شيشن وارين گاڏين کي چيڪ ڪيو ويندو، قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. حڪومتي حڪمن تي عمل يقيني بڻايو ويندو.