پنجاب ڪابينا ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ جي سمري منظور ڪري ورتي

0
205
پنجاب ڪابينا ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ
پنجاب ڪابينا ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ جي سمري منظور ڪري ورتي

لاهور: پنجاب ڪابينا بندش پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي پابندي مڙهيل هئڻ واري حيثيت تبديل ڪرڻ جي سمري منظور ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب پنجاب جي گهرو کاتي وڏي وزير عثمان بوزدار جي منظوري کانپوءِ هڪ سرڪيولر ذريعي ڪابينا جي ميمبرز ڏانهن اماڻي هئي

ذريعن موجب پنجاب حڪومت سمري جي منظوري کانپوءِ هاڻي وفاق کي ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ جي سفارش ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري جي حق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 وزيرن جي حمايت گهربل هئي ۽ گهربل انگ ۾ وزيرن سمري جي حمايت ڪئي، پنجاب ڪابينا جي لکت ۾ سفارش ملڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت ايندڙ قدم کڻندي

حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ معاهدو ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين ٽي ايل پي جي 2000 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ ٽي ايل پي پاران سمورن شهرن مان ڌرڻا ختم ڪيا ويا آهن، تنهن هوندي به ٽي ايل پي جا ڪجهه ڪارڪن وزيرآباد ۾ اڃا موجود آهن