لاهور(م ڊ) پنجاب پوليس ڪانسٽيبلز، ليڊي ڪانسٽيبلز، سيڪيورٽي  ڪانسٽيبلز، ڊرائيور، وائرليس آپريٽر ۽ ٽريفڪ اسسٽنٽ ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو، ڊي آءِ جي اسٽيبلشمنٽ پنجاب پاران لاڳاپيل سربراهن کي خط موڪليو ويو. آءِ جي پنجاب جي حڪم موجب ڀرتين جا اشتهار به جاري ڪيا ويا، خط موجب ڀرتي لاءِ درخواست فارم 50 رپين ۾ دستياب آهن، آن لائن فارم پنجاب پوليس جي ويب سائيٽ تي هوندام فارم صوبي جي مختلف ضلعن جي ضلعي پوليس آفيسر پهرين نومبر کان پندرنهن نومبر تائين موڪلي سگهندا. درخواست فارم جمع ڪرائڻ لاءِ اسپيشل ڊيسڪ قائم ڪرڻ، اميدوارن کي فارم ڊائونلوڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائين تي ڊي آءِ جي آءِ ٽي، سي پي کي اطلاع جي هدايت به ڪئي وئي آهي. ڀرتي لاءِ عمر جي حد ارڙنهن کان ٻاويهه سال رکي وئي آهي، ٽريفڪ اسسٽنٽ جي ڀرتي ٽريفڪ وارڊن رول 2017، ايس پي يو لاءِ ڀرتي ايس پي يو رول 2017 جي تحت ٿيندي. ڀرتي بورڊز جا سربراهه شفاف ڀرتين لاءِ ذميوار هوندا، بورڊ سربراهه جسماني ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد اميدوارن کي ايندڙ مرحلي جي ڪليئرنس ڏيندا.