پليجاڻي (ن پ ا) پليجاڻي ڀرسان لورڙا ڦاٽڪ ڀرسان مال گاڏي جي بوگي پٽڙي ھيٺ لھي وئي، ريلوي انتظاميان ڪراچي کان لاھور ويندڙ ٽرينن کي حيدرآباد ريلوي اسٽيشنن تي روڪيو ويو، ڪراچي کان ماڇي ڳوٺ طرف مالي گاڏي وڃي رھي ھئي ته پليجاڻي ريلوي اسٽيشن جي لورڙا ڦاٽڪ وٽ مال گاڏي جي ھڪ بوگي پٽڙي تان لھي وئي، ريلوي انتظاميا پنجن ڪلاڪن بعد مال گاڏي جي بوگي ٽريڪ تي بحال ڪري ڪراچي کان لاھور ويندڙ ٽريڪ کي بحال ڪيو.