پشاور ۽ ڊيرا اسماعيل ۾ آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

0
109
پاڪستان جون هٿياربند فوجون پنهنجي وقار ۽ عزت کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جو عهد ڪن ٿيون:پاڪ فوج ترجمان
پاڪستان جون هٿياربند فوجون پنهنجي وقار ۽ عزت کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جو عهد ڪن ٿيون:پاڪ فوج ترجمان

پشاور ۽ ڊيرا اسماعيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائڻ دوران هڪ جوان به شهيد ٿي ويو

 آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز پشاور جي علائقي بڍبير ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو

فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد ماريا ويا، مارجي ويل دهشتگردن ۾ سميع الله عرف شينائي، سلمان، عمران ۽ حضرت عمر خالد شامل آهن

مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هئا، دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو

ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ به آپريشن ڪيو ويو

ڪلاچي ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ جوان شهيد ٿي ويو، لانس نائڪ محمد اعجاز خان بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي