پرڏيھي وزير جو سعودي سفير سان ملاقات دوران ويھڻ جو انداز، سوشل ميڊيا تي تنقيد

0
310

ڪراچي: پرڏيھي وزير جوسعودي سفير سان ملاقات دوران ويھڻ جو انداز، سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي آھي، مهمان ڏانھن پير ڦيرائي ويھڻ مهمان جي بي عزتي آهي، اهو انداز احترام جوڳو ناهي، سعودي سفير سان اتفاق سان ويهڻ کانپوءِ سعودي ۽ پاڪستاني شهري ناخوش ٿي ويا

 شاهه محمود قريشي جي سوشل ميڊيا صارفين طرفان رسمي ملاقات ۾ غير رسمي انداز اختيار ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي، سندس عمل کي ناپسنديده قرار ڏنو ويو آھي، سعودي سفير سان ملاقات دوران پاڪستاني پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ويهڻ جو انداز سعودي شھرين کي بھ نھ وڻيو، سعودي شهرين سوشل ميڊيا تي پاڪستاني پرڏيهي وزير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آھي

هڪ ناراض سعودي شهري سوشل ميڊيا تي لکيو ته اسان سعودين جي حيثيت ۾ اهو قبول نٿا ڪريون ته پاڪستاني پرڏيهي وزير پنهنجي طريقي سان سعودي سفير جي بي عزتي ڪري، جنهن طرح پاڪستاني پرڏيهي وزير ويٺو آهي ۽ مهمان جي منهن ڏانهن پير رکي سعودي جي توهين ڪري رهيو آهي

هڪ ٻئي سعودي شهري لکيو ته ميزبان شاهه محمود قريشي جو ويهڻ جو انداز احترام جي نشاندهي نٿو ڪري، سندس خيال آهي ته ڪجهه ماڻهن کي عربن جا ڪورس گهرجن ته جيئن کين مهمانن سان اخلاق ۽ حسن اخلاق سيکارجي، اسلام ايئن تعليمات نٿو سيکاري، سوشل ميڊيا تي تصوير شيئر ڪري شاھ محمود قريشي تي تنقيد ڪئي وئي آھي