پرين جي پنڌ جو پانڌيئڙو ڊاڪٽر نظير شيخ

0
578

جيتوڻيڪ ان ڏينهن اسان پاڻ سنڌ ڌرتيءَ جي سٻاجھي سپوت ڊاڪٽر نظير شيخ جي جسد خاڪيءَ کي مٽيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪري آيا آهيون، پر اسانجي هيءَ جيڪا دل آهي، سا ڄڻ مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ته هو اسانجي وچ ۾ نه رهيو آهي. هن جيڪي هزارين ماڻهن جي هجومن ۾ انقلابي گيت ڳايا هئا، سي هر وقت اسانجي ڪنن ۾ ٻري رهيا آهن.
اجهڻ کان مچڻ ۾ مزو ٿو اچي
جھجھڙ ٿي جيئڻ ۾ مزو ٿو اچي
ياهڙڪ هلو هو ڌيمان هلو هو.
پنڌ پري هو ڪير ڪري هو
واٽ اواٽي ڏيل ڏري هو
پوءِ به پرين جو پنڌ ڀلو هو
سچ ته هن پنهنجي پوري شعوري زندگي انهن ٻنهي انقلابي گيتن جي بنيادي اصولن موجب گذاري. هڪ ته “پرينءَ جي پنڌ ۾” هو هميشه هڙڪ هلندو رهيو، ٻيوته هو ننڍپڻ کان ويندي پنهنجي مرڻ گهڙيءَ تائين جھجھڙ ٿي جيئندو رهيو. هن پنهنجي ننڍپڻ ۾ قمبر شهر جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان ويندي، “گلن جهڙا ٻارڙا” ۾ قومي ۽ انقلابي گيت ڳائڻ، سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ طور دنيا جي انقلابن، انقلابي تحريڪن ۽ سياسي ادب جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ طور سنڌ ۽ ملڪ جي مظلوم ۽ محڪوم عوام جي قومي، طبقاتي ۽ جمهوري حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ، جنرل ضياءَ جي قهري مارشل لا جي خلاف سخت جدوجهد ڪرڻ، اينٽي ڪالا باغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي ۽ اينٽي ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي ۾ ڀرپور مزاحمتي ڪردار ادا ڪرڻ ۽ انکانپوءِ آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي سرپرست جي حيثيت سان ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ تائين ڀرپور کان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. “لوئي دين” جي مشهور نظم تي آخر تائين ڪاربند رهندي پنهنجي علم ۽ ذهن کي قوم جي امانت سمجهي ان جي حفاظت ڪندو رهيو.
“ياد رک! ته تنهنجو ذهن ۽ علم
تنهنجي قوم جون تو وٽ امانتون آهن،
متان انهن کي قوم ۽ وطن جي ويرين وٽ وڪڻي
ڪا نوڪري وٺين ۽ گيدي ٿي مرين.”
1987ع ۾ ڊاڪٽر نظير شيخ ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري حاصل ڪئي، ان دور ۾ ڪيترائي ڊاڪٽر وڃي سرڪاري صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿيا، ڪيترائي وڃي فوج ۾ ڪئپٽن ڊاڪٽر ٿيا ۽ ٻين وڃي ٻيا سرڪاري اعزاز حاصل ڪيا؛ پر هو ته پنهنجن ويڙهيچن سان وچن “قالوبلا” واري وقت ڪري چڪو هو. ڪنهن غريب سان پوليس جو مسئلو آهي، ته ڀڄي اچي وٽس پهچندو، ڪنهن مسڪين سان وڏيري جو مسئلو آهي، ڪنهن بيواهي انسان جو روينيو ۾ مسئلو آهي يا اسپتال، اسڪول يا يونيورسٽي جو هر قسم جي راهه خير ۾ هو اڳيان اڳيان هوندو. هو پنهنجي جوهر ۾ هڪ همدرد ۽ هڏڏوکي انسان هو.
ڊاڪٽر نظير شيخ جو سهڻو سڀاءُ، نيڪ نيتي ۽ زنده دلي هن جي شخصيت جا اهڙا عنصر هئا، جن هن کي سنڌ جو هردل عزيز سياسي، سماجي ۽ ثقافتي اڳواڻ بڻائي ڇڏيو هو. 15ڊسمبر 2019ع تي سندس وڏي ڌيءَ جي شاديءَ واري تقريب ۾ سنڌ جي سموري سياسي۽ سماجي قيادت جو ۽ علمي ۽ ادبي ڏاهپ جو هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ ان جو عمدو مثال آهي.
ان ڏينهن هو ڏاڍي خوش ۽ هشاش بشاش پئي لڳو، شايد ڪنهن جي بد نظر کيس کائي رکيو جو انکان تڪڙو ئي پوءِ کيس دل جو عارضو ٿي پيو ۽ کيس دل جو آپريشن ڪرائڻو پيو، اڃان ڪجھه عرصو ئي خير جو مس گذريو ته وري کيس کاٻي پير جو مسئلو ٿي پيو، نتيجي طور تي وري پير جي ان اڀاڳي آپريشن ۾ سندس آڱوٺو ۽ آڱر ڪٽي وئي.
هن اڃان اهي ڌڪ مس پچايا جو وري سندس اک جو مسئلو ٿي پيو ۽ ان جو آپريشن ڪرايائين. چوڏهن مهينن تائين هن کي مسلسل اڪيلو رکيو ويو، ڇو ته اها سندس صحت جي حوالي سان وقت جي اهم ضرورت هئي پر هيڏانهن به ڊاڪٽر نظير هو، روز ميلا مچائڻ ۽ محفلون سجائڻ وارو ڊاڪٽر نظير، جنهن کي دوستن کانسواءِ ڪٿي هو سڪون ۽ آرام ملڻ وارو!
هن چوڏهن مهينن تائين ڪراچيءَ جي اسپتالن ۽ گهر ۾ رهي هر بيماري کي مات ڏني ۽ جيئن حيدرآباد جي هوائن ۾ واپس وريو ته سندس دوستن جي هن کانسواءِ هن جي پنهنجي دوستن کانسواءِ نه سري سگهي.
16 اپريل 2021ع تي سندس ايڪهٺين سالگرهه هئي، دوست ڪيڪ ۽ گلن جا هار وٺي آيا، ڳائي وڄائي دوستن خوب محفل سجائي، ان کان اڳ ۽ پوءِ به دوست ايندا ويا هئا، نه ڄاڻان ڪنهن وٽان کيس نڀاڳي وبا ڪورونا کيس لڳي ۽ سندس ڦڦڙن ۽ ڇاتي کي ڪاپاري ڇيهو رسائي وئي ۽ نتيجي طور تي پنهنجي گهر ڀاتين کان سندن جاني (گهر ۾ سڏجندڙ نالو)دوستن کان سندن دادلو ، دلربا دوست ۽ سنڌ ڌرتيءَ کان سندس سٻاجھو ۽ سچو سپوت هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
ڊاڪٽر نظير شيخ جهڙا املهه هيرا اسان کان جسماني طور تي ته جدا ٿي سگهن ٿا، پر هو روحاني طور تي سدائين اسان سان گڏ هوندا آهن، جن جي لازوال قربانين ۽ جدوجهدن تي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جو عوام سدائين ناز ڪندو رهندو آهي.