سکر (بيورو رپورٽ) گرم گودي جي رهواسي معصوم نينگري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشان، ان ڏس ۾ سکر جي رهواسڻ 5 ورهين جي معصوم دعا ڌيءُ لياقت علي چوهاڻ گهر ٻاهران راند ڪندي گم ٿي وئي،  وارثن پوليس توڙي ايڌي کي به نينگري جي پراسرار گمشدگي جو اطلاع ڏنو آهي، معصوم نينگري جي پراسرار گمشدگي سبب سندس امڙ ۾ خاندان جا ٻيا ڀاتي سخت پريشان آهن.